جهروڪن مان جهاتيون ..... اعظم ڀٽي

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڪتاب جو تعارف
    مطالعي هيٺ ڪتاب "جهروڪن ۾ جهاتيون"ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراڙ پبليڪيشن ٽنڊي محمد خان جي سرواڻ پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي وڏا وڙ ڪري, ڏياري موڪليو, ڪتاب سائين غلام حسين رنگريز جي شاندار مضمونن جو مجموعو آهي. جيڪو ڪراڙ پبليڪيشن ٽنڊو محمد خان پاران جولاء 2021ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. ٻه سئو اٺ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ٽي سئو روپيه ڄاڻايل آهي. جنهن ۾ سوانح, لطيفيات, تاريخ, تنقيد, سياست, ثقافت سميت مختلف موضوعن تي ڇٽيهه مضمون شامل آهن, جن ۾ بهترين علمي, ادبي ۽ تاريخي اۡپٽار ٿيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي جو لکيل آهي. ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي ڪوٽيشن دل لۡڀائيندڙ, سبق آموز ۽ تاريخي ڄاڻ سان ڀرپور آهن, جنهن تي تفصيلي رايو, ڪنهن ڀيري ضرور لکبو, پر موجوده وقت ۽ حالتن موجب حوالي طور ڏنل ڪتاب اڳ به پڙهيل هو, جيڪو يقينن هڪ سياسي دستاويز آهي, جنهن جو هڪ ٽڪرو هتي ونڊ ڪجي ٿو:
    "سياست جي دنيا ۾ ميڪياولي جو نالو ڪنهن نه ٻۡڌو هوندو. هۡن جو مشهور ڪتاب " Prince" هڪ سياسي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو, جنهن جو سنڌيءّ ۾ "شهزادو" نالي تازو ڇاپو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. ميڪياولي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته "ڪامياب حڪمران لاء لۡومڙيءّ واري چالبازي ۽ بگهڙ وارا نۡنهن ضروري آهن", اهو ئي سبب آهي جو سياسي دنيا ۾ "ميڪياولي سياست" وارو اصطلاح ڪافي بدنام ٿي چڪو آهي. ڪنهن به هن حقيقت جي ڳولا نه ڪئي ته ميڪياولي اها ڳالهه سياست جي عام اصول طور ڪئي يا انهيءّ دور جي ملڪ اندر گهرو ويڙهه ۽ تڪرارن سبب پيدا ٿيل صورتحال تي ضابطي آڻڻ ۽ يڪجهتيءّ لاء اهو اصول پيش ڪيو." (صفحو 125 ۽ 126)
    اعظم ڀٽي, ٽنڊو محمد خان
     
    غلام رسول چانڊيو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو