سنڌي ادب جو ناميارو نقاد ۽ ڪھاڻيڪار هيرو شيوڪاڻي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌي ادب جو ناميارو نقاد ۽ ڪھاڻيڪار هيرو شيوڪاڻي الھاس نگر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

    پروفيسر هيرو ٽيڪمداس شيوڪاڻي سنڌي ادب جو محقق، بھترين استاد، ڪھاڻيڪار، نقاد، مؤرخ ۽ مترجم 6 جنوري 1935ع تي چوهڙ جمالي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ورهاڱي سبب سندس خاندان موجوده هندستان ۾ ايندڙ ڪڇ واري علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. هن بنيادي تعليم سنڌي، هندي ۽ انگريزي ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ بي. اي آنرس ۽ ايم. اي هنديءَ جي سند حاصل ڪئي، جنهن بعد آر. ڪي تلريجا ڪاليج، الھاس نگر، هندستان ۾ استاد طور فرض انجام ڏنا ۽ ساڳئي ڪاليج ۾ پرنسپال جي عھدي تان رٽائرمينٽ ورتي.
    هيرو شيوڪاڻي زندگيءَ جا چاليهه سال استادي پيشي سان وابستہ رهيو .انھيءَ عرصي دوران هن سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪندي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ ترويج لاءِ اهم ڪوششون ورتيون. هي مسلسل 10 سال ساهتيہ اڪيڊميءَ جي مرڪزي صلاحڪاري ڪميٽيءَ جو ميمبر بہ رهيو. ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ساهتيہ اڪيڊمي، مهاراشٽر جو بہ ڇھ سال ميمبر رهيو. سندس لکيل ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. بھترين ليکڪ هئڻ سان گڏوگڏ هو سنڌي ڪھاڻيءَ جو بھترين نقاد پڻ هو. ان کانسواءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ سندس سڃاڻپ سندس تحقيق ۽ ترجمو آهي. ’زندگي ۽ ڪئڪٽس‘ (1981ع) سندس بھترين ڪھاڻين جو مجموعو آهي، جنھن بعد سندس ٻيو ڪتاب ’جدت جو مفھوم ۽ سنڌي ڪهاڻي‘ جي عنوان سان آهي، جيڪو جدت جي لاڙن ۽ وصفن جي تشريح سان گڏوگڏ سنڌي ڪھاڻيءَ تي تنقيد جو بہ بھترين ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1975ع ۾ ڇپيو، جنھن بعد ’جائزو‘ 1982ع ۾ ۽ ’نقطہ نظر‘ 1992ع ۾ ڇپيو. انھن ڪتابن کان سواءِ سندس انتھائي اعلى درجي جي ڪاوشن ۾ ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ ۽ ’گورو پرسڪار‘ (Gaurava Puraskar) جا ڪتاب نھايت ئي اهم آهن. انهن ٻنھي ڪتابن جي اهميت کانپوءِ هيرو شيوڪاڻيءَ اعلى درجي جي محققن ۾ شمار ٿيو .’سنڌي ادب جي تاريخ‘ وارو ڪتاب دراصل ايل ايڇ اجواڻيءَ جي انگريزي ڪتاب(History of Sindhi Literature) جو ترجمو آهي، جيڪو شيوڪاڻيءَ کي ساهتيہ اڪيڊمي نيو دهلي طرفان ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هو، جيڪو هن 1997ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ ساڳئي سال ساهتيہ اڪيڊميءَ اُهو ڇپرائي پڌرو ڪيو. سندس ٻيو اهم ڪتاب ’گورو پرسڪار‘ بہ 2000ع ۾ گجرات سنڌي ساهتيہ اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪيو ويو. انھن ٻنھي ڪتابن ۾ سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ تي تبصرو ۽ تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جو مفصل احوال پڻ درج ڪيو ويو آهي. 2013ع ۾ سندس هڪ ڪتاب ’ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب‘ سنڌ ۾ ڪويتا پبليڪيشن طرفان ڇپايو ويو آهي، جيڪو پڻ تنقيد ۽ ان جي جديد لاڙن بابت آهي. ان کان علاوه سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب ’سچ بنام سوچ‘ سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. 2004ع ۾ سنڌ کان دوري جي ڪٿا ’گلابن جي ديس ۾‘ جي عنوان سان ’ڪرزما‘ رسالي ۾ پڻ ڇپيل اٿس. 30 جولاءِ 2021ع تي اُلھاس نگر (ممبئي) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    سندس ڪتاب "ادب جا معيار ۽ سنڌي ادب" سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهجي ٿو:

    https://books.sindhsalamat.com/book/1164/view
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو