ڪتاب "روشني آهي حسين" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڪتاب "روشني آهي حسين" جو سرسري جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.
    ڪين ڪڍبو ڪنڌ، منجهان سڱ سيد چئي،
    هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌ.
    ( شاھ لطيف )
    زندگيءَ جو عملي مقصد خلق جي خدمت ڪرڻ تي ئي آهي، جن قومن زندگيءَ جي مقصد کي حاصل ڪيو آهي. فتح انهن قومن جو مقدر بڻي آهي. تاريخ جي ورقن ۾ جدوجهد جو عمل اولين مورچو آهي، اھڙي راھ تي سائنس جي ماهرن شاعرن، دانشورن، ليکڪن، فلاسافر ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ فردن پاڻ موکيو آهي. ان روشنيءَ جي پنڌ تي هڪ شاعره شبانہ عالماڻي به آهي جنھن جي شاعريءَ ۾ عورت جا احساس، ادب جي جاکوڙ ۽ مذهب کي مهذب طريقي سان پيش ڪرڻ جو نرالو ڏانءُ به آهي. آل رسول جي محبت جي سرچشمي ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جو ڪردار آهي. جنهن ڪربلا جي سرزمين کان قيامت تائين حق ۽ باطل جي رستي کي روشناس ڪرايو آهي. شبانہ عالماڻي جا، دعائيه حمد، حمد، نعت ۽ قصيدي ۾ سماج کي آگاهي جو درس ملي ٿو.جيئن شبانہ عالماڻي جون حمديه سٽن ۾ به ڌرتي جي اڪير سمايل آهي.
    ٿي رهي سنڌ، ڏک ۾ شبانہ،
    شل پسان سنڌ، سک ۾ شبانہ،
    ٽار مولا! مصيبت بلائون،
    پنجتن پاڪ صدقي خدايا!

    دوست تنهنجا ئي، ڄاڻن ٿا تنهنجي رضا،
    پئي ڏسي ڪربلا، تنهنجي هر هڪ ادا،
    عشق، غم، آھ، سجدو ۽ ڳجهه تير ۾.

    تون راھَ ۾ آن روشني، هر زندگي،
    ڪنھن جاءِ تي تنهنجي نه ٿي ڏسجي ڪَمي،
    ھر قلبُ ۽ قرآنُ تون، سبحان تون.

    دنيا جي اندر سور نه سهڻ جي سگهه سڀني ۾ هڪ جهڙي آهي، اهو ان لاءِ ته سور ڪهڙي به قسم جو يا نوعيت جو هجي پر اهو سور جنهن جو سڌو سنئون اثر ذهن تي ٿئي ٿو. جڏهن ذهن ڪمزور يا سگهارو ٿئي ٿو تڏهن ڪا نه ڪا تخليق جنم وٺي ٿي. جيئن شبانہ عالماڻي جي ذهن جي پروڙ جيئن قصيدي ۾ آهي.
    ھر دور ۾ خيال جا، موتي ونڊي پيو،
    ٽٽل دليون امام ئي، جوڙي ڳنڍي پيو،
    منظر جيان اڳيان رهي، وري وري حسن.

    جڏا جيئڙا ٿو، جيئاري ڇڏي،
    اچي ٽاري مشڪل، سنواري ڇڏي،
    مصيبت ۾، مشڪلڪشا يا علي.

    نبي اڳواڻ لشڪر جو، علي مولا وڙهي حق لئه،
    هي دل سلمان جي آهي، نبي مولا علي مولا.

    عشق جو پنڌ اوکو آهي، انهيءَ پيچري تي ڪو ڪو نڀاءُ ڪري سگهندو آهي. مولانا جلال الدین روميءَ جو شعر آهي.
    اي عشق پيش ہر کسی نام و لقب داری بسی،
    من دوش نام دیگرت کردم کہ درد بی دوا.
    (اي عشق! سڀني جي اڳيان تنھنجا ڪيترائي نالا ۽ لقب آهن؛ مان ڪلھ رات تنهنجو هڪ ٻيو نالو "درد بي دوا" رکيو آهي. )
    زندگيءَ جو عملي مقصد خلق خدا جي واسطي محبت سان لاڳاپيل هر وجود جي بقا لاءِ پاڻ پتوڙيندر کي صدين تائين تاريخ ياد رکي ٿي ، حوصلو ڏيندڙ بقا جي تاريخ رقم ڪري ٿو.شبانہ عالماڻي جا قصيده هر دل کي جيئدان ڏيندا رهندا.
    جمال جهان منجهه، جلوو حسين،
    جرئت سان جيئڻ وارو جذبو حسين.
    جڏهن ڪوئي باطل، جي ايندو اڳيان،
    چوي جيءُ مومن، پو سڏبو حسين.
    ڪٽائي ويو سرڙو، جهڪيو ڪونه هو،
    غيورن جي اڳواڻ لکبو حسين.
    اُٿي جنگ حق لاءِ جو ٽيون اُٿي،
    يقين آهي دڳ منجهه گڏبو حسين.
    مضمون "انقلاب جي روشني " ۾ ناليوارو شاعر درد هوش محمد ابڙو لکي ٿو ته : "انسان هر دور ۾ سڪون جو تلاشي رهيو آهي، دنيا جي ڊُڪَ ڊوڙ سبب جڏهن به ٿڪجي پيو آهي يا دنيا ۾ پنهنجي وجود کي اڪيلو محسوس ڪندي ٿڪجي پوندو آهي تڏهن انسانِ عقيدي ۾ ئي سڀ ثواب، سهارا ۽ سڪون محسوس ڪندو آهي، هونئن به بيوسيءَ جو ٿڌو ساھ دعا ئي ته آهي."
    ڪتاب "روشني آهي حسين " جو ٻيو حصو سرائڪي نوحن تي مشتمل آهي. سنڌي شاعرن سرائڪي شاعري ۽ ڳالهائيندڙن سان خوب نڀايو آهي، ان عمل ۾ شبانہ عالماڻي به آهي جنهن کي سنڌي ٻولي سان گڏ سرائڪي زبان تي سٺو عبور حاصل آهي. مذهبي شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪرڻ ڏکيو عمل آهي پر شبانہ عالماڻي کي جس آهي جنهن ٻنهي ٻولين سان نڀاءُ ڪيو آهي۽ مذهبي شاعريءَ ۾ پنهنجي من جي اور به شاندار نموني جي ڪئي آهي .
    سرائڪي نوحو

    ميڏا اُجڙ ڳيا گهر سارا،
    ميڏا بکر ڳيا هر پاره،
    نانا ميڏا ڪجهه نهين بچيا.

    نانا ميڏي چادر لُٽ ڳئي،
    نانا ميڏي وير هِنِ ڪُس ڳئي
    نانا ميڏا ڪجهه نهين بچيا.
    زندگيءَ ۾ جڏهن سور سرور جي منزل ماڻي ٿو ته، اها منزل ڏسڻ وٺان هوندي آهي. اصل عاشق سرور تڪليف مان ئي حاصل ٿيندو آهي.
    وچ قبر مين اڄ ڀي هان قيدڻ،
    دفنا هي ڳيا ميڪون ويرڻ،
    ويرڻ دي نال مين جاوان هان،
    نال ميڏي صغري هووي هان.
    سبحان علي سبحان، شاعري اهلبيت آهي جيڪو پنهنجي مضمون ۾ هن ڪتاب تي راءِ هن ريت پيش ڪئي آهي ته :" هن ڪتاب ۾ منهنجي ڀيڻ آل محمد ﷺ جي ڏکن، احساسن ۽ جذبن کي لفظن جي مالها ۾ اهڙي طرح پوئي پيش ڪيو آهي، جو هر عمر جو انسان آسانيءَ سان مظلوم ڪربلا جي ڏک ڀري ڪهاڻي ۽ مقصد ڪربلا کي سمجهي سگهي ٿو."
    حسين حق دي پسند حقيقت،
    حسين هي زندگي طريقت،
    حسين هي نور مصطفا دا،
    حسين ميڏا، حسين دا مين.
    تاريخ ۾ ڪٿي به ڪونهي ته ڪوئي جابر عورت جي جدوجهد کي ماٺو ڪيو هجي، عورت ھر دور ۾ جابر جي ڪردار کي للڪاريو آهي. حق سچ جي علم کي بلندي بخشي آهي. شبانہ عالماڻي جو هيءُ نوحو ڪجهه اهڙن جذبن جي حقيقي ترجماني ڪري ٿو.
    ميڏي چادر، دين دي زينب،
    وڌ ڳئي ڌي، ڀيڻ دي عظمت،
    ھر مان او ڀيڻ دي سر تي،
    تيڏي ڀيڻ ردا ٿي ڳئي هان.
    زينب مين رِها ٿي ڳئي هان.
    اردو نوحو هن ڪتاب ۾ هڪ ئي موجود آهي، جنھن جو ڪجهه حصو پڙهندڙ جي نظر.
    کیسے سکینا دفنائی عابد،
    نا کفن، چادر، ہائے ہائے عابد،
    اپنا نا کوئی، کس کو بلائے؟
    ڪتاب "روشني آهي حسين" ۾ شاعره ٽن ٻولين ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو آهي.جنھن ۾ آگاهي جو سڏ اهو آهي ته :حق تي رهڻ، حق وٺڻ يا ڪنهن کي حق جو رستو ڏيکارڻ به جرئت مند ذهن جو ڪمال آهي. اهڙي رستي تي شبانہ عالماڻي جون وکون به لاڀائتيون آهن. آخر ۾ لطيف سرڪار جون سٽون شبانہ عالماڻي لاءِ ته :
    سهسين سجن اڀري چوراسي چنڊن،
    باﷲ ري پرين، سڀ اونداهي ڀانـئيان.

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو