صراط بلوچ
سينيئر رڪن
بيت 22 داستان 1 سر ڪلياڻ
شاهه جو رسالو ترتيب غلام محمد شاهواڻي
شمارياتي تحقيق، ترتيب، تحرير: صراط بلوچ
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جَي لَهيِن
هُئا اڳِهيِن(اڳهم) گڏُ، ٻُڌڻَ ۾ ٻه ٿِيا.
********
معنيٰ:
اها رمز جي تون پروڙين ته جيڪو پڙاڏو آهي(اهو آواز جيڪو موٽي ٻڌجي) اهو دراصل سڏ آهي. اصل ۾ اهي گڏ هئا(هڪ ئي هئا، هڪ ئي آهي) پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا آهن.
*********
سمجهاڻي:
هي بيت وحدت الجودي نظريه واري سلسلي جي بيتن مان هڪ بيت آهي، جنهن ۾ رهبر لطيف آواز ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سندس پڙاڏي جو مثال ڏيندي اسان کي سمجهائن ٿا ته جڏهن سڏ ڪبو آهي ته نتيجي ۾ پڙاڏو پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن سڏ وارو آواز نه هجي ته پڙاڏو به پيدا ٿي نه سگهندو، پڙاڏو سڏ واري آواز جي موٽ آهي اصل ۾ پڙاڏو ڪا الڳ شيءَ ناهي پر پڙاڏو اصل ۾ سڏ ئي آهي. جيستائين سڏ وارو آواز مخفي آهي ته اهو هڪ ئي آهي پر جڏهن سڏ جو آواز نڪتو ته ان سان گڏ اسان کي ان جو پڙاڏو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو. هن بيت ذريعي اهو سمجهايو ويو آهي ته جيستائين ذات باري تعاليٰ جي ذات مخفي هئي ته بس اها هڪ ئي هئي.(حديث مبارڪ ۾ آهي ته پهرين خالق جي ذات هئي جڏهن ذات باري تعاليٰ چاهيو ته مون کي سڃاتو وڃي ته هن پنجتن جي نور کي خلق ڪيو ۽ ان بعد ٻئي مخلوق خلق ٿي.) جڏهن پنهنجي مخلوق کي پيدا ڪيائين ته ان بعد دوئي جو تصور پيدا ٿيوِ (هڪ خالق ٻي مخلوق) پر دراصل اها دوئي اسان کي سڏ ۽ پڙاڏو جي مثال ڪري ڀانئجي يعني اصل حقيقت هڪ ئي آهي. پر ظاهر ٿيڻ ڪري ٻه الڳ الڳ شيون محسوس پيون ٿين. اصليت هڪ ئي آهي ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا آهن.
*********
لفظن جي معنيٰ:
1- پڙاڏو-پڙلاءُ(موٽ کائيندڙ آواز)، 2- ور-رمز، پيچ، 3- سڏ-آواز
4-لهين- سمجهين، پروڙين 5- اڳهين-اصل، اڳيئي، پھرين
********
**بيت جي شمارياتي سمري**
سٽون 2
لفظ 15
نقطن وارا اکر 11
بغير نقطن وارا اکر 9
اکر 20
ورجاءُ سان ڪل اکر 41