مضمونن جو ڪتاب "ڌرتيءَ جي دانهن" جو جائزو......!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    سنڌ جو هر فرد پنهنجي بقا جي جنگ ٿو وڙهي...!
    مضمونن جو ڪتاب "ڌرتيءَ جي دانهن" جو جائزو.....!
    [​IMG]
    فقير محمد سنڌي
    پيئي جن پرک، گنجي ڏونگر گام جي،
    واري سڀ ورق، لوچي لاهوتي ٿيا.
    ڪنفيوشس جو قول آهي ته :" جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ملڪ جي خدمت جي جذبي کان محروم آهي ته اهو انسانيت جي درجي کان ڪريل آهي."
    ڌرتيءَ جو اونهو ٿورن فردن جي حصي ۾ شامل هوندو آهي. جيڪي وطن جي هر شيءَ جو قدر پنهنجي سر کان به مٿي ڪندا آهن. اهڙي سنڌ جي ليکڪا ميڊم ارشاد سومرو به آهي جنھن جي دل ۾ هر ويل درد جي دونهي دکيل آهي جا "ڌرتيءَ جي دانهن " جي صورت ۾ سنڌ واسين تائين پهتي آهي. سنڌ کي ڪيترن جابرن فتح ڪرڻ گهريو آهي پر فتح سندن نصيب نه رهي آهي ڇو جو ڌرتيءَ جا پٽ وک وک تي موجود آهن. ان قافلي ۾ ارشاد سومرو جهڙيون سوڍيون به موجود آهن جيڪي پنهنجي قافلي جي سرواڻي ڪندي فخر محسوس ڪن ٿيون ۽ ڌرتيءَ جو درد رکندڙ ميڊم ارشاد سومرو جون لکڻيون سئو وکن سان سير ۾ سفر ڪندي هر واٽ کي اتساهه بخشين ٿيون.
    ڪتاب جو مقدمو سنڌ جي برک عالم ۾ محقق عطا محمد ڀنڀري لکيو آهي. ڌرتيءَ جي دانهن تي لکيل مقدمو واقعي تاريخ جو اصل مقدمو آهي. منهنجي خيال موجب تاريخ جي شاگردن کي هي مقدمو ضرور پڙهڻ گهرجي. عطا محمد ڀنڀرو لکي ٿو ته :"هن ڪتاب جو مونکي اهو ئي پس منظر ڏسڻ ۾ آيو ۽ان پس منظر ۾ مون کي مس ارشاد سومرو به نظر آئي جنهن جي ڪلڪ سان ڪات ٻڌل هو چيو ويندو آهي ته چار دودا ٿي گذريا آهن هڪ دودي پنهنجي پيءُ خفيف سومري جي ايامڪاريءَ ۾ اوچ جو حڪمران هو. ان زماني ۾ قنڌار( ڪنڌار ) سنڌ جي حدن ۾ هو جنهن کي محمود غزنوي فتح ڪري افغانستان سان ملائي ڇڏيو هو. "عطا محمد ڀنڀرو تاريخ کي واريءَ جي ذرن وانگر محنت سان گڏ ڪيو آهي، مقدمي ۾ تاريخ جي هن موڙ کي هن ريت بيان ڪيو آهي." ابڙي جوڻيجي اها ڳالهه ٻڌي حَتَر جي ويو ۽ موٽي اچي ڀاڳي ڀان کي چيو ته،، ادا! سام جهلڻ وارو ابڙو جاڙيجو آهي،، ان کان پوءِ اُهي سامهون وڃي ابڙي جاڙيجي وٽ پهتيون.ڄام ابڙي جوڻيجي جي ماءُ جو نالو حَشو هو. جيڪا تن ڏينهن ۾ پيڪي گهمڻ وئي هئي. اها ڳالهه ٻڌي ته سندس پٽ سامون موٽايون آهن ته هوءَ پنهنجي اٽالي سميت وهٽن کي ڊوڙائي اچي ڳوٺ پهتي ۽ پنهنجي پٽ ابڙي جوڻيجي کي چيائين "اڙي حيف هجئي" تو جيئري جاڳندي سامون موٽايون آهن. تو سنڌ جي لڄ پت کي ڪارنهن جو لينگهو لاتو آهي. منهنجي ٿڄ ايتري سگهاري هئي جو گدڙ پئي هان ته شينهن ٿي وڃي ها. " اها ڳالهه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ تي رڳو مردن دليري سان مقابلو نه ڪيو آهي ان ۾ عورتن جو اوتروئي ڪردار موجود آهي جنهن جو ثبوت" ڌرتيءَ جي دانهن " ڪتاب به آهي. ڇو جو سنڌ جو هر فرد پنهنجي بقا جي جنگ ٿو وڙهي. تڏهن ته زندگيءَ ۾ نڀا جو رستو سنڌ جي کاهوڙين لطيف سرڪار کان سکيو آهي.

    نو نيئر، ڏھ ڏانوڻيون، پندرھ پئند پياس،
    بگهاڙيون بغلن ۾، لکين لوھ لڳاس،
    جڏهن سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي.
    7اپريل ميڊم ارشاد سومرو جي ستل روح کي جنجهوڙي اچي تاريخ جي ورقن تي بيهاريو. تڏهن ته ڌرتيءَ ڌڻيءَ جي دانهن مضمونن جي صورت ۾ تاريخ جو ڪيڏارو بيان ڪري ويٺي آهي.
    سنڌ اها سرزمين آهي جتي نثر ۽ نظم لکندڙن جا حوصلا سدائين بلند رهيا آهن، انهن جي لکڻين ۾ رتيءَ جيترو به جهول ڪونهي. اتي ميڊم ارشاد سومرو جي دانهن ٻڌڻ وٽان آهي. شاھ لطيف چواڻي ته :
    جت نه پکيءَ پيرُ، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪي کير ري.
    ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر دودي مهيري لکيو آهي، لکي ٿو ته :"سنڌ جي سڄاڻ حساس اديب جي حيثيت سان ارشاد سومرو ۾ سنڌ ڌرتيءَ، پنهنجي وطن سان محبت، انهن جي ترقي ۽ تعمير جي خوابن جي ساڀيان لاءِ تڙپ اڃان وڌيڪ ۽ ان جي اڏاوت لاءِ جيڪي بنيادي ۽ اهم ڪمن تي به قلم کڻي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ڪيو آهي، جيئن ڪنهن به قوم جي لاءِ بهترين تعليم جي اهم ضرورت هوندي آهي. "
    پروفیسر سنڌاس جهانگياڻي جون سٽون آهن ته :" جيئڻ ڀلو آهي تن جو، جي جيئڻ ٿا ٻين لاءِ. "
    سنڌ اها سر زمين آهي جيڪا صدين کان هڪ سمجهيل سوچيل مسئلن جي ڄار ۾ ڦاسندي رهي آهي، سياست جا گر، مذهب جو جنوني حد تائين اثر جي ڪري سنڌ جي روح هر پاسي نهوڙيو ويو آهي. هر محاذ تي سنڌين جي احساسن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. اهو محسوسات جو اثر سڌي ۽ اڻ سڌي طرح اردو ميڊيا ڪنهن به طريقي سان پنهنجو ڪم تعصب جي صورت ۾ وقتن به وقت ظاهر ڪري ٿي. تنهنجي ڪري ارشاد سومرو کي "سنڌ جا مسئلا ۽ اردو ميڊيا جو ڪردار" ڪالم هن ريت لکڻو پيو آهي. "ڏٺو وڃي ته اها هڪ حقيقت آهي ته، اردو ميڊيا سنڌ مسئلن تي اکيون بند ڪري ڇڏيندي آهي. هو پاڻ کي غير جانبدار سڏائڻ جي باوجود جانبدار ٿي ويندي آهي، يا وري ائين چئجي ته پنهنجي آقائن جي اشارن تي هلندي آهي. "
    منهنجي نظر ۾ اڄ جو مضمون نگار انسانيت تي ٿيندڙ ظلم کي ڪنهن به طريقي سان تاريخ جو حصو بڻائڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ويو آهي.
    " عورتن سان ناانصافي" جي مسئلن تي ارشاد سومرو تاريخي حوالن سان گڏ عورتن جي تحفظ ۽ ان جي عظمت تي برجستي ۽ مدلل روشني وڌي آهي." سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته اها ڳالھ پڌري ٿي بيهندي ته ڪارو ڪاري سنڌ جي روايت نه آهي، ڪارو ڪاريءَ جي رسم ڪٿان شروع ٿي، ان جو ڪير به پيرو نٿو کڻي. هن ڪڌي رسم تحت مفادن جي پوئواري لاءِ نياڻين کي نشانو بڻايو ٿو وڃي." ان فڪري کي ڪوٽ ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي ته جيڪي اسان جي معاشري ۾ غير روايتي ريتن ، رسمن۽ رواجن ڪر کنيو آهي انهن محل سان درست ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي جنهن نشاندهي ارشاد سومرو سان گڏ ڪيترن ليکڪن ۽ ليکڪائن پڻ ڪيو آهي.
    ڌرتي ڪيئن نه دانهن ڪري، ڌرتيءَ جي دانهن ڪرڻ حق آهي. ان دانهن کي سورما ۽ سورميون ورنائينديون آهن. دانهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ ان جو اثر گهڻي وقت تائين قائم به رهندي آهي. مثلن : سنڌ جو نوحو :
    " سنڌ جي وڏي وزير کي ميار ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ هن سنڌ ڌرتي تي 70 سالن کان آباد اڄ به پاڻ کي مهاجر سڏائڻ ۾ فخر ٿا محسوس ڪن." اهڙي نموني، "اردو ڳالهائيندڙ صرف سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم تي دانهن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به اهي موجود آهن، پر اهي دانهون نٿا ڪن. " يا وري امن جي دانهن." ڪراچي آباديءَ جي ڪري امن امان جو مسئلو سنگين ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت کي رينجرز کان مدد وٺڻي پئجي رهي آهي. ڇا ڪراچي وڌيڪ ڌارين جي آباديءَ جو بار کڻڻ جي سگهه رکي ٿي؟ "
    ڪنهن عالم جو چوڻ آهي ته :" جيڪڏهن بهترين ماڻهو بڻجڻ چاهيو ٿا ته ماڻهن کي فائدو پهچائڻ وارا بڻجي وڃو. "فائدو اندر ۾ عشق رکندڙ ئي ڏئي سگهي ٿو." بشير خان قريشي آزادي مارچ ۾ سنڌ واسين کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته "مان انهن قدمن کي چُمان، جيڪي سنڌ جي حقن لاءِ ڪھي آيا آهن. " وري ٻئي پاسي سنڌ جي حصي ۾ شهادتون به آهن. "29 نومبر فجر محل سکر جي مسجد ۾ خالد محمود سومري کي شهيد ڪيو ويو. خالد محمود سومرو جي شهادت به هڪ وڏو گهاءُ آهي."
    ڌرتيءَ جي دانهن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ارشاد سومرو جا ڪيل سوال ڪارائتا آهن، انهن سوالن تي ڌيان ڏئي بھتر کان بھتر ڪالم لکي سگهجن ٿا. ارشاد سومرو لاءِ آخر ۾ هي شعر ته :
    ڪُپري ۾ پيرُ، ڪنين پاتو پيريين،
    جهان منجهڻ ماڻئين، سڄڻ تهائين سير.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو