مير عنايت علي خان ٽالپر........ اعظم ڀٽي

'تعارف' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مجموعي طور وڇڙڻ ۽ وسرڻ فطري روايت آهي پر ڪي فرد جڏهن عوامي ڀلائي وارن ڪمن کي خدمت جي سچي جذبي ۽ نيڪ نيتي سان سرانجام ڏيندا آهن ته اهي پنهنجي ان عمل، ڪم ، محنت ۽ جدوجهد وسيلي ملڪن، قومن ۽ تاريخ جو سرمايو بڻجي ويندا آهن، اهي اهڙي اداري جي حيثيت وٺي ويندا آهن, جو سندن ڪردار تاريخ جي صفحن ۾ سنهري لفظن سان ياد ڪيا ويندا آهن . ملڪ جي مجموعي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي، ثقافتي تاريخ ۾ ٽنڊو محمد خان جي املهه ڪردارن پنهنجي پنهنجي شعبي جي حوالي سان هڪ شاندار تاريخ رقم ڪئي آهي، جنهن کي وقت جي دز ميرانجهڙو نه ڪري سگهي آهي, ارڙهين هين صدي ۾ ٽکڙ جي علمي ۽ ادبي شخصيتن جون خدمتون محققن جي قلم جي مس مان مُرڪي تاريخ جي دڳ تي نروار ٿيل آهن، جيڪو سلسلو اڄ به ان ئي تسلسل سان روان دوان آهي، وقت جا وهڪرا ڀلي کڻي خاموش يا لِڪل هجن، ڀلي کڻي تاريخ جي کوڙ سارن ورقن تي جمود جي دز چڙهيل هجي، ڀلي کڻي محققن جون سوچون ۽ قلم تصديق جي تشبيهه جي لحاظ کان ماٺ هجن، پر خدمتن جي تاريخ جا اکين ڏٺا شاهد پُشت به پُشت موجود آهن، جيڪي منفي ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڪردارن کي هميشه ياد ڪندا آيا آهن، يادن جو اهو سلسلو خدمتن جا مينار جوڙيندڙ ڪردارن جي عظمتن جي محراب آڏو سر بسجود آهي، جدوجهد ۽ خدمتن جي تاريخ ۾ عوامي پذيرائي جا گُل ڪڏهن به منفي ڪردارن جي وجودن مٿان پيار جا پها نه رکي سگهيا آهن، عظمتن جي اهڙي پذيرائي صرف انهن ئي ماڻهن جي حصي ۾ آئي آهي، جن عوامي ڀلائي لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي، اکين تي اوجاڳن جون ڳاڙهيون پٽيون ٻڌي، صبح جي سج نڪرڻ واري لمحي جيان جوانمردي جهڙا مقابلا ڪيا آهن، اهي ڪردار جن بنا ڪنهن خوف جي, جدوجهد جا ميدان ماري مڃايا آهن، انهن کي اڄ به موتئي جي خوشبو جهڙن لفظن سان ياد ڪرڻ جي روايت برقرار آهي، اڄ به انهن کي ياد ڪرڻ سان گُلابن جهڙي خوشبوء من ۾ واسو ڪري ويهي رهي ٿي، يادن جي روايتن ۾ هميشه زنده رهندڙ اهڙن کوڙ سارن ڪردارن ۾ ٽنڊو محمد خان جي شاهواڻي ٽالپر خاندان جي چشم و چراغ محبتي انسان مير عنايت علي خان ٽالپر کي وسارڻ واري ڳالهه ان ڳجهارت جيان آهي، جنهن جي ڀڃڻي جو ڪو به ڏس پتو ناهي، مير محمد خان ٽالپر اول کان وٺي مير غلام شاهه شهيد تائين، مير الهه بخش خان ٽالپر ، مير سردار حاجي حسين بخش خان ٽالپر کان وٺي مير غلام علي خان ٽالپر تائين ، مير غلام علي خان ٽالپر کان وٺي مير اعجاز علي خان ٽالپر تائين شهواڻي ٽالپرن جي جانشيني واري تاج کي چار چنڊ لڳائيندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر جو ڪردار الاءِ ڇو مونکي مير خاندان جو اهو چنڊ محسوس ٿيندو آهي جنهن کي وقت کان اڳ گرهڻ لڳي ويو، وڇوڙو فطري عمل آهي ته وسارڻ به فطري روايتن جو حصو آهي, ڪي ماڻهو وڇڙي, وسري به ويندا آهن ته ڪي ماڻهو وڇڙڻ باوجود هڪ ناياب ياد بڻجي ويندا آهن, جيڪا دل جي دفتر تي هميشه دستڪ ڏيندي رهندي آهي, شاهواڻي ٽالپرن جي مجموعي مثبت روايتن جو امين، ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن سان بي انتها پيار ڪندڙ، محبت واري جذبي سان سرشار رهندڙ مير عنايت علي خان ٽالپر 14 جولاءِ 1952ع تي جنم ورتو ، سندس والد جو نالو مير اعجاز علي خان ٽالپر آهي. جيڪو نه صرف لاڙ جي شينهن جو لقب رکندڙ پر سنڌ جو سينيئر ترين سياستدان پڻ رهيو آهي، جنهن جي پاڇي ۾ سياست جي ميدان ۾ پانبڙا پائيندڙ ڪيترائي سياستدان اڄ به سنڌ جي سياست واري آسمان جا ستارا بڻيل آهن، مير عنايت ٽالپر مئٽرڪ سينٽ بونا وينچر مان ۽ انٽر پيٽارو ڪاليج مان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي. خانداني سياسي ورثي سبب پنهنجي ڏاڏي ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ، ون يونٽ جي سخت ترين مخالف سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي سياست کان متاثر ٿي, پنهنجي والد مير اعجاز ٽالپر جي تربيت هيٺ 1978ع ۾ سياست جي دنيا ۾ عشق ۽ ايمان جو وچن ۽ خدمت جو جذبو کڻي داخل ٿيو، مير عنايت ٽالپر سڀ کان پهريائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر چونڊيو ويو، 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران سندس والد مير اعجاز علي خان ٽالپر، سندس چاچن مير ممتاز علي خان ٽالپر ۽ مير مشتاق علي خان ٽالپر جي گرفتارين، ملڪ جي مختلف جيلن ۾ قيدو بند جي عقوبتن واري پريشان ڪُن ماحول سندس سياسي بصيرت ۽ قابليت کي وڌيڪ نکاري پُختو ڪيو ۽ هو جلد ئي 1985ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو، جنهن دوران 1986ع ۾ قومي اسيمبلي جي فلور تان ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي ڳڀروئن ۽ باندي بڻايل قومپرست ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ اُٿاريل سندس آواز اڄ به تاريخ جي للڪار بڻيل آهي، سندس اهو تاريخي آواز سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر پاران ون يونٽ جي مخالفت واري عمل جو تاريخي تسلسل ئي هو، جيڪو اڄ به سنڌ جي اتهاس جي گهٽين ۾ تاريخي حوالي طور ذهن نشين ٿيل آهي ته ڪيئن نه مير غلام علي خان ٽالپر کي ون يونٽ جي مخالفت سبب بيرحماڻي طريقي سان گرفتار ڪري مٺي جي جيل ۾ قيد ڪيو ويو هو. مير عنايت علي ٽالپر, وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينه ۾ وفاقي صلاحڪار مقرر ٿيو ته ان دور ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي رٿائن جو اهڙو ڄار وڇايائين جيڪو اڄ به افتتاحي تختين جي رُوپ ۾ شاهدين جا ڳاٽ اُوچا ڪري ٽنڊو محمد خان جي لاتعداد ڳوٺن ۽ آسپاس جي ننڍڙن علائقن ۾ براجمان آهن، هن آزاد حيثيت کان وٺي نون ليگ, نون ليگ کان وٺي پي پي پي شهيد ڀٽو گروپ, شهيد ڀٽو گروپ کان وٺي ايس ڊي اي تائين, ان کان علاوه مقامي سطح تي راڄوڻي اتحاد تائين سياسي شطرنج جا انيڪ پتا سياسي پاليسين طور اپنايا, مير عنايت ٽالپر 2005ع ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي جي مڪاني نظام وارين چونڊن ۾ سڄي ضلعي مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي, ٽنڊو محمد خان ضلعي جو پهريون ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ چار سالن جي ضلعي ناظمي واري دور ۾ ضلعي اندر ماضي جي تاريخ کان وڌي چڙهي ريڪارڊ تاريخي ۽ ترقياتي ڪم ڪرايائين . جنهن ۾ سوڪ سينٽر ، مير غلام علي خان ٽالپر پارڪ ، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پبلڪ پارڪ ، پبلڪ اسڪول ، ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال، ڊي سي ڪمپليڪس، جامع مسجد بي اينڊ آر ڪالوني، بوائز ڪاليج جي نئين سِر مرمت، بوائز هاءِ اسڪول جي نئين سِر مرمت، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي نئين بلڊنگ جي قيام، زيبيسٽ، لاتعداد ڪميونٽي سينٽرن، سميت روڊن، رستن ۽ اسڪولن جا ڪيترائي ميگا پروجيڪٽس شامل آهن، مير عنايت ٽالپر جي ناظمي واري دور ۾ هڪڙو منفرد ڪم اهو به هو جو هن شهر جي ڪجهه اهم تاريخي قبرستانن کي تحفظ جي چوديوارين سان محفوظ ڪيو، سي سي بي اسڪيمن وسيلي ٽنڊو محمد خان جي ڪجهه اهم ۽ وڏن قبرستانن کي چوديواريون ڏيارڻ واري ڪم جو بنياد ۽ روايت ئي مير عنايت ٽالپر جي شاندار ڪوششن جو ثمر آهي، جنهن سندس سياسي ڪردار کي وڌيڪ عوامي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو. سندس دور ۾ ضلعي جا سوين مقامي نوجوان بيروزگاري واري ڏانئڻ مان جان آجي ڪرائي روزگار سان لڳا، جن جي گهرن جا آباد چلها اڄ به سندس مغفرت لاءِ شمع بڻجي دعائن جي صورت ۾ قدرت جي آڏو ٻاڏائيندا نظر اچن ٿا. مير صاحب پنهنجي بزرگن جي خانداني روايتن ۽ تهذيبي حيثيت جو امين ۽ وارث هو. سندس طبعيت ۾ انڪساريءَ سان گڏ بلندي جهڙا آثار موجود هئا. هو نه فقط هڪ اعليٰ خانداني ۽ تهذيبي روايتن جو مجسمو هو پر ان سان گڏ هڪ مخلص ۽ ايماندار، اڻٿڪ، پختي واعدي جو مالڪ ۽ سماج سڌارڪ به هو، سياست کان هٽي ڪري کيس علم و ادب سان به گهري دلچسپي هئي. ان سلسلي ۾ سندس مثبت روايتن جي پوئيواري جو مثال هي آهي ته سندس ڏاڏي مير غلام علي خان ٽالپر، سنڌ جي نامور اديب غلام محمد شاهواڻي کي اۡتساهيندي کانئس ڪتاب “علمي خزانو” لکرايو هو . جيڪو ڪتاب مثنوي روم جو نثر ۾ ترجمو آهي ۽ ان جا ٽي جلد تيار ڪيا ويا هئا، ان ادبي روايت جي پيروي ڪندي مير عنايت ٽالپر “ ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر” نالي ڪتاب سينيئر صحافي ۽ شاعر مخمور مهيري کان تحرير ڪرايو هو، اها الڳ ڳالهه آهي ته ليکڪ موضوع سان نڀاءَ نه ڪري سگهيو پر اها ڪوشش ۽ همت مير عنايت علي ٽالپر جي بهترين ادبي خدمت ۽ مرهون منٿ جي ڪڙي ضرور آهي، جنهن ٽنڊو محمد خان جي تاريخ کي سهيڙڻ جو عملي طور شروعاتي پٿر اڇليو, جنهن مان سندس علمي ۽ ادبي بصيرت جو خوب اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هو موسيقي سان گڏوگڏ ثقافت سان به انتهائي پيار ڪندڙ شخص هو، اهو ئي سبب هو جو 2009ع ۾ پنهنجي ناظمي واري دور ۾ هن ٽنڊو محمد خان ۾ “سنڌ فيسٽيول” جو انعقاد ڪرايو، جنهن ۾ سنڌ جي تمام گهڻن ضلعن، ضلعي حڪومت واري سرشتي جي حوالي سان ڀرپور موٽ ڏيندي پنهنجا ثقافتي اسٽال لڳايا، ان سان گڏوگڏ ان فيسٽيول ۾ موسيقي جا پڻ بهترين پروگرام ٿيا. کيس موسيقي سان پڻ دلي لڳاءُ هو، مختلف وقتن تي فنڪارن جي پرگهور لهڻ لاءِ هو پنهنجي تلاءُ واري بنگلي تي موسيقي جون محفلون پڻ سجائيندو رهندو هو، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ پنهنجي قدرداني جا موتي پسيندا هئا. مير عنايت ٽالپر جو دسترخوان هميشه ڪشادو رهيو. سنڌ جي وڏن ماڻهن مان ڪي اهڙا ٿورا ماڻهو ملندا، جن جا دسترخوان پنهنجن توڙي پراون لاءِ هميشه ائين ڪشادا رهيا هجن، جيئن مير غلام علي خان ٽالپر جيان سندس هن پوٽي جا هئا. مير صاحب شڪار جو به شوقين هو. شڪار جو شوق سندس خاندان جي دائمي روايتن ۾ شامل هو، جنهن کي پڻ هن ان ئي شان سان برقرار رکيو. ان سلسلي ۾ وٽس ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهران مهمانن جا جٿا ايندا ويندا هئا. جيڪي مير صاحب جي مهمان نوازيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ واپس وڃي نه سگهندا هئا. هو سون جي چمچن ۾ کير پي محلاتن جي آسائش جا مزا ماڻي، لاڏ ۽ ڪوڏ سان پلجي وڏو ضرور ٿيو هو پر سندس مزاج ۾ وڏائي، هٺ، غرور ۽ تڪبر جو ڪڏهن به ڪو ننڍي ۾ ننڍو عنصر به ڏسڻ ۾ نه آيو، هو شاهي روايتن واري ماحول مان نڪري هميشه عوام جي دلين ۾ راڄ ڪرڻ جا سپنا کڻي روڊن ۽ رستن تي عوام سان گڏ سخت گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾ پيش پيش رهيو، ٽنڊو محمد خان ضلعي جي بحالي واري تحريڪ ۾ کيس لکين ماڻهن ائين پگهر ۾ شل ڏٺو هو, ان دوران هۡو هر وقت جدوجهد جي پاڻي سان وهنتل نظر ايندو هو، پوء اها ضلعو بچايو تحريڪ هجي يا ٻٽي مڪاني نظام خلاف جدوجهد هجي, 2013ع ۾ ضمني چونڊن جي ٿڪاوٽ ۽ شايد قدرت جي لکيي واري فطرت کيس وڏي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو, اهو امتحان سندس زندگيء لاء ڄڻ ته ناسۡور بڻجي پيو, حياتي جي بقا خاطر وڙهندي وڙهندي مير عنايت ٽالپر 7 سيپٽمبر 2014ع تي آچر جي ڏينهن گلي ۾ ڪينسر جي موذي مرض سبب 62 سالن جي ڄمار ۾ سنگاپور جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي دکدائڪ خبر ٽنڊو محمد خان جي هر شهري مٿان وڄ جيان ڪِري پئي، هر اک آلي نظر اچي رهي هئي، ڇو ته مير خاندان جو هي باصلاحيت فرد، هڪ منفرد شخصيت جو مالڪ ۽ عوام دوست انسان هو، جنهن جي نفيس من ۾ هميشه احساسن جو سمندر ڇوليون هڻندي نظر ايندو هو، 9 سيپٽمبر 2014ع تي سندس مڙهه سنگاپور مان آڻي ٽنڊو محمد خان ۾ سندس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس جنازي ۾ عوامي شرڪت جي ايڏي وڏي تعداد ثابت ڪيو هو ته هن عظيم شخص جو آخري سفر ٽنڊو محمد خان جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو آخري سفر هو. جيڪو عظمت جو رُتبو شايد ئي هتان جي ڪنهن سياستدان کي نصيب ٿيو هُجي. لکن جي مجموعي ۾ هر اک آلي نظر اچي رهي هئي, سندس سياسي مخالف به اهڙي مڃتا تي حيرت جي درياءَ ۾ ٻڏل هئا. کيس صرف هڪ نِياڻي جو اولاد ٿيو. ڏک ان ڳالهه جو ضرور آهي ته سندس ڪو جانشين اولاد نه هو, جيڪو سندس خدمتن جي ڇڏيل تاريخ کي تڪميل جي ڪنهن لاڀائتي دڳ تي پهچائي پر مايوسي جي انهن لمحن کي مات ڏيڻ لاءِ سندس مشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ شاهواڻي ٽالپر خاندان کي سپهه سالاري جو تاج پنهنجي سر تي ٻڌي، مير عنايت ٽالپر جي نقش قدم تي هلندي هن جي خۡواب کي محنت ۽ جدجهد سان عوامي ڀلائي لاءِ لاڀائتو ۽ فائديمند ثابت ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، شاهواڻي ٽالپر خاندان مان اها ضرورت يا کوٽ ڪير ٿو پۡوري ڪري, اهو ته ايندڙ وقت ئي بهتر ٻڌائيندو پر مير عنايت علي خان سان محبت ڪندڙ ماڻهن جو حلقو ساڻس جيڪو پيار ڪندو هو، اهو حلقو اڃا تائين به خوشحالي وارن سپنن جي ساڀيان جي انتظار ۾ اکيون وجهيو ويٺو آهي، جيڪي اميدون کين مير عنايت ٽالپر جي ڪردار مان وابسته هيون. مشڪل سفر ۾ ممڪنات جي حد کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، عوامي اميدن جا روشن سج اُڀارڻ ۾ سوڀارو ٿيڻ لاء ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي جا گۡڻ وڏي اهميت رکن ٿا, بس اهڙا گۡڻ اپنائڻ جي کوٽ اڃا موجود آهي, جنهن جو پورائو ڪرڻ لاء عمل, سوچ ۽ فڪر جا موتي ميڙڻا پوندا. جنهن فڪر جي موتين کي ميڙڻ لاء ٽنڊو محمد خان جي وارث شاهواڻي ٽالپر خاندان کي نه رڳو سنجيدگيءّ سان سوچڻو پوندو پر عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو, جنهن عملي ڪردار جي تاريخ ٻن صدين کان وڌيڪ ڄمار رکندڙ آهي.
    اعظم ڀٽي, ٽنڊو محمد خان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو