شاعر، نثر نويس، مترجم، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2021۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شاعر، نثر نويس، مترجم، سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز

    مشهور شاعر ۽ اديب غلام حسين رنگريز ولد شفيع محمد کٽي، 18 اپريل 1945ع تي ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن جا وڏا ڪپڙو رنڱڻ جو ڪم ڪندا هئا، ان ڪري رنگريز سڏجن ٿا. غلام حسين شروعاتي پرائمري تعليم ميرپور بٺوري ۾ حاصل ڪئي ۽ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس)، بي. ايڊ، ايم. ايڊ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪري ايل. ايل. بي جو امتحان سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. انهيءَ دؤران 1963ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، 1967ع ۾ سيڪنڊري استاد ٿيو ۽ 1985ع ۾ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ميرپور بٺوري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران ٽريننگ لاءِ ايندڙ استادن کي سماجي ۽ قومي شعور ڏيڻ جو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين. 1994ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ 1995ع کان وٺي باقاعدي وڪالت ڪري رهيو آهي.
    غلام حسين رنگريز، لکڻ جي شروعات مئٽرڪ پڙهڻ دوران ڪئي، ميرپور بٺوري ۾ ’بزم ادب ‘۽ ’تحريڪ تعمير ادب ‘جون ادبي محفلون ٿينديون هيون، جن ۾ حصو وٺندو رهندو هو. انهن ادارن سان سلهاڙجڻ جي ڪري سندس لکڻين ۾ پختگي، مقصديت، معنويت، رنگ ۽ رچاءُ پيدا ٿيو. اڳتي هلي سندس وابستگي سنڌي ادبي سنگت سان ٿي، جنهنڪري مٿس جديد ۽ ترقي پسند ادب جو رنگ غالب ٿيو.
    غلام حسين رنگريز جي علمي ادبي تربيت ۾ عبدالفتاح عبد بٺورائيءَ جو وڏو هٿ رهيو، جيڪو پنهنجي دور جو بهترين شاعر هو ۽ بزم ’صوفيا سنڌ ‘سان لاڳاپيل هو.
    غلام حسين رنگريز ادب جي سمورين صنفن تي لکيو آهي، جن ۾ مضمون، تحقيق، ڪهاڻيون، ڪالم، تنقيد ۽ ترجما وغيره شامل آهن. سندس ڪالم ’جي چوان سچ ‘جي عنوان سان روزاني عوامي آواز ۾ ڪافي عرصي تائين سلسليوار ڇپبا رهيا. غلام حسين رنگريز 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻن سالن لاءِ بنا مقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊيو، ڇو ته سندس مقابلي واري اميدوار تاج جويي سندس حق ۾ هٿ کڻي ورتو. سندس دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي ڪافي نمايان رهي. تنظيم ڪاري ۽ رابطا ڪاري بهتر رهي. سنگت پبليڪيشن جاري ڪيائين. سنڌ کان ٻاهر ڪوئيٽا، واهه ڪينٽ، راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي شاخن جا دورا ڪيائين، ڪيتريون ڪانفرنسون ۽ ڪامياب ادبي پروگرام ڪرايائين. غلام حسين رنگريز جي شاعري سنڌ جي نالي وارن فنڪارن ڳائي آهي. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن:
    1. سرمد ڇا ٿو سوچي؟ (مضمون)
    2. وکر سو وهاءِ (مضمون)،
    3. غلام جا ٽهڪڙا (الف ليلوي ناٽڪ جو انگريزيءَ تان ترجمو :1990ع )
    4. اکين اڃ اپار (شاعري :2005ع )
    5. ورق ورق زندگي (ڊائريءَ جا ورق :2010ع )
    غلام حسين رنگريـز جي سياسي ۽ فڪري وابستگي، فڪر جي. ايم. سيد ۽ ترقي پسند تحريڪ سان رهي. ايوبي مارشل لا، ڀُٽي دور ۽ ضياء الحق جي دور ۾ فڪري ۽ سياسي فعاليت جي ڪري کيس سنڌ جي ڏورانهن ضلعن ۾ بدلي ڪيو ويو. ڀُٽي دور ۾ اڍائي مهينا ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو.
    غلام حسين رنگريز 2 سيپٽمبر 2021ع تي ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

    هن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آهن
    پورا نہ ٿيا پيمان لکين آهن

    ڪي درد هئا جن ڏات ڏهوڻي ڪئي
    تنهنجا بہ تہ پرين احسان لکين آهن،

    رنگريز بچائي ڇا بچائيندين ؟
    پنبڻين ۾ پرين جي ڪان لکين آهن !

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
     
    lalamemon هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو