فني تعليم جي اهميت ۽ دنيا ۾ وڌندڙ بيروزگاري!

'سنڌ سلامت ڊائونلوڊز' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    فني تعليم جي اهميت ۽ دنيا ۾ وڌندڙ بيروزگاري!
    (حبيب مرکنڊ)
    هنرمند انسان ڪنهن به قوم جو سرمايو هوندو آهي، بلاشبه! تعليم انسان کي شعور ۽ زندگي جا اهم طريقا سيکاري ڪري، معاشري جو قابل فخر انسان بڻائيندي آهي، پر انسان جيستائين تعليم ۽ شعور کي استعمال ڪري پنهنجي اندر ڪونه ڪو خاص فن يا هنر پيدا نٿو ڪري، تيستائين اهو پنهنجو انفرادي، اجتماعي، سماجي ۽ قومي فريضو صحيح طريقي سان ھرگز ادا نٿو ڪري سگهي. لفظ ”فني“ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”هنر يا ڪاريگري“ هڪ لوهار کان وٺي ڪري انجينئرنگ، زراعت ۽ صنعت جي عملي تعليم تائين ان جا قسم آهن. فني تعليم موجوده دور ۾ ڪاميابي جي اُها ڪنجي آهي، جيڪا هڪ قوم جي مستقبل ۽ حيثيت کي هڪدم تبديل ڪري سگهي ٿي. ٽيڪنيڪي تعليم ۽ تربيت انسان جي لڪيل صلاحيتن کي اڀاري ڪري ان سان معاشي طور تي هڪ خودمختيار ۽ مستحڪم فرد بڻائي ٿي، جو پنهنجي لاءِ روزگار حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اڄ دنيا جي سامهون وڏن چيلنجز مان هڪ بي روزگاري به آهي، ترقي پذير ۽ پسمانده ملڪن جا ماڻهو هن جو خاص طور تي شڪار ٿي رهيا آهن. جنهن جي وڏي وجهه صلاحيتن ۽ فني تعليم جي ڪمي آهي. هي دور ٽيڪنالاجي دور جو آهي ۽ هن وقت اهي ئي قومون ڪامياب آهن جن وقت تي ان جديد تقاضائن کان پاڻ کي آراسته ڪري ۽ وقت جي رفتار سان گڏ اڳتي وڌي رهيا آهن. جن ملڪن عدم توجهه جي ڪري هن دور جي انهن تقاضائن کي فراموش ڪيو، اهي اڄ معاشي، سماجي بحرائن جو شڪار آهن. جيڪڏهن صرف پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ورلڊ بينڪ جي هڪ رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 2010ع کان بي روزگاري ۾ مسلسل اضافو ٿيندو رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي موجوده رپورٽ مطابق 2021ع ۾ پاڪستان جي اندر بيروزگاري جي شرح ۾ 1.5 فيصد اضافو ٿيندو، جنهن جو ملڪي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. وڌيڪ مختلف بين اقوامي مالياتي ادارن جي عدد ۽ شمار مطابق سال 2021ع ۾ پاڪستان جي اندر بيروزگار ماڻهو 70 لک کان وڌيڪ ٿي ويندا ۽ هن ۾ سب کان زياده متاثر نوجوان هوندا. هن سبب جي برعڪس جيڪڏهن قومن جي تاريخ ۽ ان جي موجود صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته معلوم ٿيندو ته جن قومن تعليم تي خصوصي توجهه ڏئي اهي دنيا ۾ جلدي نمايان حيثيت حاصل ڪري قومن ۾ صف اول تي شامل ٿي ويون ۽ باالخصوص نوجوانن ۾ فني تعليم، تربيت ۽ صلاحيتن کي ترجيحي بنياد تي وڌائڻ وارا ملڪ معاشي ترقي ۾ ڪيتري قدر اضافو ڪري ويا ۽ اهڙا ملڪ ترقي پذير مان تري يافته ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿيا. مثال طور تي جاپان، چين ۽ ڪوريا اهڙن ملڪن ۾ سرفهرست آهن جن جا ماڻهو فني ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۾ ٻين ملڪن کان اڳتي آهن ۽ هي سبب آهي ته هي ملڪ فني ميدان جي هر شعبي ۾ ڇانيل آهن. ٽيڪنيڪي تعليم کي ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو ضامن قرار ڏنو ويندو آهي، جنهن ملڪ جا جيترا ماڻهو زياده هنرمند جا حامل آهن، اهي ملڪ معاشي طور تي ايترا ته زياده مستڪم ۽ مضبوط هوندا آهن. جيڪڏهن پنه۽ انهن ۾ وڌيڪ نوجوان وابسته آهن پر پاڪستان نجي پياري ملڪ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته فني تعليم جي شرح 4 کان 6 تائين سيڪڙو آهي. جڏهن ته ترقي يافته ملڪن جي فني تعليم جي شرح 66 فيصد تائين پهچي چُڪي آهي جهڙي ملڪ ۾ جتي جي آبادي اڍائي ڪروڙ مان 17 کان 23 سالن جا نوجوان آهن، فني تعليم جي شرح بمشڪل 6 سيڪڙو آهي. پاڪستان جي اندر هر سال لکن جي تعداد ۾ نوجوان ماسٽرز جي ڊگريون پوريون ڪندا آهن، پر فني تعليم ۽ تربيت جي طرف حڪومت جي عدم توجهه جي ڪري هي نوجوان ڪوئي خاطر خواهه روزگار حاصل نه ڪري سگهندا آهن، ٽيڪنيڪي هنرمندي ۽ وسيلن جي گھٽ هجڻ جي ڪري ڪجهه نوجوان اهڙا آهن جيڪي مڙئي سڙئي ڪاروبار شروع ڪندا آهن. اهڙن ڪارڻن جي ڪري اسان جو نوجوان نسل، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت هوندي آهي، مايوسي، بي همتي جو شڪار ٿي ڪري پنهنجي تعليم کان هٽي ڪري ڪنهن عام روزگار ڪمائڻ لڳي ويندو آهي، جيڪا تعليم يافته نوجوانن سان وڏي زيادتي آهي ۽ ملڪ انهن جي جوهرن کان محروم رهجي ويندو آهي، جيڪي انهن نوجوانن جي ڪوششن سان ملي سگهي، اڪثر نوجوان حالات کان تنگ ٿي ڪري اهڙن حالتن ۾ وڪوڙجي ويندا آهن جيڪي ملڪ جي معاشرتي بگاڙ جو سبب بڻجندا آهن، مثال طور تي منشيات، غلط دوستي ۽ ٻين خطرناڪ جراثيمن ۾ ملوث ٿي ويندا آهن. ان کان علاوه نوجوان جو ڪثير تعداد روزگار جي حوالي سان ٻين ملڪن جو رخ اختيار ڪندا آهن، جنهن سان ملڪ جا ذهين ۽ قابلِ فخر نوجوانن جو سفر شروع ڪن ٿا ۽ پنهنجي قابليت جنهن سان ملڪ جو نالو روشن ڪن ها، اها ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ جي صنعت ۽ تجارت کي وڌائڻ لاءِ اڳتي وڃي ٿو. موجوده دور ۾ درپيش مسئلن جو بهترين تدارڪ فني تعليم کي وڌائڻ آهي، جنهن لاءِ ضروري آهي ته صنعتي شعبي کي تعليمي ادارن سان گڏيو وڃي ۽ صنعت ڪارن کي هن ڳالهه جو پابند ڪيو وڃي ته تعليم مان فراغت حاصل ڪندڙ شاگرد ٽوڙي شاگردياڻي کي تربيت جي غرض سان مخصوص مدت لاءِ پنهنجي صنعت جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انهن کي جديد تقاضائن جي مطابق مڪمل تربيت فراهم ڪئي وڃي. هن سان نه صرف صنعت کي وڌارو ملندو پر ان سان نوجوانن کي قوت به ملندي ۽ نوجوانن کي روزگار جا بيشمار موقع به ملندا، جنهن سان بيروزگاري جي شرح ۾ ڪمي به گھٽ ٿيندي ۽ ان سان ملڪي معشيت تي به اثر ٿيندو ۽ ملڪ ترقي جي طرف به وڌندو. وڌيڪ ڊپلومه ڪورس، مختصر ٽيڪنيڪل ڪورس ۽ تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام هر سطح تي بيحد ضروري آهي، جنهن سان گھٽ تعليم يافته نوجوان به مستحڪم ٿي ڪري پنهنجي لاءِ بهترين روزگار جا موقع حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سان گڏ حڪومتي سطح تي ٽيڪنيڪي بورڊن جو قيام هن وقت جي ضرورت آهي ته جيئن موجوده تعليمي نصاب کي جديد دور مطابق تبديل ڪري تعليم جي هر شعبي ۾ تجرباتي تعليم ۽ فني تعليم کي وڌايو وڃي ۽ هر شاگرد کي تعليم جي مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ علمي طور تي مڪمل مهارت جو حامل هجي. ڪنهن به ملڪ جو نوجوان طبقو ذهانت، صلاحيت ۽ قوت ۾ معاشري جي باقي طبقن جي نسبت وڌيڪ اڳتي هوندو آهي. ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته انهن جي صلاحيتن کي وقت ۽ صحيح انداز سان استعمال ڪري ملڪ جي ترقي ۾ نوجوانن جي ڪردار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ نوجوان نسل کي موجوده دور جي تقاضائن جي مطابق جديد تعليم ۽ تربيت سان آراسته ڪيو وڃي.
    (روزاني سوڀ، روزاني عبرت، روزاني هلال پاڪستان ۽ روزاني جيجل اخبار ۾ ڇپيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو