ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2021۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي ۽ هي اُها واحد سياسي جماعت آهي جنهن جا اڳواڻ هر دفعي اليڪشن مهل پنهنجي مجموعي ڪارڪردگي ٻُڌائڻ جي بجاءَ اها ڳالھ ورائي ورائي ڪندا آهن ته:”اسان ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون آهن“. حالانڪ جيڪڏهن حقيقتن جي بنياد تي ڏٺو وڃي ته جن ماڻهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ نوڪريون مليون آهن يا جن کي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي پنهنجي جائز مطالبات جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب جي ياترا به هي ئي حڪومت ڪرائي ٿي. سنڌ جي تعليم جي تازي صورتحال کان ته هر ڪوئي باشعور ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو واقف آهي. تنهن جي باوجود بقول پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جي جن ماڻهن کي هي ميرٽ تي نوڪريون ڏين ٿا. اُنهن کي ائين بي يار و مددگار ڇو ٿا ڇڏي ڏين. گذريل هفتي اُستادن جي ڀرتين لاءِ سکر آيَ بِي اَي وسيلي جيڪا ٽيسٽ ورتي وئي. اُن سنڌ جي تعليمي نظام متعلق کوڙ سارن نون سوالن کي جنم ڏنو آهي. ميرٽ کي بنياد بڻائي سموري سنڌ جي نوجوانن جي لياقتن ۽ قابليتن جو ڏيوالو ڪڍڻ تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت کيرون لهي. هن ٽيسٽ کانپوءِ جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن. اُهي نه ئي ڪنهن معيار جو پورائو ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن مقرر مقدار ۾ اچن ٿا. معنيٰ ته سنڌ جو تعليمي نظام ٻين صوبن جي تعليمي نظام کان هڪ صدي پوئتي پئجي وئي آهي. اهڙي خسته حال محڪمي ۾ جڏهن ڪو باصلاحيت ۽ قابل نوجوان بطور اُستاد ان نيت سان ڀرتي ٿي ڪري اچي ٿو ته هُو جديد انتظامي توڙي تدريسي طريقيڪارن کي اپنائيندي سالن کان ويران بڻيل اسڪولن کي واپس آباد ڪندو. جتي نه صرف شاگردن جي ذهني نشرونما ٿيندي پر اُنهن کي جديد دنيا جي تقاضائن، گهرجن ۽ معيار توڙي ماپن تي پورو لهڻ جو علم عطا ڪيو ويندو. اهڙن قابل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي سرڪار سڳوري مستقل بنيادن تي ڀرتي ڪرڻ جي بجاءِ عارضي بنيادن تي ڀرتي ڪري ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي. اسين پڻ گذريل سال کان اهڙي قسم جي هڪ ذهني ڪشمش ۾ مبتلا آهيون. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اسان کي روزگار ڏئي ڪري اسان جي صلاحيتن کي مسمار ڪرڻ ۾ سُٺو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. 2018 ۾ گڏيل طور ست هزار جي لڳ ڀڳ جي ايس ٽي ۽ اِي سي ٽي اُستاد ڀرتي ڪرڻ جو اشتهار سکر آي بِي اَي وسيلي ڏنو ويو. جنهن ۾ شرط اهو رکيو ويو ته جن وٽ بي ايڊ جي پروفيشنل ڊگري هوندي اُهي ئي اميدوار ڪاغذ موڪلي سگهندا. اُستاد جي ست هزار خالي سيٽن لاءِ سموري سنڌ مان تقريبن ٻاويھ هزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن پنهنجا ڪاغذ موڪليا. ٽيسٽ کانپوءِ حڪومت جي معيار تي ڪُل ٻه هزار اميدوار مس پورا لهي سگهيا. گهڻي غور ويچار کانپوءِ حڪومت سڳوري اميدوارن جي پاس ٿيڻ واري شرع کي 60 مان گهٽائي ڪري 50 مقرر ڪيو. جنهن جي باوجود به سموري سنڌ مان ڪُل ڇھ هزار جي ايس ٽي ۽ اِي سي ٽي اُستاد ڀرتي ٿي سگهيا. انهن پاس ٿيندڙ اميدوارن کي نوڪري جي حاصلات وارا مرحلا اُڪيرڻ ۾ پورو سال لڳي ويو. سنڌ جي ڪن ضلعن ۾ ته سال کان به وڌيڪ وقت لڳو آهي. جڏهن سمورو مرحلا طئي ٿيا ته اهي نوان ڀرتي ٿيل اُستاد پنهنجن پنهنجن اسڪول ۾ جيئن پهتا ته اُنهن اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتري آندي. اسڪولن ۾ شاگردن جو تناسب وڌيو، والدين تعليم جي اهميت مان واقف ٿيڻ لڳا. اسڪولن جي اندر مختلف تربيتي سرگرميون جهڙوڪ ڪوئيز مقابلا، تقريري مقابلا رانديون ۽ سائينسي ميلا توڙي نمائشون منقعد ٿيون. اهڙن سرگرمين سنڌ جي سرڪاري اسڪولن جي وقار کي بلند ڪيو ۽ سالن کان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ڏانهن والدين جي وڃايل اعتماد بحال ٿيڻ لڳو. ان ڏس ۾ خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ عام ماڻهوءَ سرڪاري اسڪولن کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ لڳا. سنڌ سرڪار هميشه جيان سڀني معاملن کان پاڻ کي بي خبر توڙي بي نياز محسوس ڪرائيندي، اهڙن قابل ۽ محنتي اُستادن کي نٽڻ اُس ۾ اُڇلڻ لاءِ نوان قائدا، قانون ۽ فيصلا جاري ڪرڻ لڳي. عارصي بنيادن تي ڀرتي ڪيل اُستادن منجهان ڪن کي سالانه انڪريمٽ ڏيندي رهي ته وري ڪن جي سالانه انڪريمنٽ اهو چئي بند ڪري ڇڏيئون ته جنهن مهل اوهان جي نوڪري مستقل بنيادن تي ٿيندي اُن ڏينهن کان اوهان کي سالانه انڪريمنٽ ڏنو ويندو. ڪن شعبن ۾ ڀرتي ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان ئي اُنهن جي نوڪري ڳڻپ ۾ آندي ٿي وئي ۽ اُهي ريگيولر ٿي ويا ته وري ڪٿي اُهو چئي موٽائي ٿي ڇڏيائون ته جنهن ڏينهن کان حڪومت سڳوري اوهان کي مستقل(Regular) ڪندي اُن ڏينهن کان اوهان جي نوڪري (Service) پڪي شمار ڪئي ويندي. هن وقت سموري سنڌ مان لڳ ڀڳ 40 هزار جي لڳ ڀڳ اهڙا اُستاد آهن. جيڪي حڪومت جي اهڙن غلطن پاليسن سبب ذهني ڀوڳنا کي منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙن اُستاد ۾ سنڌ يونيورسٽي وسيلي ڀرتي ٿيل اُستاد، اقرا يونيورسٽي وسيلي ڀرتي ٿيل اُستاد، اين ٽي ايس وسيلي ڀرتي ٿيل اُستاد، سکر آي بي اي وسيلي ڀرتي ٿيل هيڊ ماستر ۽ 2018 ۾ سکر آي بي اي وسيلي ڀرتي ٿيل جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اُستاد شامل آهن. تعليم جي سيڪريٽري جناب غلام اڪبر لغاري کي سنڌ جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، فيس بڪ جي توسع سان هڪ ڏينهن اُستادن جي مسئلن کي ٻُڌڻ لاءِ لائيو آندو. هن سيشن جي شروع ٿيڻ سان ئي ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب تعليم جي سيڪريٽري جناب غلام اڪبر لغاري کان 2018 ۾ ڀرتي ٿيل جي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اُستاد جي مستقلي توڙي سندس سالانه انڪريمنٽ بند هجڻ وارا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو. جنهن جي جواب ۾ سيڪريٽري تعليم جناب غلام اڪبر لغاري اهو چيو ته:”اِهي اُستاد جيستائين پڪا نه ٿيندا، تيستائين اُنهن کي سالانه انڪريمنٽ ڪونه ملي سگهندي ۽ انهن استادن جو هاڻ سان ئي اهو مطالبو آهي ته اسان کي پڪو ڪيو وڃي. جيستائين انهن جي ڪچي ملازمت (Contact) جو مدو پورو ڪونه ٿو ٿئي تيستائين انهن جي مستقلي بابت ڪجھ به ڪونه چئي سگهجي. جيئن انهن جو مدو پورو ٿيندو پوءِ سنڌ ڪابينا قانون جي گهرجن کي سامهون رکندي اهو فيصلو ڪندي ته انهن کي پڪو ڪيو وڃي يا نه؟ برحال دير سوير سڀ پڪا ٿي ويندا آهن“. سيڪريٽري تعليم صاحب جي ڳالھ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اُستادن ۾ مايوسي جي لهر پيدا ڪري ڇڏي. اُستادن جي وڏي ۾ وڏي تنظيم گسٽا به نون ڀرتي ٿيل اُستادن جي ڪا واھر ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. نون ڀرتين جي حوالي سان ڪجھ ڏينهن کان تعليم جي وزير سيد سردار علي شاھ جا بيان سامهون اچي رهيا آهن. سائين جن جون سڀ ڳالهيون درست ۽ سمجھ ۾ ايندڙ آهن. سواءِ هڪ ڳالھ جي ته:” اسان پهريون دفعو ميرٽ جي باقاعده شروعات ڪري رهيا آهيون“. سائين هي جملو هر دفعي صحافين اڳيان دهرائي رهيو آهي. هاڻ ڳڻتي جوڳي ڳالھ اها آهي ته ڇا هن کان پهريان تعليم کاتي ۾ جيڪي به ڀرتيون مختلف ٽيسٽنگ ادارن جهڙوڪ سنڌ يونيورسٽي، اقرا يونيورسٽي، اين ٽي ايس ۽ سکر آي بي اي وسيلي ٿيون آهن اُهي ميرٽ تي نه هيون ڇا؟ اسان جيڪي 2018 ۾ ساڳئي اداري (STS-IBA) جي مشڪل ترين ٽيسٽ پاس ڪري جي ايس ٽي اُستاد ٿيا آهيون، ڇا اسان به پنهنجي پاڻ کي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل نه سمجهون يا تعليم کاتو حڪومت سنڌ، جا سڀ وزير ۽ مشير اسان کي ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اُستادن واري فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو نه ٿا رکن. سائين اوهان ڀلي ميرٽ جي ڳالھ ڪريو پر گهٽ ۾ گهٽ اڳ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل اُستادن/هيڊ ماسترن کي رد ته نه ڪريو. جن پنهنجي محنت سان اوهان جا سالن کان ويران بڻيل اسڪول آباد ڪيا آهن ۽ اُنهن ۾ تعليمي رونقون بحال ڪيون آهن. سموري صورتحال کي سامهون رکندي ذهن اندر اهو سوال بار بار ڪر کڻي رهيو آهي ته:”ڇا ميرٽ تي ڀرتي ٿيڻ اسان جو ڏوھ آهي“. ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ اُستادن سان تعليم کاتي سنڌ جو اهڙو ناروا سلوڪ تعليم کاتي کي ڪهڙي نموني سان بهتري آڻيندو. اسين ميرٽ تي ڀرتي سڀئي اُستاد تعليم کاتي حڪومت سنڌ جي واڳڌڻي سيد سردار علي شاھ ۽ سيڪريٽري تعليم جناب غلام اڪبر لغاري کي اها گذارش ٿا ڪريون ته براءِ مهرباني اولين بنيادن تي ميرٽ تي ڀرتي ٿيندڙ اُستادن جي جائز مطالبن کي مڃيندي انهن کي انهي ذهني ڪشمڪش مان آزاد ڪريو ته جيئن اُهي مستقبل جي معمارن جي تربيت تي ڌيان ڏئي سگهن.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو