سنڌ جي نقاش ۽ 4 مارچ جي هيري قاضي خضر حيات جو وڇوڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ جي نقاش ۽4 مارچ جي هيرو جو وڇوڙو

    ــ قاضي خضرحيات جوتعزيتناموــ

    ياسرقاضي

    سنڌ، ڪن فردن کي سندن انفرادي خدمتن جي ڪري سُڃاڻي ٿي، ته ڪن علمي ادبي گهراڻن کي ان ڪٽنب جي گهڻن فردن جي همه جهت خدمتن جي ڪري مان ڏئي ٿي. قاضي خضر حيات، جنهن کي سنڌ، هڪ ناليواري چترڪار، خطاط، ڪاشيگر، سِول انجنيئر ۽ 4 مارچ جي سنڌي شاگرد جدوجهد جي حوالي سان يادگار بڻيل قومي ڏهاڙي جي سپُوت طور سڃاڻي ٿي، پڻ اهڙي ئي خانوادي جو هڪ فخر لائق فرد هو، جنهن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ پنهنجو مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن جي تازَي وڇوڙي، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي حلقن کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.
    قاضي خضر حياتَ، ضلعي لاڙڪاڻي جي تاريخي شهر، رتيديري جي معرُوف علمي ۽ ادبي ڪٽنب ۾ سنڌ جي قادرالڪلام شاعرَ، تعليمدان، صحافيءَ، سماج سڌارڪ ۽ چترڪارَ، قاضي عبدالحيّ ’قائل‘ جي گهر، سندس پهريٺِي پُٽ جي حيثيت ۾ 12 اپريل 1945ع تي جنم ورتو . قدرت طرفان مسلسل اولاد ڏئي، ستت ئي واپس وٺڻ جي ڪري، هن ٻار جي پيدائش تي سندس نالو دعا طور ’خضر حيات‘ رکيو ويو، ته جيئن هُو خضري ڄمار ماڻي. اهو ”حيات“ سندس نانءَ سان اهڙو رچيو، جو کائنس پوءِ پيدا ٿيل سندس ٽن ڀائرن جي نالن سان به اها ئي نسبت ڳنڍي وئي. البته خضر کي ننڍپڻ ۾ پيار مان، گهر ۾ ’رانجهن‘ به سڏيو ويو. سندس امڙ کيس آخر تائين ان ئي نالي سان پڪاريندي رهي. قاضي خضر جو ڏاڏو، قاضي عبدالحق ’عبد‘ نه رڳو وڏو عالم هو، بلڪه عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ڄاڻُو ۽ شاعر به هو. قاضي خضر جو پڙڏاڏو، مولوي قاضي خوش محمّد، اعليٰ پايي جو عالم هو ۽ پنهنجي دؤرَ ۾ ’قاضي القضات‘ جي عهدي تي فائز رهيو هو، جنهن وٽ تعلقي رتيديري جي تاريخي ڳوٺ خيري ديري ۾ هڪ شاهڪار ڪتبخانو هو.
    قاضي خضر حيات، مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان 1968ع ۾ سِول انجنيئرنگ ۾ بِي .اِي. (بيچلرآف انجنيئرنگ)جي ڊگري حاصل ڪيائين. جنهن بعد ”ايم.آءِ .ايِ“ (ميمبر آف انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس) جِي سندَ پڻ ماڻيائين.گڏوگڏ مصّوريءَ جي فن سان چاهه هجڻ ڪري هن فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ڪئي. بعد ۾ قاضي صاحب، نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور مان ڪاشيگيريءَ (سيرامڪس) ۾ چترڪاريءَ جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو.
    قاضي خضر حيات، روزيءَ ۽ روزگار جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات، آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر طور ڪئي. ستت ئي هُو پنهنجي مادرِ علميءَ، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو . ان کانپوءِ هُو پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ، اين. اِي . ڊي. انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ، جتي ٽي سال نوڪري ڪري شاگردن کي تعميرات جي انجنيئرنگ پاڙهڻ کانپوءِ، شهيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جي چوڻ تي پهرين، ”پي.آءِ. ڊي. سي“ (پاڪستان انڊسٽريل ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن) پاران نئين ديري ۾ تعمير ٿيندڙ، لاڙڪاڻي شگر مل ۾، ’اسسٽنٽ انجنيئر‘ مقرر ٿيو ۽ چيني انجنيئرن جي سهڪار سان، کنڊُ جي هن نئين اڏجندڙ ڪارخاني جي تعميرات جي نگراني ڪيائين، جنهن بعد اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ ’انجنيئر‘ طور پنهنجيون خدمتُون انجام ڏنائين. ان کانپوءِ ميرپور ماٿيلي ۾ قائم ”پاڪ سعودي فرٽيلائيزرس ڪمپنيءَ“ ۾ ڇهن سالن تائين ’پراجيڪٽ انجنيئر‘ طور پيشاوراڻيون خدمتون انجام ڏنائين. تنهن بعد نوابشاهه ۾ قائم مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج ۾ ’ايگزيڪٽوِ انجنيئر‘ مقرر ٿيو. جنهن کانپوءِ هُو نوابشاهه جو ئي ٿي رهجي ويو ۽ نوابشاهه کي ئي پنهنجو مستقل مَسڪن بڻايائين. جڏهن هي ڪاليج (مهراڻ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج) 1996ع ۾ ڪاليج مان يونيورسٽي بڻجي، قائدِ عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديل ٿيو، ته قاضي خضر حيات ان جو پهريون ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘ مقرر ٿيو ، جتان 2005ع ۾ رٽائر ڪيائين. پنهنجي مستقل نوڪريءَ دوران کيس پنهنجي اعليٰ پيشاوراڻي لياقت سبب، مختلف کاتن پاران انهن لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ اصرار ٿيندو رهيو. جنهنڪري هُو مختلف سالن دؤران، ڊيپوٽيشن تي ’پاڪستان ايگريڪلچرل اسٽوريج اينڊ سروسز ڪارپوريشنز لميٽڊ‘ (پاسڪو)۽ پيپلز پروگرام ضلعي نوابشاهه جي ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘ طور پڻ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
    قاضي خضر حيات صاحب رٽائرمينٽ کانپوءِ به ورچِي نه ويٺو ۽ مختلف ادارن کي سِول انجنيئرطور پنهنجيون خدمتون ارپيندو رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ هُو ٽي سال ”اي .سي .اِي“ (ايسوسي ايٽ ڪنسلٽنٽ انجنيئرس) جي فَرم ۾ ’پراجيڪٽ انجنيئر‘ رهيو، جنهن تحت هن اسلام آباد ۾ ’حضرت بري امام ‘ جِي درگاهه جي نئين سر اڏاوت جي هڪ وڏي پراجيڪٽ جي سربراهه طور ڪم ڪرايو. اڄ بري امام جي اها نئين اڏيل مزار، قاضي صاحب جي انجنيئرنگ جي صلاحيتن جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي. هُو ڪجهه سال، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ڪجهه عرصو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو ’پراجيڪٽ ڊائريڪٽر‘ پڻ رهيو. وفات کان ڪجهه ورهه اڳ تائين، هُو نوابشاهه ۾ نئين قائم ٿيل ”شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ“ ۾ ’صلاحڪار‘ (ڪنسلٽنٽ) طور پڻ خدمتون انجام ڏيندو رهيو.
    قاضي خضر حيات جا سِول انجنيئرنگ ڊزائننگ بابت 1973ع کان 1978ع تائين ڪيترا ئي مضمُونَ ڇپجي مقبول ٿيا. اهي مڪاني سطح تي سنڌيءَ توڙي اردُوءَ ۾ انجنيئرنگ جي ڪرت متعلق لکيل پهريون تحريرُون چئي سگهجن ٿيون، جن سان انجنيئرنگ جي مقامي شاگردن جي رهنمائي ٿي. قاضي خضر شاعري به ڪئي ۽ ڪالم ۽ اسٽيج ڊراما به لکيا. هن نؤجوانيءَ ۾ ڪيترين ئي ناٽڪ منڊلين جي سرواڻي ڪندي، ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڊائريڪٽ به ڪيا ۽ انهن مان ڪجهه ۾ پاڻ اداڪاري به ڪئي. هڪ ڊرامي ۾ سندس ”پنهونءَ“ جو ادا ڪيل ڪردار گهڻو مقبول ٿيو. شاگرديءَ واري زماني کان هُو هڪ شعله بيان مقرر پڻ رهيو ۽ ڪاليج توڙي يونيورسٽي سطح تي پنهنجن ادارن جي ڊبيٽنگ سوسائيٽيز ۾ اهم عهدن تي فائز رهي، صوبائي ۽ قومي سطح تي پنهنجي تعليمي ادارن جي نمائندگي ڪندي، ڪيترا ئي انعام ۽ اعزاز پڻ ماڻيندو رهيو. هُو 1965ع کان 1967ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يُونين جو ’ڊبيٽنگ سيڪريٽري‘ رهيو.
    قاضي خضر حيات، آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪاشيگريءَ جي ميدان ۾ عالمي معيار جو ڪم ڪيو آهي. هُو پيدائشي مصوّر هو. کيس چترڪاريءَ جو فن ورثي ۾ مليو. هن آرٽ جا بنيادي سبق پنهنجي والد قاضي ’قائل‘ کان سکيا، جڏهن ته اڳتي هلي هُن، ان فن ۾ سنڌ جي ناميارن مصوّرن، ظفر ڪاظميءَ ۽ ع.ق. شيخ کان پڻ رهنمائي ورتي. ڪاشيءَ جي فن سيکارڻ ۾ هالا جو مشهور ڪنڀار، بارادي ارباب سندس استاد هو، جنهن پنهنجي خانداني روايتن کي ٽوڙي، پنهنجي ڪٽنب جي فردن کان ٻاهر ڪنهن کي ڪاشيگريءَ جو فن سيکاريو. قاضي صاحب، ڪاشيءَ جي گُهگُين ۽ پليٽن تي روايتي گُلن ڦُلن ۽ نقش و نگار کان هٽي ڪري، ان ۾ چترڪاريءَ جي مختلف صنفن، جهڙوڪ: پورٽريٽ، لينڊ اسڪيپ، اسٽل لائف ۽ خطاطيءَ (ڪيليگرافيءَ) کي متعارف ڪرايو. هن هالا جي ڪاشيگريءَ ۾ جدّت جا رنگ ڀري، ان کي ان جي اڳ ۾ قديمي وقت کان مُرّوج ٻن رنگن (گهري نيري ۽ فيروزيءَ) جي قيد کان آزاد ڪندي، ملتان ۽ گجرات جي ڪاشيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيءَ ۽ اتان جي رنگن سان هالا جي ڪاشيءَ تي ڪامياب تجربا ڪندي، مڪاني ڪاشيءَ کي هر حوالي سان گهڻ ـ رنگو ڪري پيش ڪيو. نه رڳو اهو، بلڪه هن جپان ۽ ٿائيلينڊ ۾ مروّج ڪاشيءَ سان ملندڙ جُلندڙ ”سيرامڪس“ جي ڪم تي پڻ تجربا ڪيا ۽ اتان جي صُراحين ۽ پليٽن کي هتي آڻي، ان تي نقش ۽ نگار چٽي، ان کي مڪاني بٺين ۾ پچرائي دلپزير نتيجا حاصل ڪري، سنڌ جي ڪاشيءَ کي شاهُوڪار بڻايو. کيس ”سنڌ جي ڪاشيءَ کي معراج بخشيندڙ ڪاشيگر“ چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن هالا ۽ نصرپور جي ڪاشيءَ کي روايتي ڍنگ مان ڪڍي، ان عالمي سطح تي بيهاريو، جتي سنڌ جي ڪاشي اڄ بيٺي آهي. اسلام آباد ۾ ثقافت جي واڌاري لاءِ ورهن کان قائم جڳ مشهور اداري، ”لوڪ ورثا“ پاران هر سال منعقد ٿيندڙ 10 ڏينهن واري لوڪ ورثا ميلي ۾ لڳندڙ سنڌ جي ڳوٺ (پويلين) ۾ شروع شروع ۾ اهو قاضي خضر حيات ئي هو، جنهن ڪشالا ڪٽي، هر سال پنهنجو ڪاشيءَ جو سامان ۽ فنپارا اُتي کڻي وڃي، ان ميلي ۾ اسٽال هڻي، سنڌ جي ڪاشيءَ کي متعارف ڪرايو. اڄ ان جو نتيجو سنڌ جي هنرمندن جي ان سرپرستيءَ جي صُورت ۾ نڪتو آهي، جو هر سال لڳندڙ ان ميلي ۾ ساڳئي ئي ”سنڌ پويلين“ ۾ هالا ۽ نصرپُور جي ڪاشيءَ جا 10 کان 15 اسٽال لڳندا آهن، جن ۾ ڪاشيءَ جا ٺهيل هر قسم جا ٿانو ٿپا وڪرو ٿيندا آهن. قاضي صاحب جي فنپارن جُون ڪراچيءَ، اسلام آباد، لاهور، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انفرادي توڙي اجتماعي (سولو ۽ گرُوپ) نمائشون منعقد ٿيون، جن ۾ سندس ڪم کي قومي توڙي عالمي سطح تي پسند ڪيو ويو ۽ مڃتا ملي.
    قاضي صاحب 81-1980ع جي شروعات ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج نوابشاهه ۾ ملازمت دؤران ڪاشيگريءَ جي پنهنجي تخليق ڪيل ڪم ۽ شاهڪارن کي گڏ ڪري، سهيڙي، هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه ۾ پنهنجي پُٽ جي نالي سان منسُوب، ’سڪندر آرٽ گيلري‘ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ تاحيات سرپرست ۽ خدمتگذار رهيو. قاضي صاحب پنهنجي سڄي زندگيءَ جي ڪمائي ۽ محنت هن آرٽ گيلريءَ ۾ خرچ ڪئي. قاضي خضر حيات جو پنهنجي اڪيلي پُٽ، سڪندر آفتاب سان پيار جو اهو معراج هو، جو هن پنهنجي پوري فن ۽ هر فنپاري کي پنهنجي پُٽ جي نالي منسُوب ڪري ڇڏيو. دنيا جو شايد ئي ڪو چترڪار هجي، جيڪو پنهنجن فنپارن تي پنهنجي نالي بدران پنهنجي پُٽ جو نالو ”سڪندر آرٽ“ ڪري لکي. هڪ تخليقي مصوّر جي طور تي هن سڪندر آرٽ گيلريءَ ۽ ان سان ملحقه پنهنجيءَ رهائشگاهه جي دروديوار کي به فنپارو بڻائي تخليق ڪيو. جنهن کي گهمندي توهان کي ڪٿي ڪنهن دريءَ يا روشن دان جي سِيخن سان ٺهيل گِرل ۾ ڪنهن ناريءَ جي تصوير جو عڪس نظر ايندو، ته ڪٿي ڪنهن ڏُڌ ولوڙيندڙ ڳوٺاڻيءَ جو، جنهن جي چوٽِي ڪندي پويان ٻي ناري به نظر ايندي. ڪٿي ڪنهن فرش تي ماربل جي ٽڪرن جي زيب زينت سان ”ڀلي ڪري آيا“ ۽ ”ويلڪم“ جي خطاطي نظر ايندي، ڪٿي ڪنهن شينهن جي شبيهه نظر ايندي، ته ڪٿي ڪنهن ڪمري جي چئني ديوارن تي لڳل هالا جي ڪاشيءَ جي چٽن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ان جي وچ ۾ لڳل سفيد دروازو به انهن ئي نقش و نگار سان آئل پينٽ سان سينگاريل نظر ايندو ۽ پهرين نظر ۾ ڀُل ٿيندي ته ڪٿي اهو دوارزو آهي يا انهن ئي ڪاشيءَ جي ٽائيلس جو تسلسُل! سندس اهڙن ئي فنپارن مان آرٽ گيلريءَ جي ڪار پورچ جي سامهون وارَي داخلي اڌ گول دروازي جي اندرواريءَ ڀت تي نصب ٿيل، لڳ ڀڳ 12 فوٽن جو ڊگهو، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ’موزئيق‘ سان ٺهيل عمودي، سائيڊ پوز پورٽريٽ به هڪ آهي، جنهن جو مختلف رنگن توڙي ماپ جو هڪ هڪ ٽڪرو، ذرو ذرو ڪري، ماربل جي ڪاريگرن سان پاڻ قاضي صاحب ويهي لڳرايو ۽ ان فنپاري جي تڪميل کانپوءِ ان جو نقاب ڪشائيءَ جي صورت ۾ افتتاح، 1989ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير، سيّد قائم علي شاهه کان ڪرايو. سندس آرٽ گيلريءَ کي، محترمه بينظير ڀٽو سميت عالمي توڙي قومي سطح جي اڪيچار سياستدانن، ثقافتي ۽ سماجي شخصيتن، مصوّرن ۽ عام ماڻهن ڏٺو ۽ پسند پئي ڪيو آهي ۽ سڪندر آرٽ گيلري، نوابشاهه جي هڪ مُک ثقافتي مرڪز توڙي گهمڻ جي جاءِ جي طور تي ورهن کان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي چُڪي آهي.
    قاضي صاحب، ’قاضي عبدالحيّ ”قائل“ اڪيڊميءَ‘جو سرپرستِ اعليٰ، ’مقصُود گل اڪيڊمي، سنڌ‘ جو صدر، ’مهراڻ ايجوڪيشنل ويلفيئر سوسائٽي نوابشاهه‘ ۽ ’ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه‘ جو ميمبر ۽ وقت بوقت صدر به رهيو. هُو ڳچ عرصو ’سچل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر‘ نوابشاهه جي ’پئرينٽس ٽيچرس ايسوسيئيشن‘ (والدين ۽ استادن جي سهڪاري تنظيم) جو اڳواڻ پڻ رهيو. قاضي صاحب جي فن کي مڪاني توڙي عالمي سطح تي وڏي موٽَ ۽ مڃتا ملي. کيس 1980ع ۾ ’امريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ‘ پاران ايوارڊ، 1984ع ۾ ’سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن‘ (سگا) پاران گولڊ ميڊل ۽ 1987ع ۾ لطيف ادبي اڪيڊمي سنڌ پاران گولڊ ميڊل ڏنو ويو. جڏهن ته کيس وزيرِاعظم پاڪستان پاران ٻه ڀيرا نقد انعام به ڏنو ويو. سندس تعارفي خاڪو ، عالمي سطح جي تخليقڪارن ۽ ڏات ڌڻين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 1988ع ۾ امريڪا مان نڪرندڙ ”هُو از هُو اِن دي ورلڊ“ ۾ ۽ 1989ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيندڙ ”انٽرنيشنل ليڊرس اينڊ اچِيومينٽس“ جي ٻئي ايڊيشن ۾ سندس تعارف خاص اهميت سان شايع ٿيل آهي.کيس سچل سرمست جي بيتن جي مصوّراڻي عڪاسي ڪرڻ جي مڃتا ۾ سال 2000ع ۾، حضرت سچل سائينءَ جي عرس مبارڪ جي موقعي تي، ”سچل ايوارڊ“ ڏنو ويو. اتفاق سان ساڳئي ئي سال سندس ننڍي ڀاءُ، مقصود گل کي پڻ ”بهترين شاعر“ طور ”سچل ايوارڊ“ ڏنو ويو هو. جڏهن سنڌ جي تڏهوڪي گورنر، محمّد ميان سُومري ٻنهي ڀائرن کي سچل ايوارڊ ڏنو پئي، ته هن چيو ته :”اها منهنجي خوشقسمتي آهي، جو هڪ ئي گهر جي سچل جي ٻن خدمتگذارن کي مان پنهنجن هٿن سان ايوارڊ پيو ڏيان. اهو موقعو ٻئي ڪنهن جي حصي ۾ ورلي اچي!“
    قاضي خضر حيات، پنهنجي يونيورسٽيءَ جي شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگرد سياست ۾ به ڀرپُور بهرو ورتو ۽ انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ پڙهڻ دؤران، ون يُونٽ جي ڪاري دؤر ۾ پيش ايندڙ بدقسمت، 4 مارچ 1967ع جي شاگرد سياست جي اهم واقعي ۾ مزاحمت جو ڪردار ادا ڪندي، ان وقت جي مشهور شاگرد اڳواڻن، يوسف لغاريءَ، عبدالرحيم سمي، مسعود نورانيءَ، يوسف ٽالپر، مجيب پيرزادي، مسعود پيرزادي، اشفاق ميمڻ، اعجاز قريشيءَ، لياقت جتوئيءَ، منوّر ميمڻ، مظفّر حسين شيخ، آغا زاهد، رفيق صفي، شريف ميمڻ، آفتاب اسراڻ ۽ ڄام ساقيءَ جي ساٿ ۾ باندي بڻجڻ جو شرف پڻ ماڻيو ۽ سنڌ، قاضي خضر حيات کي ”چوٿين مارچ جي هيرو“ طور به ڏٺو ۽ ياد ڪري ٿي.
    پنهنجي والد ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کانپوءِ، قاضي خضر حيات جُون ٻه شخصيتون ’رول ماڊل‘ رهيون. جن مان هڪ سندس استاد ۽ سنڌ يُونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري جو اڳوڻو پرنسپل، ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان (ڊاڪٽر اي. ڪيُو. ڪي. افغان) ۽ ٻيو ناميارو تعليمي ماهر ۽ ”سنڌ جو سرسيّد احمد خان“ سڏجندڙ ـ ايڇ ايم خوجه هو. قاضي خضر حيات، ننڍن وڏن ڪيترن ئي رسالن، مخزنن ۽ سووينيئرس جي ادارت جون ذميداريون انجام ڏيڻ سان گڏ، ٻن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي. جنهن مان هڪ ڪتاب، سنڌ جي عظيم تعليمدان، ايڇ. ايم. خوجه جي زندگيءَ ۽ سندس تعليمي خدمتن بابت لکيل آهي، جيڪو 2013ع ۾ شايع ٿيو ۽ ٻيو ڪتاب، سندس آتم ڪٿا ”جهاڳيو مُون جهان“ آهي، جيڪا تازو ئي 2020ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي فني ۽ پيشاوراڻي زندگيءَ جا تجربا قلمبند ڪيا آهن. هي ڪتاب هڪ جاکوڙي انسان جي پوتا ميل آهي، جنهن غريب گهراڻي ۾ جنم وٺي ايمانداريءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪاميابيءَ جون منزلُون طئي ڪيون ۽ پنهنجي شعبي جي هر فرد لاءِ مثال بڻيو.
    سنڌي ثقافت جي هن باصلاحيت ۽ اعليٰ پايي جي خدمتگار، سنڌ جي نقاشَ، چئن نياڻين ۽ هڪ پٽ کي سوڳوار ڇڏي، 76 ورهن جي ڄمار ۾، مختصر علالت کانپوءِ، جمعي جي مبارڪ ڏينهن، 16 جُولاءِ 2021ع تي، نوابشاهه ۾ پنهنجو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڇنڇر، 17 جُولاءِ تي قاضي احمد روڊ، نوابشاهه تي واقع شهرِ خموشان ۾ مٽيءَ حوالي ڪيو ويو.
    هن عظيم انسان، پنهنجي پيشاوراڻين توڙي فنّي خدمتن جي ميدان ۾ اهي مخلصاڻيون ۽ معياري خدمتون انجام ڏنيون آهن، جنهن ڪري کيس سنڌ ئي نه پر پاڪستان جو فنّي توڙي ثقافتي مانڊاڻ آسانيءَ سان وساري ڪونه سگهندو.

    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺِي
    وڃي ڀُونءِ پيٺِي، ساريندي کي سڄڻين


    djyasirazi@yahoo.com

    (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ اڱاري، 20 جُولاءِ 2021ع تي ڇپيل)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو