ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شعري مجموعي "اُلا اڱر ٽانڊا" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 سيپٽمبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    238
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو شعري مجموعو
    "اُلا اڱر ٽانڊا" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    سڄو زمانو هي آھ ريسارو
    نظر ۾ توکي جهپڻ ٿو چاهي
    جيئن نه توکي ڏسي ڪوئي ٻيو
    اکين ۾ توکي ڍڪڻ ٿو چاهي.
    شاعري پنهنجي دور جي سفير آهي، جنھن ۾ شاعر پنهنجي دور جا احساس، ادب جا اصطلاح، رومانوي شاعري ۽ جمالياتي حسن کي پرکي آساني سان عوامي شعور ۾ واڌارو ڪندو رهي ٿو. اهڙو ئي شعور وند ۽ شاعريءَ جي سفر ۾ مسلسل پنڌ ڪندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به آهي. جنھن ڪتاب" اُلا اڱر ٽانڊا " ۾ سماجي، معاشرتي روين تي خوددار بڻجي زماني ۾ ٿيندڙ انياءَ تي جڙيل پاسن کي ڀرپور تجربي جي آڌار تي پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سماج ۾ فريبيءَ کي ڪٿي به پسند نه ٿو ڪري. پنهنجي فرض۾ ڪوتاهي ڪندڙ کي تنبيع ڪندي هن ريت مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته :

    حاڪم هر جاءِ ڪوڙ هڻي ٿو، ڪوڙ ڳالهائي ڦري وڃي ٿو،
    بي شرمي جي هن دنيا ۾، بي حيائيءَ ۾ گهري وڃي ٿو.
    سياست دان وڄائي دٻڪي، ماڻهن کي ٿا ناچ نچائن،
    ڪوڙا واعداڪوڙيون قسمون ڪوڙا ويٺا خواب ٻڌائن.
    لفافي خبرن جي هاڻي، هڪ نئين بازار لڳي آ،
    ڀتي ۽ منشي گيريءَ جي، صحافت ڄڻ سرڪار لڳي آ.
    ڪوبه نه ڪنهن کي روڪي ٽوڪي، ڪوڙ ته ڪنهن جي پيءُ جو ناهي،
    بي غيرت ۽ ٿوڪو هاڻي، ٺيڪيدار عزت جو آهي.

    معاشري ۾ نيڪي نه ڏسي شاعر پنهنجي طبيعت جي آڌار ڌرتيءَ تي نيڪيءَ جو بول بالا هجڻ جو خواهشمند رهي ٿو، ڇو جو هن جي من ۾ سچائي جي اڻ تڻ موجود آهي. سچائي عمل سان حاصل ٿيندي آهي ان سچائي جي باري ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال شعور رکندڙ فرد کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ان سان هن ريت مخاطب آهي.
    اڄڪلهه جا هي دانشور
    مفت ۾ مليل ڪتابن کي
    سُنگهي شيلف ۾ رکن ٿا
    بنا پڙهڻ جي علم پرائي
    وڏا وڏا ڀاشن ڏين ٿا
    ڪنهن جي ايجنڊا تي ڳالهائي
    سوشل ميڊيا جي
    رانديڪي سان
    روز پيا ٿا کيڏڻ ويٺا
    پنهنجو پيٽ به پالن ويٺا
    خوشامند جي گگ وهائي
    لائيڪس ۽ مبارڪون ڏيندي
    پنهنجي وجود ۽ احساس کي
    روز اجاري جيئرو ڪن
    هي ڇا ڪن ٿا؟
    ڌوڙ ٿا پائن.
    ڳالھ هلي ٿي شاعريءَ جي ۽ شاعرن هر دور ۾ پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو ڏنو آهي . مولانا جلال الدین روميءَ جون سٽون آهن ته :
    اي برادر طفل طفل چشم تت،
    کام خود موقوف زادي دان ست.
    مٿين شعر جي ڳالھ سنڌي ٻوليءَ۾ هن ريت آهي ته :
    "جيئن حلوائي ڇوڪر جي روڄ راڙي تي سڀني لهڻيدار کي پنهنجي اوڌر موٽي ملي تيئن اي ڀاءُ! توکي به مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو روئڻ وارو ڇوڪر گهرجي. اهو تنهنجي اک جو ڇوڪر آهي، جنهن جي روئڻ تي ئي تون پنهنجن مقصدن کي پوري ٿيڻ جو پهريون مدار سمجھ."
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو آزاد نظم" انتظار" ۾ سمجهاڻي جو نڪتو پيش ڪيو آهي.
    انتظار -
    اسان پڃري ۾ پيل
    اُهي ڪڪڙ آهيون
    جيڪي خبر ناهي ته
    ڪنهن به گراهڪ جو
    ڪنهن به وقت تي
    کاڄ ٿي وينداسون
    ۽ سڀئي
    پنهنجن پنهنجن گراهڪن جي
    انتظار ۾ ويٺا آهيون.
    شاعر جي من ۾ جيڪا ڳالهه آهي، سا جدوجهد جي طرف اشارو ڪري ٿي ۽ جدوجهد۾ ئي سلامتي ۽ بچاءُ جو عمل سجايل آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ صحافي نعمت کهڙي لکيو آهي، لکي ٿو ته : "مُون ذوالفقار سيال کي هميشه چمڪندڙ جبل جي صورت ۾ ڏٺو آهي. ايندڙ آگسٽ ۾ ذوالفقار سيال 64 ورهين جو ٿي ويندو پر هو زندگيءَ ۾ اِئين نظر ايندو آهي ڄڻ تازو ئي ڪا گجگوڙ ڪندڙ نئين جبل تان لهي رهي آهي. مُون اهڙا ماڻهو تمام گهٽ ڏٺا آهن، جيڪي هميشه مسڪرائيندا رهندا آهن. ذوالفقار سائين جي شخصيت تي هليا وياسين، جنھن ۾ جهاتي پائڻ کانپوءِ خبر پئي ته هي هڪ شاعر ئي ناهي، پر "حيرت جو جزيرو" آهي. ذوالفقار سيال لکڻ جي شروعات ٻارن جي ادب سان ڪئي. هن جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۾ شايع ٿي آهي. گڏوگڏ ذوالفقار سيال ڪهاڻيڪار به آهي. شايد! گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته هي هڪ سٺو ڪمپيئر پڻ آهي، جيڪو ٽي وي پروگرامن ۾ به ڪمپيئرنگ ڪري چڪو آهي. اھڙي طرح ذوالفقار سيال هڪ هوشيار ۽ هونهار ڊاڪٽر به رهيو آهي. "
    ذوالفقار سيال سچائيءَ جو متلاشي آهي، تڏهن ته حق جي ڳالهه تي گهنڊ ٻڌي، بيهي رهيو آهي. ڊاڪٽر سيال منَ جي مِيرُ کي اجري رکڻ جو خواش مند آهي. هيٺين آزاد نظم ۾ منَ جي مير کي صاف رکڻ مقصد جو اولين حصو ٿو محسوس ڪري.
    صبح صبح جو
    حاجي سڳوري
    ٽن شيطانن کي
    پٿريون هڻن ٿا
    حج ڪن ٿا
    پر پنهنجي اندر ۾
    سوين شيطانن کي
    سانڍي رکن ٿا
    ھر اندر ۾
    ويٺل شيطان
    اڃان به جيئرو آهي
    پنهنجو ڪم به ڏيکاري ويٺو
    ان کي مارڻ چاهيو
    ماريو؟
    محترم اسحاق تونيو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ جي ڪتاب تي پنهنجي راءِ هن ريت پيش ڪئي آهي. لکي ٿو ته :" سنڌ جي موجوده حالتن جي اپٽار ۽ سماج ۾ ترقي جي ابتڙ تنزلي جي رد عمل ۾ هن جي اندر جيڪا ڇڪتاڻ ۽ ڪاوڙ ولورجندي نظر اچي رهي آهي، انکي هن جيئن جو تيئن بغير ڪنهن رک رکاءُ جي جيڪي به مشاهدا ٿيا اٿس، انهن کي مجموعي طور تي اوتي ڇڏيو اٿائين. "
    سوشل ميڊيا تي عملي ڪم ڪرڻ لاءِ اسان تيار ئي نه آهيون، رڳو اسان کي تصويرن جي نمائش ڪرڻي آهي. اهڙيءَ عمل شاعر جي روح کي رهڙيو آهي.
    ڪيترن جون تصويرون ڏسندي
    مون کي هاڻي ائين لڳي ٿو
    تصويرن مان ڌپ اچي ٿي.
    ڊاڪٽر عابد مظھر لکي ٿو ته :" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگيءَ جي سڄي عمر جا تجربا، مشاهدا هن ڪتاب جي شاعريءَ ۾ شامل آهن. هن جي ڪتاب ۾ هڪ نظم Regret ۾ سماج کان هڪ شڪايت آهي. جيڪا پڙهندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي."
    نظم( Regret) ڪجھ حصو پڙهندڙ جي نظر.
    منھنجو ڪو به دوست نه آهي
    اهو سڀ ڪجهه سچ چوان ٿو
    ڪيترن جون آنڱريون پڪڙي
    منزل تي پهچايو هوندو
    ڪيترن کي سنواريو هوندو
    ڪيترن کي سجايو هوندو.
    ليکڪ جو سرسري طور پنهنجو مزاج آهي، ڪجھ ٿورن لفظن ۾ سچ جو ساٿاري بڻجي سماج جي عڪاسي ڪندي مصوري جا کوڙ ساترا مينار جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ڊاڪٽر ذوالفقار وسيع سوچ، ويچار جو رکوالو ۽ ڪوڙ جي چمق تي ڪڏهن به عاشق نه ٿيو آهي. ازلي حسن کي سمجهڻ جو ڏانءُ ڊاڪٽر سيال وٽ حقيقي معني ۾ موجود آهي. تڏهن ته ناليوارو نقاد ممتاز مھر لکي ٿو ته : "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي شاعريءَ جي ٽيئن ڌارا جي ٽيئن پيڙهيءَ سان تعلق رکي ٿو. نيئن سنڌي شاعريءَ جو مهندار شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ گرامي هئا. ٻئين پيڙهيءَ جا مهندار شمشيرالحيدري، تنوير عباسي ۽ امداد حسيني آهي ۽ ٽيئن پيڙهيءَ ۾ تاجل بيوس، عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال شامل آهي. " ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا آزاد نظم معاشري جي چٽي عڪاسي ڪري رهيا آهن جنهن ۾،" تعداد " " ڪريل" اُلا اڱر ٽانڊا" "بازار" بليڪ وائيٽ ۽ميڙ منٿ قافلو شامل آهن. 144صحفن جو هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي ارپنا "انهن سڀني اديبن ۽ شاعرن جي نالي جن سچ لکي، الزامن ۽ تهمتن جا تغما پاتا آهن ۽ ڪوڙ جي منهن ڌوڙ وڌي آهي. "
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي سڃاڻ ليکڪ غلام نبي مغل لکيو آهي. لکي ٿو ته : ذوالفقار سيال به انهن سرويچن منجهان هڪ املھ تخليق ڪندڙ آهي جنهن سڄي عمر جو قومي ۽ سماجي قرض پنهنجي لکڻين ۾ تمام سهڻي نموني ادا ڪيو آهي."آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ شيخ اياز جو هي نظم ته :
    ماڪ لڳي جو موتي موتي،
    ان کي چونڊي چونڊي مون،
    آندو سورج جي سامهون.
    ڳوڙها هئا جيون جي جوتي،
    جن کي پوئي پوئي مون،
    پاتيون ڪنهن کي مالهائون.
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو