سنڌي عربي ٽرانسلٽريشن يا لپي ڪنورٽر الٿي سنڌيءَ کان اردو، ديوناگري، رومن، آءِ پي اي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ فهد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2021۔

  1. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    [​IMG]
    سنڌي عربي ٽرانسلٽريشن يا لپي ڪنورٽر الٿي سنڌيءَ کان اردو، ديوناگري، رومن، آءِ پي اي
    الٿيءَ جي ھن تاڃي پيٽي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لفظي ذخيري مان گهڻي کان گهڻا استعمال ٿيندڙ لفظ (5 ڪروڙ لفظن جي ذخيري مان چار لک منفرد لفظ چونڊيا ويا، جن مان تقريبن 36 ھزار لفظ اھڙا آھن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ تقريبن 90 سيڪڙو استعمال ٿين تا) کنيا ويا آھن انھن کي ٻن ڪالمن ۾ ورھايل ڊيٽابيس ۾ رکيو ويو آھي ھڪ ڪالم ۾ بغير سرن جي لفظ رکيا ويا آھن ٻئي ڪالم ۾ اھو ئي لفظ سُرن سان رکڻو آھي جيڪو ڪم اداري پاران توڙي عوام پاران گڏيل نموني جاري آھي تہ لفظن کي اعراب ڏجن، ھن تاڃي پيٽي ۾ اھا پڻ گنجائش آھي تہ ڪير نئون لفظ پڻ داخل ڪري سگھي ٿو.

    1-لفظ سائيم جي سامھون اھو ئي لفظ سُرن سان لکيل فرض ڪيو وڃي جيڪو سائِيمِ ٿيندو.

    2- سنڌي ڪڪ پٽي يعني ڏھن سُرن تي مشتمل بنيادي ايڪا لکيا ويا آھن يعني ھر اکر سان اھي ڏھ بنيادي سُر لاڳو ڪري بنيادي ايڪن جي ٽيبل ٺاھي وئي آھي جيئن 52 ئي اکرن کي زبر، زير، پيش، الف، واو، يي ڏئي 520 بنيادي ايڪا ٺاھيا ويا آھن. ھر ايڪي جي سامھون ان جو انگريزي يا رومن يا ديوناگري يا آءِ پي اي جا متبادل سامھون رکيا ويا آھن ھر لپيءَ کي ڌار ٽيبل ۾ رکيو ويو آھي

    3-ھاڻي ڪمپيوٽر فارمولي ۾ اھو عمل رکي ويو آھي تہ ھر لفظ جا شروعاتي 5 اکر پڙھي انھن چئن اکرن کي بنيادي ايڪن واري يا سُرن واري 520 آوازن جي ٽيبل ۾ تلاش ڪري جيئن سائِيم جي سلسلي ۾ شروعاتي 4 آواز سائِي ڪمپيوٽر ڳوليندو ۽ تلاش جو عمل ڪامياب ٿيو تہ موٽ ۾ مليل سائِي آواز جو ٻي متبادل لپيءَ جو ايڪو ڪمپيوٽر موٽائي رکندو، پر جيڪڏھن شروعاتي چار آوازن جو ايڪو ڪمپيوٽر کي متبادل لپيءَ ۾ نہ مليو تہ ڪمپيوٽر چئن مان گهٽائي ٽي شروعاتي آواز بنيادي ايڪن جي ٽيبل ۾ ڳوليندو جھڙوڪ سائِ، نہ ملڻ جي صورت ۾ وري ھڪ آخري آواز گهٽائي 2 آواز يعني سا ڳوليندو جيڪو گهڻي ڀاڱي 520 آوازن ۾ ضرور شامل ھوندو. ھاڻي ڪمپيوٽر کي مثبت موٽ ملڻ جي صورت ۾ ان جو متبادل لپيءَ مثال طور تي رومن ۾ sa آواز ھوندو ھاڻي ڪمپيوٽر وري سا آواز يعني شروعاتي ٻن اکرن کي الٿي ڪري اکر نمبر 3 کان يعني ئ کان پڙھڻ شروع ڪندو ۽ 3 کان شروع ڪري وري چار آواز ئِيم ڳوليندو نہ ملڻ جي صورت ۾ ھڪ آخري اکر گهٽائيندو ھاڻي آواز جو ايڪو ئِي ڳوليندو جيڪو بہ بنيادي ايڪن واري ٽيبل ۾ موجود آھي اھڙي نموني مِ آخر ۾ ڳوليندو، پر جيڪڏھن مِ نہ ملندس تہ فرض ڪريو تہ اڪيلو م بہ ڳولندو.

    4- ھاڻي ڪمپيوٽر لڀجندڙ ايڪن جي متبادل لپيءَ ۾ سا sa، ئِي ee، مِ mi جي سلسليوار ترتيب ظاھر ڪندو يعني saeemi.

    اھو ھيو سنڌيءَ کان رومن جي الٿيءَ جو تاڃي پيٽو.

    ھاڻي وري رومن کان سنڌيءَ جي الٿيءَ جو فارمولو بہ اھڙو آھي

    5- مثال طور تي لفظ saeemi لاءِ ڪمپيوٽر شرواعاتي چئن اکرن saee جو سنڌي متبادل ڳوليندو نہ ملڻ جي صورت ۾ شروعاتي sa جو متبادل ڳوليندو تہ ڪميپٽر کي ھي آواز سنڌي آوازن جي ايڪن واري ٽيبل مان ملندا سا، ثا، صا، لفظ ياداشت ۾ رکندو ee لاءِ ئي، عي، اِي، mi لاءِ مِ، مِي ياداشت ۾ رکندو......

    6- ھاڻي انھن آوازن جو سلسلو يا ايريArray ھن ريت ٺاھيندو جيئن مٿي ٽيبل ۾ ڏيکاريل آھي ساعِيمِ، ثاعِيمِ، صائِيمي، سائِيمِ ۽ ان ئي سائنسي لڙھ ۾ تقريبن saeemi جا 6 کان مٿي لفظ ٺاھيندو، اھا لڙھ ياداشت ۾ رکي لڙھ جي ھر لفظ کي اڪثر استعامل ٿيندڙ لفظن جي ڊيٽابيس ۾ ڳوليندو، جتي ھر لفظ کي سُر ڏنل آھن تہ ڪمپيوٽر کي صرف ھڪ ئي جواب ملندو سائِيمِ، ھاڻي ڪمپيوٽر لفظ saeemi جو متبادل ڊيٽابيس ۾ مليل لفظ سائِيمِ کي ظاھر ڪندو باقي ٻيا لفظ ياداشت مان خارج ڪري ڇڏيندو.

    اھڙي نموني شعر سائيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار جي الٿي ڪنھن بہ داخل ڪيل لپيءَ ۾ ڪندو.

    سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ اھم خاصيت کي پڻ الٿيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ داخل ڪيو ويو آھي اھا ھيءَ آھي تہ الف، واوُ، يي جا آواز حرف صحيح بہ آھن تہ حرف علت بہ، ان ڪري جتي بہ الف، واو، يي بنيادي ايڪن ۾ شروع ۾ اچن ٿا اتي انھن کي حرف صحيح يعني a, v/w, yمتبادل طور تي الٿي ڪئي وئي آھي ۽ جتي اھي اکر ڪنھن لفظ جي وچ ۾ اچن ٿا انھن کي a, o, e طور تي الٿي ڪيو ويو آھي.

    ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي ٻي خاصيت بہ آھي سا ھيءَ تہ نِيَتَ لفظ 6 نشانين تي مشتمل آھي جن مان 3 حرف علت 3 حرف صحيح، شروعاتي چار اکر نُورُ ۾ نُو بنيادي ايڪن ۾ موجود آھي اتان کڻندو باقي نِيَتَ لاءِ شروعاتي چار اکر کڻندو تہ اھي نِيَ يعني نِي ۽ زبر ٿيندا پر ان کي بہ درست ڪيو ويو جتي بہ پھرين ٻيو اکرحرف علت ۽ چوٿون اکر حرف علت ھوندو اتي ڪمپيوٽر بنيادي چار اکر کڻڻ بجاءِ شروعاتي ٻہ اکر کڻندو جھڙوڪ نِ....يَ....تَ


    ھاڻي بنيادي ايڪن جي ترجيحي ترتيب ۾ ھيٺيون ڳالھيون ياد رکڻ ضروري آھين

    اھا ھڪ ئي ٽيبل ٻن لپين کي منھن ڏئي ٿي ان ۾ ھڪ ڪالم ۾ سنڌي اکر ۽ ٻئي ۾ انگريزي اکر لکيل آھن جتي بہ سنڌي اکر الف واو، يي سان شروع ٿين اتي true لکڻو آھي جتي بہ انگريزي اکر a,e,I,o,u سان شروع ٿين اتي true لکڻو آھي باقي ٻين ايڪن سامھون false لکڻو آھي

    متبادلن جي لسٽ ترجيحي ترتيب سان ٺاھڻي پوندي مثال طور تي پروگرام جو فنڪشن آھي تہ لفظ khokhar khoraka khae tho ھاڻي ڪمپيوٽر کوکر لاءِ سڀ ممڪن لفظ ٺاھيندو جھڙوڪ ک يا خ لاءِ kh سان ٻہ لفظ کوکر خوخر ٺاھيندو اوھان ياد رکو تہ يونٽ kh لاءِ خ ۽ ک يونٽن جي ٽيبل ۾ موجود ھيا ھي ھئڻ ضروري آھن ز لاءِ s, z ...... T لاءِ ط ت يعني اھي سڀ متبادل داخل ھوندا تڏھن ئي ڪمپيوٽر درست نتيجي تي پھچي سگھي ٿو پر ھتي ھڪ ٻي ڳالھھ بہ آھي اھا ھيءَ تہ مثال طور تي ڪمپيوٽر کي ڊيٽابيس مان کوکر لفظ نہ مليو ھاڻي ڪمپيوٽر بنيادي ايڪن مان لفظ کوکر ٺاھيندو ان لاءِ لفظ ک يا خ کي مٿي رکڻ ضروري آھي ھاڻي جيڪو لفظ khokhar جو متبادل ٿيندو ان ۾ ک يا خ اھا ايندي جيڪا ترتيب جي ايڪن ۾ سڀ کان مٿان ھوندي

    ڪي ڪي لفظ اھڙا بہ ھوندا جيڪي ڊڪشنريءَ ۾ موجود نہ ھوندا جھڙو azahar ھاڻي zلاءِ ظ،ض، ز، ذ مان ڪو ھڪ متبادل ايڪو ٽاپ تي رکندا سين جيڪو معياري ھوندو ان سان لفظ ٺھندو.

    ھن ٽرانسلٽريشن ۾ اھو فائدو آھي تہ اسان ڀلي ايڪي اکر ز لاءِ ذ لاءِ ض لاءِ ۽ ظ لاءِ الڳ الڳ يونٽ پڻ لکي سگھون ٿا ۽ پڻ عام استعمال ۾ ايندڙ ايڪا پڻ ٻنھي صورتن ۾ ٽرانسلٽريشن جو معيار بلند ٿيندو

    اداري جي اعلى اختيارين کي گذارش آھي تہ ھن پراجيڪٽ کي پروگرامنگ جي حساب سان مڪمل ڪيو ويو آھي ھن ۾ ھاڻي ڪنھن ماھر لسانيات پاران لفظن کي اعراب يا سر ڏيڻا آھن ٻيو ترجيحي ترتيب سان بنيادي ايڪا لکڻا آھن، اسان شروعاتي طور تي لکيا تہ آھن پر انھن ۾ ترجيحي ترتيب جو خيال نہ رکيو ويو آھي ٻيو تہ اھو بحث پراڻو آھي ان ڪري ڪافي تحقيق ٿيل آھي ماھرن جي ان لاءِ اسان جي سفارش آھي تہ بنيادي ايڪن کي ڪنھن لسانيات جي ماھرن کا ترتيب ڏياريو وڃي مھرباني ڪري پراجيڪٽ کي جلد کان جلد آن لائين ڪيو وڃي تہ جيئن عوام ان مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگھي

    http://edupedia.dx.am/
    https://drive.google.com/file/d/1TW2_fC5lEPEkVM4hq1KUHEfa6KnCx0DP/view?usp=sharing
    فھد حسين ميمڻ
    حيدرآباد سنڌ
     
  2. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    زبردست معلومات، منهنجو محبوب سبجيڪٽ آهي، لسانيات تي اسان کي اڃا به ڪم ڪرڻ گهرجي..
    ڪوشش ڪجي ته عربي لپي کان پاڻ جند ڇڏايون، يعني سنڌي لپي جو ليفٽ هئڻ لازمي بڻائڻ آهي
     
  3. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    معصوم سنڌي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو