"شاھ جو اعلي مقام" ڪتاب جو تحقيقي جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    "شاھ جو اعلي مقام" ڪتاب جو تحقيقي جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر گروءَ جي پار،
    هوائون هنگلاج ڏي، ويندي سڀ وسار،
    نانگا ناٿ نهار، سامي وڏيءَ سڪ سين. ( شاھ لطيف )
    "شارپ" جو تحقيقي تجزيو آهي ته : "آساني پيدا ڪرڻ جو راز ان ۾ آهي ته ننڍين ننڍين شين کان پريشان نه ٿيو ۽ ننڍن ننڍن مزن کي حاصل ڪريو، ڪاش وڏيون خوشيون ۽ مزا ملي سگهن."
    چوڻ جو حاصل مطلب اهو آهي ته "شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سر زمين جي هر شيءَ جو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو. تڏهن ته سر تال جي تندن جي سائي ۾ فن، فڪر، فلسفي کي تاريخي امرتا بخشي آهي جا صدين تائين امر رهڻي آهي".
    ساڳي گس تي غلام شبير پراهين به آهي جنھن لطيفيات جو سرسري جائزو وٺي" شاھ جو اعلي مقام "ڪتاب جي صورت ۾ ادب جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو. ڪتاب جا مددي حوالا 318 آهن ۽ ڪتاب 366 صفحن تي مشتمل آهي، وڏي مهارت سان غلام شبير پراهين هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي انمول فڪرا لطيفيات جا هڪ هنڌ ميسر ڪيا آهن. هن ڪتاب جي خوبي اها به آهي ته، جنهن شخصيت کي ڪوٽ ڪيو ويو آهي ان جي پيدائش ۽ وفات کي هجري ۽ سن واز طور تي پيش ڪيو آهي. ڄڻ هڪ تاريخ ۾ ٻئي تاريخ پیشِ ڪئي وئي آهي. غلام شبير پراهين جيڪي به فڪرا لطيف سائين لاءِ مختلف شخصيتن جا پيش ڪيا آهن سڀ جا سڀ اتساھ جو سبب آهن. اداري جو نوٽ ڊاڪٽر آفتاب لکيو آهي. لکي ٿو ته : "لائق ليکڪ وڏي محنت ۽ جستجو سان ذڪر ڪيل اديبن ۽ عالمن جي ڄم ۽ وفات جا مستند سن ۽ تاريخون پڻ ڏنيون آهن، پنهنجي جاءِ تي اهو به وڏو تحقيقي ڪم آهي، جيڪو غلام شبير پراهين سر انجام ڏنو آهي. "
    ڪتاب جي ارپنا "شهنشاھ لطيف جي همعصر بزرگ "جو کيڙي سو کائي" جو نعرو هڻندڙ صوفين جي سرواڻ حضرت شاھ عنايت شھيد( جھوڪ شريف)واري جي نان ٿيل آهي" . فتح وري به عاشقن جي حصي جو شان آهي، جدوجهد عاشقن جي ورثي ۾ ازلي شامل آهي. جيئن لطيف سرڪار فرمايو آهي :
    آءُ اوراهون سپرين! ڏکِيءَ ڏيج مَ ڏاگهه،
    وَٽِ ڇَڏي مُون واگھ، آري! وئين عشق جو.
    (سر سسئي آبري )
    ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري شاعر، محقق ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر احسان دانش لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو ته :" ايڪويهين صدي جي انسان کي حباب واري حياتي نه گهرجي، جيڪڏهن اسان کي بحيثيت قوم دنيا جي سيني تي دائميت واري مُهر ثبت ڪرڻي آهي ته ان لاءِ مهارت جا رستا کولڻا پوندا ۽ پنهنجن فخر لائق ڪردارن کي دنيا اڳيان آڻڻو پوندو ۽ ثابت ڪرڻو پوندو ته اهي هن تهذيب ۽ ثقافت جي ڪک مان جنم وٺندڙ اهڙا انسان آهن، جن تي سڄي دنيا ناز ڪري سگهي ٿي. شاھ لطيف هن ڌرتي جو هڪ اهڙو ئي املهه انسان آهي، جنهن جو بين الاقوامي فڪر يقيني طور سڄي عالم لاءِ رهنمائي ٿي سگهي ٿو".
    شاھ جي نظر تاريخ جي نبض تي آهي، تڏهن ته قومي وجود جو احساس هن ريت بيان ڪيو آهي.
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.
    ڪتاب تي ٻه اکر سنڌ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر شير مهراڻي به لکيا آهن. لکي ٿو ته :" غلام شبير پراهين اهو ڪم ڪيو آهي، جيڪو عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، بلڪه جنهن تحقيقي انداز سان هن اهو ڪم ڪيو آهي، اھڙي نموني تي ته اڄ جي يونيورسٽين ۾ به ورلي ڪم ٿيندو هوندو. هيءُ ڪتاب پڙهي مون کي تمام گهڻي سرهائي ٿي آهي".
    سَمَرُ جنين نه ساڻ، ھوت حماتي تن جو،
    ڪري ڇيڄ ڇپر ۾، پنھون ايندو پاڻ،
    ٿيندي ريجه رهاڻ، لحظي منجهه لطيف چئي.
    لطيف سائين جي ٻولي، ڌرتي ۽ ثقافت سراپا سچ آهي، تنهن ڪري لطيف سرڪار جي شاعري ڌرتيءَ جي وڪيل بڻيل آهي، جيڪو پڙهي ۽ ٻڌي ٿو تنهن کي لطيف سائين ھر منظر ۾ پنهنجو ٿو محسوس ٿئي ٿو بس فرق سوچ جو آهي جنهن جي سوچ جتي ٽڪاءُ ڪري . تڏهن ته آريه ڊاڪٽر لال بخش نائچ لکي ٿو ته :حاليه سنڌ ۾ شاھ لطيف ڀٽائيءَ تي ھيٺيان طبقا ڪم ڪري رهيا آهن :
    "هڪڙا سنڌي ادارا، شاعر ليکڪ ۽ اديب.
    ٻيا چور اديب ۽ شهيدن ۾ آڱر وڍرائڻ وارا.
    ٽيان واقعي شاھ لطيف جا عاشق ۽ ان جي ڪلام مان حاصلات، نصحيت حاصل ڪندڙ، جن جو تعداد تمام ٿورو آهي، مالي طرح به خوشحال نه آهن بلڪه شاھ جي عشق ۽ محبت ۾ ھميشہ سرگردان نظر اچن ٿا. "
    حافظ شيرازي به اهڙي ڳالھ هن ريت ڪئي آهي.
    شهر خاليست زغشان بود نجر طرفي،
    مردي ازغيب برون آبدوڪاري بڪند.
    ترجمو :" سڄي شهر ۾ ڪو عاشق ڪونه رهيو آهي، هاڻي ايئن ٿئي جو غيب مان ڪو مڙس اچي ۽ ڪم ڪري."
    مرد قلندر اهي آهن جن تاريخ ۾ پاڻ ملهايو آهن .
    مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب تحفہ الڪرام ۾ جنهن اولين لطيف سرڪار جو تعارف ڪرائيندي چيو آهي ته :" شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو زماني ۾ ولايت ۾ ڪو مٽ ڪونه آهي، سندس اچرجن جا آثار ۽ سندس ڪرامتن جون ڪهاڻيون سج کان به وڌيڪ ظاهر آهن."
    حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي جو لطيف سرڪار لاءِ انس هن ريت آهي ته :" حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي پنهنجي گفتگو ۾ شاھ لطيف کي ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي کي سڪ سان ياد ڪندا هئا ۽ سندن بيت محبت سان پڙهندا هئا، ملفوظات شريف ۾ شاھ سائين جا اهڙا ڪافي بيت آهن، جيڪي ڇاپي رسالن ۾ به موجود نه آهن."
    رچرڊ برٽن جو عقل حيران آهي، لکي ٿو ته : پڙهيل لکيل شاهه جي شاعريءَ جي تعريف ڪن ٿا ۽ تنبوري تي ان جي جهونگار جا مداح آهن، حد ته اها آهي ته اڻ پڙهيل به سندس شاعري جا ڪجهه حصا دل سان ياد ڪن ٿا، انهن جي معني هٿ ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍن ٿا."
    لطيف انسانيات جي دردن جو طبيب آهي ، سائين وٽ ڪابه شيءِ ناڪاره ڪونهي، همت افزائي، محبت، پيار سان سرشار ۽ خوف جو ويري آهي،هيڻي جو دلربا دوست آهي تڏهن ته بي پهچ کي هن ريت حوصلا افزائي ڪئي آهي.
    برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو،
    لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهاڻي ڌڻيءَ هور.
    ڪريم بخش چنا راءِ به انمول آهي، لکي ٿو ته :"عام سنڌ ۾ ڪنهن به پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ 50 کان 100ڪتابن کي مطالعي هيٺ رکيو وڃي ٿو پر هن شاھڪار ڪتاب ۾ تقريبن 400 کان وڌيڪ ڪتابن، رسالن مان مواد ڪڍي" شاھ جو اعلي مقام "ڪتاب ۾ سهيڙيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت پي ايڇ ڊي لاءِ ڪيل تحقيق کان گهٽ نه آهي."
    سنڀال جو ڪم اجري تاريخ جو ورق ئي رهندو آهي.بهترين صلاحيت دلين کي فتح ڪندي آهي.
    ناليواري صحافي يونس مهر به ڪتاب لاءِ پنهنجي صلاحيت سان ڪتاب کي پرکيو آهي، لکي ٿو ته :شاھ سائين هڪ ئي وقت عربي، فارسي ۽ سنڌي جو عالم هو. هن جهڙي طرح قرآن شريف جي فرمودات ۽ فارسي جي محاورن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندو، تنهن جو ٻيئي ڪنهن عالم ۽ شاعر وٽ مثال ممڪن نه آهي، شاھ سائين عربي، فارسي علميت جا جوهر ڏيکاريا آهن ".
    لطيفيات ۾ جن پاڻ ملهايو انهن ۾ سائين جي ايم سيد شامل آهي، لطيف سرڪار لاءِ لکي ٿو ته :" شاھ لطيف ذهني طور جمهوريت جو طرفدار ۽ شاهوڪاري ۽ جاگيرداري نظام جي خلاف هيو منجهس طبقاتي ننڍ وڏائي جو احساس ڪونه هيو، هو پاڻ کي عوام مان سمجهندو هيو ۽ عوام سان ملي هڪ ٿي پنهنجي لاءِ طبقاتي ڪردار جو مظاهرو ڪيو هئائين."
    سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز پنهنجي مرشد لاءِ لکي ٿو ته :" لطيف سائين جي تصوف جو سلسلو حسن آهي، هن جو تصوف ۽ مذهب عشق آهي سندس عشق جي اها ڌار جيڪا زمين ۽ آسمان جي سڀني وسعتن کي ڦلهوري ٿي. "
    ٽين دنيا جو ڏاهو عبدالواحد آريسر لکي ٿو ته :
    آئون لطيف کي محب وطن، عوام دوست، انقلابي، آزادي جو علمبردار ۽ امن جو پيغمبر سمجهان ٿو."
    جت نه پکيءَ پيرُ، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙي کير ريءَ.
    لطيف سرڪار کي عالمن ۽ محققن هن ريت به بيان ڪيو آهي. ليکڪ ۽ لغت نويس ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جا خيال آهن ته :" لطيف هڪ سٺي سائنسدان وارو مزاج ۽ ذهن رکندڙ آهي، وٽس سائنسي انداز سان مشاهدي ڪرڻ جي تمام وڏي قوت هئي."
    واقعي لطيف سرڪار هر نظر۽ ذهن لاءِ ڪمال جو شاعر آهي.
    ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر لکي ٿو ته : "شاھ جي شاعري ۾ نه رڳو قديم پر جديد ڊرامي جا به سمورا عنصر ملن ٿا، شاھ جي تمثيلي شاعري ۾، پلاٽ، مرڪز خيال، ڪردار، سيرت نگاري، منظر نگاري، ٽڪراءُ ۽ انجام جو به پورو پورو خيال رکيل نظر اچي ٿو."
    منهنجي خيال موجب لطيف سرڪار سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جو روشن دليل آهي.
    تڏهن ته آصف رضا موريو وڏي واقعي سان لطيف سائين هن نموني سان پيش ڪري ٿو.
    " جيتري سنڌ حضرت شاھ عبداللطيف پنهنجي رسالي ۾ ڪٺي ڪئي آهي، اوتري ڪو ٻيو سانڍي ڪونه سگهيو آهي. "
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري ليکڪ يوسف شاهين لکيو، لکي ٿو ته :
    "شاھ زندگيءَ جي هر جبلت تي لکيو. سنڌي قوم جيڪا سوين جُڳن کان اٺين صدي عيسويءَ جي ابتدا تائين دنيا جي طاقتور ترين ايمپائر جي مالڪ هئي، ان قوم کي ٻيهر اٿارڻ ۽ ان جي عظمت موٽائڻ لاءِ شاھ لطيف سوين سون جهڙون سٽون لکيون. "
    آخر ۾ لطيف جي عاشقن لاءِ هي شعر ته :
    ڪانڌ نه ڪنديس ڪو ٻيو کٿيروئي خوب،
    ميرو ئي محبوب اسان مارو من ۾..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو