سر ڪوهياري شاهواڻي

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سر ڪوھياري داستان 1
    1
    لَيلَ نَه جاڳِينءَ لِکَ سين، ڪُلِي نُومُ ڪِياءِ،
    قُم ٿِي، پَهُچُ قَرِيبَ کي، اِجلِس تو نَه جُڳاءِ،
    مُٺِي! مِزمانَنِ سين، وِيهِي راتِ وِهاءِ،
    جيلاه نِنڊَ ڪِياءِ، تي روزُ رَهين ٿِي راهَ ۾.
    2
    لَيلَ نه جاڳِينءَ لِکَ سينءَ، شامَ سُتِينءَ سَڀَ راتِ،
    اوڳِي! اوٺِئَڙَن جا، ٿِي پَهَه پُڇِين پِرڀاتِ!
    ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، ته ڀورِي! ڪنهن ڀالُ مِڙِين.
    3
    لَيلَ نه جاڳينءَ لِکَ سينءَ، سُتِينءَ راتِ سَڄِي،
    هِتان هوتاڻِيَنِ جُون، وييُون خُرِزِينُون کَڄِي،
    ڀورِي! تُون نَه ڀَڄِي، سَڀِ ڪنهن ساٿَ مِڙين؟
    4
    اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،
    نَومَ نوازيئه، اُنِ جي، مَرحَبا موڏَن،
    رِڙهِي رَسُ روڏن، اَلَيوم سِيرُوا سَسُئِي!
    5
    غافِلِ! غَفِلَتَ ڇوڙِ، تُون ڪيئن اَڻاسِي اوجَهرين؟
    چُپاتا چَڙهِي وِيا، وَڃي پَهُتا توڙِ،
    نيڻين نِنڊَ اُکوڙِ، جِمَ وَرَنِ ۾ واڪا ڪَرين.
    6
    سَنجهي رَهين سُمَهِي، غافِلِ! مَنجِهه گَهرَنِ،
    ليڙَنِ جو، لَطِيفُ چئي، ڪَرَڳَلُ سوءِ نَه ڪَنِ،
    سي ڪيئن مُحِبَ مِڙَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
    7
    آلوڙو اَکِيَنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳَ کي،
    هاڻي هِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارڻِ ڪَنِ،
    اَدِيُون! اوٺِيئڙن، هِنئين سين هاڃو ڪِيو.
    8
    جَڏِهن سُتِيُون جي، پَٿَرِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
    تَڏِهن تَنِين کي، ساٿَ سُتيئِي ڇَڏِيو.
    9
    سُتِينءَ پيرَ ڊِگها ڪَري، وَڏِي جاڙَ ڪِياءِ،
    درَ ڀَرِ اُڀِينءَ دوسَ جي، ته سُرِ پُرِ هُوند سُياءِ،
    اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جِي، سَڳِي تُون نه سِياءِ،
    پُنهُونءَ سين پِياءِ، ٿِي، نِڀاڳِي! نِنڊُون ڪَرين.
    10
    اِي ڪَمُ ڪَمِيِڻيَن، جيئن سُمهَنِ پيرَ ڊِگها ڪَري،
    لوچين ڇو نَه، لَطِيفُ چئي، هارِي! لَئي هوتَنِ،
    نِنڊان نِڀاڳِن کي، اوڀالا اَچَنِ،
    سي پُنهُون ڪوهُه پُڇَنِ، جي سَنجهي رَهَنِ سُمَهِي.
    11
    سُتينءَ سَوَارِي، مُنهن ويڙهي مُئَنِ جيئن،
    ڏِٺَئِي نه ڏيرَنِ جا، چوڌارِي چارِي،
    تيلانهن، ويچاري، ساٿُ سُتيئِي لَڏِيو.
    12
    سُتِينءَ سنجهي ئي، مُنهن ويڙهي مُئَنِ جيئن،
    اوجاڳو اَکِيَنِ کي، ڄاتوءِ نه ڏيئي،
    هَٿان تو پيئِي، ٿِي ڪَچو ڪيچِيَنِ کي ڪَرين!
    13
    اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيُئِي نه ڪَمِيڻِيَنِ جيئن،
    اَسارِي اِهَڙِيءَ پَرِ، پيئِي ڪيچِنِ سين ڪاڻِ،
    ٻانِهِي چايو پاڻِ، ٿِي سَڄِيون راتِيُون سُمَهين!

    سر ڪوھياري داستان 2
    1
    ڏُونگَرَ! تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪَرين،
    مون تَنَ اَندَرِ تيئن وَهين، جيئن وَڻَ وَڍي واڍو،
    اِي ڪَرَمَ جو ڪاڍو، ناتَ پَٿَرِ ڪيرَ پَنڌَ ڪَري؟
    2
    ڏُونگَرَ! ڏُکَ سَنداءِ، پرينءَ گَڏِجان ته چُئان،
    ڀِنِيءَ ٿِيين ڀَوارَئُون، ٻيا وِنگا وَرَ سَنداءِ،
    چَڱِي ڪانَه ڪِياءِ، پيرُ وڃايَئِي پرينءَ جو.
    3
    ڏُونگَرَ! ڏَسُ پِرِيَنِ جو، قافَ! نه ڏِئين ڪو،
    قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا وَٽان تو،
    هوتَ مُئِيءَ جو هو، ڪو ساڄَنُ اُنَهِين ساٿَ ۾.
    4
    ڏُونگَرَ! ڏَسُ پِرِيَنِ جو، قافَ! نه ڏئين ڪَلَ،
    قَطارِيا ڪالَهه وِيا، توڏا توهِين جَهلَ؟
    سُڻِي هوتُ هَڪَلَ، مانَ ٻُڌِي ٻاروچو وَري.

    5
    ڏُونگَرَ! ڏوراپو، پِهِرو چُونَدِيَس پِرِينءَ کي،
    ”پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪيا، تَرِيُون ڇِنيُون تو،
    رَحم نه پِيَئِي رُوحَ ۾، قَدُرُ منهنجو ڪو،“
    واڪو ڪَندِيَسِ، وو، مون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪري.
    6
    ڏُونگَرَ! مُون نه ڏُکوءِ، آئون اَڳَ ڏُکوئِي آهِيان،
    سارِيان ڪونَه سُکوءِ، سُورَ گَهڻئي سَنڀرانَ.
    7
    ڏُونگَرَ! ڏُکويَنِ کي، دِلاسا ڏِجَنِ،
    گَهڻِو پُڇِجي تَنِ کي، جَنِ وَٽان هوتَ وَڃنِ،
    تُون ڪيئن سَندا تَنِ، پَهَڻَ! پيرَ ڏُکوئِيين؟
    8
    ڏُونگَرَ! ڏُکِ پَئِي، ڪِيَمِ توسين ڳالهڙي،
    پاڻان آئُون مُئِي، سُورُ سُڻائي پرينءَ جو.
    9
    ڏُونگَرَ! مُون سين رو، ڪَڍِي پارَ پُنهُونءَ جا،
    سَڄَڻُ هومِ هيڪَڙو، وِيو ڦوڙائي سو،
    ڪنهن کي ڏِيان ڏوهه، مون سين ايرادي ايئن ڪِيو.
    10
    ڏُونگَرَ! ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آئِيُون،
    جي اَچَنِ ڦوڙايون، ڏِجَنِ دِلاسا تَنِ کي.
    11
    ڏُونگَرَ! ڏُکوينِ کي، ڳَلِ نہ سُڪا ڳوڙها،
    هو جي پَهَڻَ پَٻَ جا، ڀَڄِي ٿِيا ڀورا،
    گوندَرَ جا گهوڙا، وَڃَنِ جانِ جُدا ڪِيو.
    12
    ڏُونگَرَ! ڏِيهاڻِي، پاڻُ مَٿان تو گهورِيان،
    تو مَنجِهه رِهاڻِي، سَدا ٻاروچَنِ جِي.
    13
    ڪِي جي ڪَڍِيا پارَ، ڏُکِي ڏُونگَرَ پاڻَ ۾،
    سُڻِي سا تَنوارَ، مِرُون پِيا مامِري.
    14
    ڏُونگَرَ ڀُونينِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ ميخُون ڏُونگَرين،
    هَهِڙا سيڻَ سُڌِيرَ، ڪينَ لَهَندينءَ ڪي ٻِيا.
    15
    ٻَئِي ويٺا رُونِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾،
    ڪنهن کي ڪِينَ چُونِ، مَنجِهنِ جو پِرِيتَڻُو.
    16
    اَڄُ پُڻِ ويٺو روءِ، ڏُکِي ڏُونگَرُ پاڻَ ۾،
    ڪوهِياري جو ڪوءِ، اَچِي سُورُ اُڌَمِيو
    17
    ڏُونگَرُ، تَه ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري،
    ڪانَه ڇُلَندِي ڇَپَرين، ساڻُسِ سَهيلِي،
    چوٽِيُون چَنبيلِي، جيئن تيئن جهاڳي اُکَتِي.
    18
    ٻَڙِي! ته ٻيلِي گهڻا، ساٿِي پُڇي سُکُ،
    رَفاقَتَ رُڃُنِ ۾، ڏُونگَرَ ڪاري ڏُکُ،
    آرِيءَ جو اَهُکُ، مُون رَهَنُما راهَ ٿِيو.

    سر ڪوھياري داستان 3
    1
    رويو ويٺي راڳِ، اَمَڙِ! اورِيان نِجهري،
    لاٿو مُون ڏيهَه وَڻَنِ سان، لاڳاپو ۽ لاڳِ،
    ڏُونگَرُ سي ڏورِيندِيُون، جَنِ اَندَرِ ٻَري آڳِ،
    هوتاڻِي هِنَ ماڳِ، مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپرين.
    2
    مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هِتِ، هوتاڻِي! هاڻِ،
    اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،
    پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.
    3
    مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرِين، هوتاڻِيءَ هِنَ هَنڌَ،
    توسين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باهِه ڀَنڀورَ کي.
    4
    مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، هاتِڪَ هوتاڻِي!
    توهِين لَئي کاڻِي، ڏُکِي ڏوري ڏُونگَرين.
    5
    مون کي ڇڏ ۾ ڇَپَرين، پوءِ رَهايَسِ ’پاڻ‘،
    جي ڀُلايُون ڀاڻِ، تَنِ کي رَسُ، رَسِيلا راهَ ۾.
    6
    سُتي پُونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ! ٻاروچَنِ جا،
    وَمَ وِهاٽِي، وو ڙي، ڪوهِياري ڪِرِڪَ،
    ڌَڙُ ڌُوڻِيو تنهن ڌَڪَ، جَڏِيءَ جيئڻ نه ٿِئي.
    7
    سُتي پُونِ ڇِرِڪَ آيَلِ ٻاروچَنِ جا،
    پُنهُونءَ جي پيڪانَ جون، راسِيُون مَنجهان رُڪَ،
    هَنَيمِ هوتَ ڪِرِڪَ، لوچيان، لوهُه نه نِڪَري.
    8
    جيهِي جي تيهِي، تَپِ ٻانهِي ٻاروچَنِ جِي،
    حُجَتَ هوتَ پُنهُونءَ سين، مُون ڪَمِيڻِيءَ ڪيهِي،
    اَصلِ آرِيءَ ڄامَ جي، پَلئي آئُون پيئِي،
    هُوءِ جا پائِين پيرَ ۾، تنهن جُتِيءَ نه جيهِي،
    وِساري ويهِي، تَنِ ڪيچِيَنِ کي ڪيئن رَهان؟
    9
    هُئِي جي نه هُئِي، تب ٻانِهي ٻاروچَنِ جِي،
    اِنَ سڱ مُقابِلِ سَسُئِي، سَندِيَن ٿي سُئِي،
    هُنِ تان لَڄَ لُئِي، هِنَ جو هَلَڻُ هوتَ ڏي.
    10
    ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهي ٻانهوٽِي،
    ٻَئِي ٻاروچي هَٿَ ۾، چَڳُنِ سِرِ چوٽِي،
    ٻانڀَڻِ کي موٽِي، پاڻهي پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.
    11
    ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻانهوٽِي ٻانِهي،
    سي ڪيئن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ اَندَرِ جانِي،
    اَڱَڻِ اَمانِي، شالَ ڪيچِيَنِ جي ڪا مَ ٿِئي.

    سر ڪوھياري داستان 4
    1
    ڳائو نَه وائو، اَدِيُون! آرِيچَنِ جو،
    لَنگهِي پَٻُ پَري ٿِيا، ڇَڏي رِڻُ، رائو،
    ڏيئِي ڦوڙائو، وِيا وِيچارِيءَ سُپِرِين.
    2
    ڳائِي، نَه وائِي، اَدِيُون! آرِيچَنِ جِي،
    ڪنهن پَرِ ڪَهِي لَنگِهيان، جَبَلَ جهاجهائِي،
    جيڪُسِ واجهائِي، هاڻي مَرَندِيَسِ هوتَ لئي.
    3
    هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ آئون گهورِيان،
    هُونِ هَمِيشه هِتَهِين، تَه ڏُونگَرُ ڪُهُه ڏورِيان،
    اَکِينِ سين اورِيان، پَسان شالَ پُنهُونءَ کي.
    4
    هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مون نه وَسِ،
    اَللهَ! آرِيچَنِ جي، گولِي ميڙِيين گَسِ،
    پِرِين، پَهُنوارَ! تو پُڇان، ڏُونگَرِيا مُون ڏَسِ،
    اَکِينِ جي آرَس، مُنڌَ جيهائي جوڙَڪِي.
    5
    هَلَڻُ سَهان نَه هوتَ جو، وَڃَڻُ مَ وارِيو،
    رَهو راتِ ڀَنڀورَ ۾، ڪا گَهڙِي هِتِ گهارِيو،
    مَعذُورِ کي مَ مارِيو، سِڪِي جنهن سَڱُ ڪِيو.
    6
    مون کي جَنِين مارِيو، آن ڪي گَڏِيا سي؟
    تَنَ ۾ طاقَت ناهِه ڪا، اَدا! اُنِيَن ري،
    سُورُ سَلِيمُ تي، جيلاه ڳالهه ڳَرِي ٿئي.
    7
    مُون کي جَنِين ماريو، سُڃاتَمِ سيئِي،
    پُنهُونءَ پَيڪانَ پَڇَنڊِيا، ٻِلَن تانِ ٻيئِي،
    ويڄَنِئُون ويئي، ٿِي وَهِيڻِي سَڄَڻين.
    8
    مُون کي جَنِين مارِيو، سُڃاتَمِ پاڻان،
    لوهُو لِڱنِ ناهِه ڪِين، سَنڌَ مِڙيئِي ساڻان،
    دارُونءَ جا داڻا، ڏِنَمِ هوتَ هَٿَنِ سين.
    9
    پَرتَوو پُنهُونءَ جو ڪِين ڇائِين ڪِين اُسَ،
    قرِيبِاڻِي ڪُسَ، آهي ڪَر ٻَڪَرڙي.
    10
    پَرتَوو پُنهُونءَ جو، سَهائِي ، سِياهُه،
    مُنهن ڏيئِي مُون آئِيو، رَنگا رَنگِي راهُه،
    پِهرِين ڏِيندا پاهُه، پوءِ رَڱِيندا رَڱَ ۾.
    11
    پَرتَوو پُنهُونءَ جو، جُهڙَ جيئن جهالا ڏي،
    آئون تنهن آرِيءَ کي، وَٺِيو راهه، رُئان گَهڻُو.
    12
    پَرتَوو پُنهُونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
    ڀانيان ڏِيهُه ڀَوارَئُون، ساڄَنَ لاءِ صِحَتَ،
    مِٺِي مُصِيبَتَ، آهي آرِيءَ ڄامَ جِي.

    سرڪوھياري داستان 5
    1
    رِيءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، ويٺِي وِرِهَه چَران،
    اِنَ عَذابان اَڳهين، مادَرِ! ڇو نَه مَران،
    اَدِيُون، جو نَه اَوان، سو مان سُورُ سَرَتِيُون.
    2
    رِيءَ قَرِيبَنِ قُوتُ ڪِيو، وِرِهَه چَران ويٺِي،
    ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِي ڏُکَنِ سين ڏيٺِي،
    تو پُڄاڻان سُپِرِين! آئُون سُورَنِ سانڀيٽِي،
    جا مَرضَنِ مَريٽِي، سا سَرَتِيُون! ڪيئن سَگِهي ٿئي؟
    3
    سَرِتَيُون! ڪيئن سَگهِي ٿِئي، ويڙهِي جا وِرِهَنِ،
    چِتُ جنهن جو چُورُ ڪِيو، ڏُکويو ڏُکَنِ،
    پُڄاڻان پِرِيَنِ، اَدِيُون! اَگِهي آهِيان.
    4
    اَدِيُون اَگِهي آهِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا،
    سي ڪوهِيارا ڪيڻِ وِيا، ساڄَنَ سِياڻا،
    جي سَسُئِيءَ سيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِيا.
    5
    حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَريان ذَرِي،
    لڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، ڏُونگَرَ پُونِ ڏَرِي،
    وَڃَن وَڻَ ٻَرِي، اوڀَڙِ اُڀِري ڪِينَ ڪِين.
    6
    حَقِيقَتَ هِنَ حالَ جِي، جي ظاهِرُ ڪَرِيان زَبانَ،
    لڳي ماٺِ مِرُوئَنِ کي، رَسي سُورُ شَبانَ،
    ٽاڪَرِ ٽِڪي ڪانَ، جَبَلُ سَڀِ جَلِي وَڃِي.
    7
    جي حَبِ نَه هَلَڻُ سِکِيا، سي جَڏا ميڙِ جَلِيلَ،
    لَنگهائي، لَطِيفُ چئي، نِجَنِ ڪيچَ قَلِيلَ،
    وِساري، وَسِيلَ، مَتان مارَڳِ ڇَڏِيين.
    8
    سارِيان ٿِي سَبِيلَ، پُرِ تَقِصِيرون پاڻَ ڏي،
    مَتان مُون کي ڇَڏِيين، آرِي ڄامَ اَصِيلَ،
    وَرُ، وِلِهِينِ جا وَسيلَ، رَس رَهَبَرَ راهَه ۾.
    9
    اَچِيو اَچِيو چُونِ، ’وِهُ، ويا تان گهورِيا،‘
    سَرَتِينِ سانگُ سُکَنِ سين، مُون جِيئن رَتُ نه رُونِ،
    اُو مَرُ ويٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِيا.
    10
    سَرَتيُون سُوراتِنِ جي، ڪُهِه ٿِيُون پَٿَرِ پُونِ،
    گهاءُ نه لڳُنِ گَهٽَ جو، رِيا مان ٿِيُون رُونِ،
    چيتارِيو نَه چُونِ، پارَ منهنجي پِرِينءَ جا.

    سر ڪوهياري داستان 6
    1
    ڪنهن پَرِ رُوئان پرينءَ کي روئِي نَه ڄاڻان،
    مَٿي ڪِيو ڀُڻان، هَنجُنِ هاڻا هَٿَڙا.
    2
    ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، اَندَرِ ناهِه اُساٽَ،
    لوهُوڪا لَڪَنِ ۾، ويرِي مٿي واٽَ،
    ڇَپَرَ ۾ ڇُونڇاٽ، ڏِٺَم ڏُکويِنِ جا.
    3
    ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پَچَڻَ ناهِه پَچارَ،
    اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيان، کاڻِي مَنجِهه خُمارَ،
    گِرِيي جِي گُفتارَ، ٻِيءَ ڀَتِ ٻاروچَنِ ۾.
    4
    ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پارُ نَه ڄاڻان پَنڌُ،
    ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪَنڌُ، نايو ٿِي نعرو هَڻان.
    5
    ڪنهن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پارُ نه ڄاڻا پيرُ،
    ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿِيو، سُورَنِ لايو سيرُ،
    آرِيءَ لئي اُليرُ، رَقصُ ڀاڱي رَنَ جي.
    6
    ڪنهن پَرِ رَوئان پِرِينءَ کي، رُوئَڻُ مُون رِياءُ،
    بَرَنِ مَنجِهه بُڪاءُ، ٻِيءَ ڀت ٻُڌُمِ جيڏِيُون!
    7
    سُڃَ وَسندِي تَنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
    طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نينهن تَنين وَٽِ ني،
    ٽيڏِي پَسي ٽي، هو تان آهي هيڪَڙو.
    8
    ٻيون ڏيئِي ٻَنِ کي، هَلِجِ پاسي هيڪَ،
    وَرُ نه سَهي ويڪَ، تُون ٽيڏِي! ٽيايُون ڪَرين
    9
    اَڃا تُون اَواٽَ، واٽان پاسي ويسَرِي،
    سُونهِين ٿيءُ سواٽَ، ته مَنجهان دِلِ دَڳُ لَهين،
    10
    پاهِين، پَسِي پَٻُ، مَتان ڪا، مُنڌَ! ڏِيين،
    اَڳِيان ڪَئو مَ ڪَٻُ، اِيءُ قالِي آڏو ڪيچَ کي.
    11
    ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ،
    ڇَپَرَ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نيڻَ ڪِيا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو