هر احتجاج جو تاریخي عڪس بڻيل هي ڪتاب!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    هر احتجاج جو تاريخي عڪس بڻيل هي ڪتاب!
    "نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون "جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    جيڪي تنهنجو سپرين، سو اسان جو نه هوءِ، اسين تنهنجا توءِ، تون نه اسان جو پرين.

    خليل جبران جو انسانيت لاءِ جائزو آهي ته :"وقت سان گڏ انسان ۽ ان جو فلسفو خواھ ڪيترو به بلند مقام تي پهچي وڃي ليڪن ان جو بنياد احترام ۽ تحفظ انسانيت ئي هوندو آهي." شخص جڏهن پنهنجي صفت ۾ ايماندار ٿي قوم جي خدمت ڪري ٿو ته معاشرو ان کي فرشتا صفت انسان جو لقب ڏئي ٿو پر سائين انسان ته اڳ ۾ ئي اشرف آهي، فرشتن جي حيثيت سان ڀيٽڻ اجايو فڪرو محسوس ٿيندو آهي. تڏهن زنده دل رکندڙ زرار پيرزادي جهڙا فرد معاشري جي ذهنن جي عڪاسي ڪندڙن جي صف ۾ شامل ٿي،" نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون" جو شعار بڻجندا آهن.معاشرو جي نبض تي هنن جو هٿ ۽ دل تي نگاھ جو سرسري جائزو وٺڻ ڄاڻيندا آهن. انسان روزي، نماز کان نه بلڪي دنيوي معاملات مان سڃاتو ويندو آهي. زرار پيرزادي جي حصي ۾ صحافت ميراث طور شامل آهي جنهن سان زرار هر ويل نڀاءُ رکندو پيو اچي.
    "نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون " جو پهريون موضوع اسڪول آف ٿاٽ آهي جنهن ۾ زرار پيرزادو مختصر مضمون ۾ ڪافي شين جي ڄاڻ ڏني آهي.
    " اسڪول آف ٿاٽ مان مراد اها آهي ته ماڻهوءَ جو زندگي، سماج، رياست، ملڪ، ماڻهن، سياست، ادب ۽ صحافت وغيره ڏانهن ڪهڙو رويو آهي. مثال طور ڪو ماڻهو مذهبي آهي، صوفي آهي، ماديت پرست آهي، روشن خيال ۽ ترقي پسند آهي، رجعت ۽ قدامت پرست آهي. وفاق پرست آهي، قوم پرست آهي، ڪميونسٽ آهي، اسٽيٽسڪو جو حامي آهي يا ان جو مخالف آهي وغيره وغيره". جڏهن سامھون واري شخصيت جو اسڪول آف ٿاٽ جي خبر آهي ته ان سان ان نوعيت جي ڳالھ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي پر گهڻا دوست ساڳيو اسڪول آف ٿاٽ نه هجڻ جي ڪري ان فرد سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندا آهن ان لاءِ ته هي اسان جي سوچ جو دوست ناهي پر ائين نه هجڻ گهرجي. هي دنيا دليل جي حامي آهي ۽ دليل سان گفتگو اهڙي آهي جو پرائي کي پنهنجو بڻائي سگهجي ٿو." عوام جي طاقت " ڪالم جو آخري حصو، "سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آهي ته اسان جو عوام به هنومان وانگي پنهنجي طاقت کان اڻڄاڻ آهي ان کي جيڪڏهن پنهنجي طاقت جي خبر پئجي وڃي ته اهو پنهنجي وجود ۾ سراپا انقلاب آهي. " سجاڳي فرد جو اولين پنڌ آهي جنهن تي عمل ڪري منزل تي پهچي سگهي ٿو. زرار پيرزادي به" قومي جذبي جي تقاضا " ۾ اھا ڳالھ پيش ڪئي آهي ته :" شاھ لطيف ڀٽائي جيڪڏهن پنهنجي شاعري ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي امر ڪري ويو ته سائين جي ايم سيد وري قومي تشخص جو نظريو ڏئي سنڌيت جي جذبي کي نسل در نسل منتقل ڪري هميشه لاءِ زنده ڪري ويو. سو نوٽ ڪرڻ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌين کي پاڻ تي صرف فخر ڪرڻ ٿو اچي ۽بس - اسان برابر پنج هزار ورهيه پراڻي قوم آهيون ۽ عظيم سنڌو تهذيب جا وارث آهيون پر سوال اهو آهي ته اسان پاڻ ڇا ٿا ڪيون؟ ڇا اڄ اهو سڀ ڪيون ويون جنهن تي اسان کي فخر ڪري سگهون؟ " زرار پيرزادو اسان کي جتائي نه ٿو پر عمل جي ڳالهه ٿو ڪري ته عمل ڪري ڏيکاريو پاڻ نه پڏايو سچائيءَ جو دُڪو داخل هجڻ گهرجي.
    لطيف سرڪار فرمائي ٿو ته :
    سسي سي گهرن، جي واٽيندڙ وچ تي،
    اوڪي ٻيو پڇن، سرو جنين سنڀاليو.
    عوام جي سوچ کي سمجهڻ وارو روزاني عوامي آواز جو دل بند۽ نوجوانن جو اتساهه زرار پيرزادو پنهنجي صوبي جي صحافت کي سمجهي ٿو پر سوشل ميڊيا جي سگهه جو جائزو به هن جي سامهون آهي. تڏهن ته لکي ٿو :
    "اها به حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا جي اڀار سان هاڻي ڪا به درندگي، ڪا به بربريت، ڏاڍائي ۽ بدمعاشي لڪي نه سگهندي. ارشاد رانجهاڻي جي معاملي ۾ به رحيم شاھ جي بدمعاشي ڦٻي نه سگهي. سوشل ميڊيا اصل ۾ ماڻهوءَ جي اندر جو الٽرا سائونڊ آهي. اتي ڪير به پنهنجي اصليت کي لڪائي نٿو سگهي. "
    ڪتاب" نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون" جي ارپنا" پنھنجي جي اسڪول آف ٿاٽ انور پيرزادي جي نالي "
    زرار پيرزادي پنهنجي پاران ۾ تاريخي ڳالھ ڪئي آهي جنهن تاريخ حصو هي ڪتاب پڻ آهي. لکي ٿو ته :" سنڌي پريس ۾ شارٽ ڪالم جو باني شمشير الحيدري صاحب آهي جنهن 1986ع ۾ هلال پاڪستان ۾" متان سوچيو" جي نالي سان ڪالم لکيو. ان کان پوءِ ترتيب وار فقير محمد لاشاري، انور پيرزادي، بدر ابڙي ۽ رحمت الله ماڃوٺيءَ مختلف اخبارن ۾ شارٽ ڪالم لکيا، جڏهن ته سال 2009ع کان مون هي شارٽ ڪالم روزاني عوامي آواز ۾ لکڻ شروع ڪيو جيڪو هاڻي ڪتابي شڪل ۾ اچي چڪو آهي".
    مطلب ته زرار پيرزادو وڏن جي ڏنل واٽ تي ثابت قدم کڻي منزل طرف روانو ٿيل هڪ قافلو آهي. حالتون ڪهڙيون به هجن بامقصد انسان پنهنجي حوصلي، جرئت ۽ ضميري بيھڪ سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري شعور مقصد کي ڪاميابي سان ماڻي سگھندو آهي. لطيف سرڪار چواڻي ته :
    ڇڄ مَ قطاران، ساٿ چڙهندو لڪيين،
    مڇڻ ٿئين پئاءِ، وڳ واٽ ئي نه لهين!
    سو سائين" نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون" ڪتاب ۾شامل تاريخ جا ورق شامل آهن جن جو شعاع صحافت، ادب ۽ معاشري لاءِ لابائتو ثابت ٿيندو. جيئن " سنڌو درياھ ۾ آيل ڪامريڊ سوڀي جو انقلاب" ۾ لکي ٿو ته :" هاڻي سنڌو درياھ ڪڏهن سُڪي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي جسم جي رک به ان جو جيئندان بڻجي وئي آهي. جڏهن مهين جي دڙي جي اوڀر ۾ موجود سنڌو درياھ ۾ ٻلهڙيجي جي ملوڪ شاھ پتڻ وٽان ڪامريڊ سوڀي جي رک نڇاور پئي ڪئي وئي ۽ ان موقعي تي لطف پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هن ڀٽائي جا بيت پڙهيا ته تاج جويي چواڻي "هن ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻ انور پيرزادو پنهنجي ڳوٺ جي بند تي اچي ڀٽائي جا بيت چئي پنهنجي سياسي گروءَ کي الوداع ڪندو هجي." زرار پيرزادو پنهنجي ٻئين مضمون ڪامريڊ ڄام ساقي لاءِ لکي ٿو ته :" ڌرتيءَ تي رهندڙ هي بظاهر عام ماڻهن جهڙو هو پر پنهنجي ڪردار ۾ هتان جي مخلوق نه لڳندو هو. ڪاديو مالائي شخصيت هو. "
    صداقت وارو پاسو امر رهڻو آهي، جيڪو گهڻي جدوجهد ڪري ٿو ته ان کي تاريخ سدائين پنهنجي هنج ۾ ماءُ وارو درجو ڏنو آهي. انور پيرزادي چواڻي ته "شاھ جي شاعري ۾ سياسي ۽سماجي وحدت الوجود شامل آهي. "هڪ سماجي مفڪر جي حيثيت ۾ ڀٽائي صاحب سنڌ جي جيڪا تاريخ لکي آهي، اهو هڪ اهڙو داستان آهي، جنھن کي نادر شاھ جي لشڪر 1739ع ۾ باھ ڏئي ساڙي سگهيو ۽ نه احمد شاھ ابدالي جي گهوڙن جا سنب ان کي چيپاٽي سگهيا ۽ نه انگريزن جون توپون 1843ع ۾ اُن کي تباھ ڪري سگهيون."
    اهڙي طرح شخصيتن جي تاريخ ۾ پنهنجي والارڻ واري ڪٿ وقت ضرور طئي ڪري ويندو آهي. جيئن زرار پيرزادي جي سماجي سطع تي عورت لاءِ ڪٿ آهي ته" اسان جي سماج اندر يا ته عورتون پيدا نه ٿين جيڪڏهن جنم وٺن ته ترقي پسند گهراڻن ۾ جنم وٺن، جيئن حميده گهانگهرو، ڪامريڊ حميده گهانگهرو نه هجي ها جيڪڏهن هوُءَ ڪامريڊ هاشم گهانگهرو جي گهر ۾ جنم نه وٺي ها يا ڪامريڊ نذير عباسي جي جيون ساٿياڻي نه بڻجي ها." ادب، تاريخ، سماج، موسيقي ۽ قديم آثارن جي باري ۾ تنگ نظري ۽ تنگ دستي نه هجڻ گهرجي. زرار پيرزادو اهو مستقل مزاج صحافي آهي جنهن تضاد واري انهن اسمن تي بحث ڪيو آهي ، جيڪي تاريخ۾ ڪنهن به موڙ تي ڪٿي نه ڪٿي ڪنڌ مٿي ڪري مونجهاري جو سبب بڻجن ٿا. انهن کي ختم ته نٿو ڪري سگهجي پر زرار انهن جا پيرا ضرور ختم ڪيا آهن. جيئن سنڌي ادبي سنگت لاءِ لکيو آهي ته :" سنڌي ادبي سنگت بيشڪ سنڌ جي جديد فڪري تعمير جو پهريون وڏو ادارو آهي. ان ڪري سنڌ جي جديد فڪري تعمير واري هن اداري جي جنم ڏينهن کي قومي ڏينهن ڪري ملهائڻ گهرجي. سنڌي ادبي سنگت جي عهديدارن کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته زندگيءَ کين سنڌي ادبي سنگت جو وقار وڌائڻ جو موقعو ڏنو آهي نه ڪي پاڻ مٿان جڳ کلائڻ جو! سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي موجوده تڪرار ۾ اسان جا هيرا اهي ئي اديب هوندا، جيڪي سنڌي ادبي سنگت تي جڳ کلائڻ بدران ان جي عظمت جو جهنڊو ڦڙڪائيندا. "اهڙي طرح زرار پيرزادي جو "مُھين جي دڙي واري شھر جو اصل نالو" وارو مضمون به مختصر هوندي به ڪارائتو آهي. لکي ٿو ته:" جڏهن ته انور پيرزادو اهو پهريون ماڻهو هو جنهن "موئن جو دڙو" واري نالي کي رد ڪندي اها ٿيوري پيش ڪئي ته "آرڪيالاجي جو اهو اصول آهي ته جيستائين ڪنهن کنڊر جو اصل نالو معلوم ٿئي تيستائين ان کي ان نالي سان سڏيو وڃي جنهن سان ان کي مقامي ماڻهو پڪارين ٿا. جڏهن ته ان کنڊر جي چوڌاري رهندڙ ڳوٺاڻا ان کنڊر کي مُهين جو دڙو چوندا آهن ته اسان مُهين ٿا وڃون يا" مهون "هتان هيترو پري آهي. انور صاحب جو موقف هو ته سر جان مارشل، بئنرجي، اين جي مجمدار، سر مارٽيمر ويلر ۽ جارج ايف ڊيلس به ڳوٺاڻن کان ٻڌل نالو ئي پنهنجن رپورٽن ۾ لکيو آهي ۽ انهن اتي "موهن " (Mohan) نه پر مهين( Mohen جو دڙو لکيو آهي. " جاکوڙ جي ڪري ئي تاريخ جو منظر ۽پس منظر سهڻي نموني سان پرکي سگهجي ٿو. جيئن لطيف سائين فرمايو ته :
    ويون پٻ پئي، کيرون کاھوڙين جون،
    آئون تن ڏوٿين جو پڇان پير پھي،
    رُڃن رات رهي، ڏونگر جنين ڏوريا.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي ناليواري شاعر، ڪهاڻيڪار، ادب ۽لطيف شناس محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. لکي ٿو ته : "سو هن غير معمولي پنڌ ۾ اسان جي هن ڪواليفائيد آرڪيالاجسٽ صحافت ۽ادب جي امتزاج سان ڪيترائي شاهڪار ۽ نه وسارڻ جھڙا ڪالم لکيا آهن. جيڪي سهيڙ جي جڏهن هن ڪتاب جي صورت ۾اسان جي هٿن ۾ آيا تہ اکيون هڪ دفعو وري ڀرجي آيون آهن ۽" متان وساريو " جھڙا ٿڌڙا ٿڌڙا ساھ ۽ سيسراٽيون امالڪ نڪرندي محسوس ٿي رهيون آهن. "
    آخر ۾ زرار پيرزادي لاءِ لطيف سائين جو هي بيت ته.
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونءِ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو