شهنشاهه همايون جي درياء پار ڪرڻ وارو رستو....... اعظم ڀٽي

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اسم خاص آريپوٽا هڪ ذات جو نالو آهي, آريءۡ جو اولاد آريپوٽا سڏجي ٿو, ماضي جو قديم تايخي 'آريپوٽا' ڳوٺ ۽ هن وقت جي ديهه, ان جي ڀرسان قديم ڳوٺ روڻاء جنهنکي جنرل هيگ ڳوٺ روشنائي ڄاڻايو آهي, سو ماڳ به موجوده وقت ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ديهه روشنائي جي نالي سان ديهه آريپوٽا سان لڳ آهي, موجوده وقت ۾ اهي ديهون بڻيل علائقا, جتي هاڻي صرف هڪ ته مٽيءّ جا دڙا آهن ته ٻئي طرف وري سائي چادر اوڍيل زمينون آباد آهن, سي تاريخ جي ورقن ۾ قديم ماڳ طور مشهور رهيا آهن, آريپوٽا جيڪو هن وقت درگاهه پير مدار شاهه وارو علائقو, يونين ڪائونسل قبولپور ,تعلقي بلڙي شاهه ڪريم ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ آهي, ديهه روشنائي سان گڏ آريپوٽا جو اهو ڦٽل قديم ماڳ سنڌوءّ جي ڇوڙ وارو علائقو رهيو آهي, ماضيءّ ۾ سنڌو درياءّ ان جڳهه وٽان وهندو هو, جنرل هيگ پهريون ليکڪ هو، جنهن سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي بابت پنهنجي ڪتاب ۾ ڇوڙ واري علائقي جي ڪُل ايراضي ڏهه هزار چورس ميل ڄاڻائي. ڇوڙ واري علائقي جو احوال سڪندر جي حملي واري دور کان شروع ڪري ان کانپوءِ وارن مختلف دورن ۾ ڇوڙ واري علائقي جي تاريخي ۽ جاگرافيائي صورتحال تي هۡن روشني وڌي آهي. جنرل هيگ موجب همايون بادشاهه ڀاڳوند هو، جو کيس سخت خطرناڪ ۽ ڏچي واري دور ۾ بيرم خان جھڙا سچار ۽ ڏاها ماڻهو به مليا. بيرم خان, شاهه حسين ارغون سان ڳالهين وسيلي پُر امن ماحول پيدا ڪرڻ ۾ شال ۽ قنڌار ڏانهن سلامتي سان نڪري وڃڻ خاطر سنڌ مان همايون بادشاهه لاءِ رستو گۡھريو هو. شاهه حسين ارغون به عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪندي سندس اها گھُر پوري ڪئي هئي. ڇاڪاڻ جو هن سمجھيو پئي ته اڏول ۽ خطرناڪ دشمن کي زوري هڪالي ڪڍڻ هاڃيڪار ٿيندو. تنهنڪري هن بيرم خان جي اهڙيءَ رٿ کي هڪدم قبول ڪيو ڇو ته هن همايون بادشاهه جي موجودگي کي سنڌ لاء خطرو ٿي سمجهيو، ان خطري کان نجات لاء هن اناج، نقد رقم، باربرداريءَ جو سامان به همايون کي مۡهيا ڪري ڏنو، ان کانسواءِ تاريخي ماڳ 'جوڻ' (جيڪو هن وقت ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ آهي) وٽان ريڻ دريا پار ڪرڻ واسطي هڪ پل به جوڙائي وئي هئي. شهنشاهه همايون هن پۡل تان 10 جولاءِ 1543ع تي پار اۡڪريو هو. کيس سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو اڃا به پار ڪرڻو هو. اڪرڻ واري جاءِ ”جوڻ“ کان ٻارنهن تيرهن ميل اتر اولهه طرف هئي. هاڻي ته اتي هر شيءِ سڪل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪو به اهڙو قديم آثار يا نشاني باقي ناهي بچي, جيڪا ان ماڳ جي قدامت واري تاريخ تان ڪو پردو هٽائي سگهي. جنرل هيگ جي آمد وقت درياهه جو اهو وهڪرو سورهن ميل اولهه طرف هليو ويو هو. همايون جي دور واري وهڪري جو پراڻو پيٽ گھڻو لٽيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنرل هيگ ئي همايون جي پار اۡڪرڻ واري اها جاءِ تاريخي حوالن مان ڳولي لڌي. هيگ لکي ٿو ته جوهر ۽ گلبدن بيگم، ٻنهي سنڌو واري رستي جو ذڪر ڪندي، بيان ڪيو آهي ته شهنشاهه همايون هلندو وڃي روڻاءِ Ronai نالي هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي شاهه حسين طرفان موڪليل هر شيءِ سندس انتظار ڪري رهي هئي. هاڻي انهيءَ نالي سان ڪوبه ڳوٺ موجود ناهي. پر گوني پرڳڻي (موجوده ٽنڊو محمد خان) ۾ روشنائي نالي هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو درياهه جي پراڻي پيٽ جي ساڄي ڪناري آباد آهي. ان ڳوٺ ويجھو پراڻا ٿرڙ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. شڪ نه آهي ته گلبدن وارو روڻاءِ Ronai ڳوٺ اهو ئي روشنائي نالي وارو ماڳ هجي. ٿي سگھي ٿو ته هن لفظ جي وچ وارو حصو اۡتارڻ واري کان لکڻ وسري ويو هجي. امڪان اهو به آهي ته متان ان عورت کان لکڻ ۾ غلطي ٿي هجي، پر هن ٿاڪ سڃاڻڻ ۾ ڪابه غلطي ڪانه ٿي آهي. ان لاءِ ٻيون شاهديون به ڏئي سگھجن ٿيون. تاريخ طاهري يا بيگلار نامي ۾ به حوالو موجود آهي. جنرل هيگ موجب مصنف يعني گلبدن بيگم جو ارغونن سان رويو دوستاڻو ناهي، سو شاهه حسين ارغون جي وفات بابت لکندي بيان ڪري ٿي ته: ”سنڌين جي بادشاهه ان جاءِ ويجھو وفات ڪئي هئي، جتان همايون بادشاهه درياء پار ڪيو هو. هتي هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، ته جنهن جاءِ تي شاهه حسين وفات ڪئي هئي، ان ٿاڪ جي ڀرسان ڪٿان همايون درياهه پار ڪيو هو. هن ارغون بادشاهه جنهن ڳوٺ ۾ وفات ڪئي هئي، تنهن جو نالو آري پوٽا Aaripota (هن ڳوٺ کي ڪن تاريخن ۾ غلطيءَ وچان علي پوٽا Ali Pota به لکيو ويو آهي) آهي، جيڪو اڃا به موجود آهي ۽ روشنائي ڳوٺ ڀرسان ٿرڙ کان پوڻا ٻه ميل کن پري ٿيندو. ڪنهن زماني ۾ آري پوٽا ڳوٺ درياهه جي ڪٺار سان هوندو هو. حقيقت اها آهي ته شاهه حسين ارغون ڪنهن ٿاڪ تي نه، پر ٻيڙيءَ تي وفات ڪئي هئي. تنهنڪري هاڻي پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته اها ڪهڙي جاءِ هئي، جتان شهنشاهه همايون قنڌار ويندي درياهه پار اۡڪريو هو، هيءَ حقيقت ان ڪري دلچسپ آهي، ته هڪ تاريخي واقعو هن ماڳ سان لاڳاپيل آهي. ان ڪري اسان ملڪ جي هن حصي مان 1543ع واري دور ۾ سنڌوءَ جي وهڪري جو سولائيءَ سان تعين ڪري سگھون ٿا. هاڻي کڻي جو انهن ماڳن تي اهڙا ڪي تاريخ جا رستا بڻيل آثار باقي ناهن رهيا, نه ئي دريا جي ڇوڙ واري ڪا نشاني نظر ٿي اچي, باقي انهن لٽيل علائقن ۾ هاڻي صرف ٺڪريون ۽ تاريخي مهڪ سان واسيل مٽيءّ نظر اچي ٿي , جيڪا برسات جي موسم ۾ وڌيڪ سۡڳنڌ ته پکيڙي ٿي پر ڀرسان رهندڙ مقامي ماڻهن کي اتان قديم سڪا, ٺڪراٺا ۽ ٻيون ڪي قديم نشانيون ملنديون رهن ٿيون, اهڙا ڪيئي تاريخي ماڳ سواليه نظرن سان ڪنهن قدر بحالي خاطر ڪنڌ کڻي بيٺل آهن, جن جي کوٽائي جي تمام گهڻي ضرورت به آهي ته ان قديم ورثي کي محفوظ ڪرڻ جي به وڏي گهۡرج به آهي. پر هڪ اهم ۽ وڏو سوال اهو آهي ته اهو سڀ ڪيئن ٿيندو ۽ ڪير ڪندو, من ۾ بس اها سٽ هۡرندي ٿي رهي ته " واڪا ڪرڻ وس مون, ٻۡڌڻ ڪم ٻروچ جو."
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو