ڪتاب "سنڌي شاعريءَ جو فن ۽گهاڙيٽا" جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪتاب "سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا" جو جائزو...! فقير محمد سنڌي
    ايڏو اوندھ منڊُ، جُگنو هڪ به نه جيئرو!
    تارا سڀ تڙڇي ويا، چاري ناھ چنڊُ،
    هي اونداهو کنڊ! تڙڦي شل ڪو ترورو!

    سنڌي شاعري جو سفر نرالو به پر ان سان گڏ اتساھ پڻ بخشيندڙ آهي،اهو ان لاءِ ته سنڌي شاعريءَ جو مجموعو طور تي مشاهدو ڪجي ته شاعريءَ ۾ پنهنجون روايتي صنفون ۽ پرڏيهي صنفن تي اسان جو ليکاري طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو . نظم جي هر صف بندي جو سرسري طور مضمون به سنڌي ٻوليءَ جو حصو آهن جيئن ڪنهن به قاري کي پڙهڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش نه اچي. عزيز قاسماڻي به نظم جي ڪجهه صنفن جي فن ۽ گهاڙيٽن کي تحقيقي انداز سان پيش ڪيو آهي،جيڪو گهڻي ڀاڱي خوشيءَ جو سبب بڻيو آهي اسان جون نظم جون صنفون وساريل يا جن صنفن تي گهٽ طبع آزمائي ٿي آهي اهي نئين سر پنهنجي جوڙجڪ ۾ تاريخي طور محفوظ ٿينديون رهن ٿيون. برصغير جي اندر اڃان تائين شاعريءَ جي نت نون گهاڙيٽن ۽صنفن تي تجربا ٿي رهيا آهن، ان سان شاعري ۽سنڌي ٻوليءَ کي اڃان وڌيڪ وسعت ملندي.
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي فنِ تحقیق تي پنهنجي راءِ هن ريت بيان ڪئي آهي ته :" زندگيءَ جي گوناگون پهلوئن جي وگيانڪ( سائنسي ) انداز ۾ ڪيل اڀياس کي تحقيق چئبو آهي، جنھن جي مدد سان انساني جيون کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. تحقيق جي جي وصف : تحقيق جي مڪمل ۽ صحيح وصف بيان ڪرڻ جيتوڻيڪ مشڪل آهي، پوءِ به ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪنھن مسئلي جي وشواس جوڳي حل ۽ صحيح نتيجن تائين پهچڻ لاءِ، تحقيق اُهو عمل آهي، جنھن ۾ هڪ باانتظام طريقو، حقيقتن جي ڳولا ۾ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ جو تفصيلوار بيان لڪل رهي ٿو. " عزيز قاسماڻي شاعريءَ جي ان صنفن تي تحقيق ڪئي آهي جيڪي صنفون ڇند جي سائنچي ۾ اچن ٿيون. جيئن ڪتاب جي 24 صفحي تي ڇند وديا جا اصطلاح، جي سمجهاڻي ڏنل آهي.
    سُر /آواز :
    ڇند وديا ۾ آواز يا اکر کي وڏي اهميت آهي، ڇند جي بنيادي رڪنُ يا اساسُ آواز آهي. آواز ميٿ( ڳڻپ ) جنھن کي اچي ٿي، ان کي لفظ جوڙڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه ايندي آهي.
    لفظ :
    لفظ /شبد ٻولي جي بنيادي ايڪي ۾ اچي ٿو. لفظ آوازن جي ميڙ کي چئبو آهي. جيڪو مختلف آوازن جوڙڻ يا ملائڻ جو خاص ڪم ڪري ٿو ۽ ٻوليءَ جي سرشتي جو سڀاويڪ عمل آهي، جنھن سان لفظ سولا، هلڪا هجڻ ڪري موسيقيت پيدا ٿيندي آهي.
    حرف علت :
    سنڌي ٻولي جا حرف علت تيرهن آهن جن مان ڪافي عربي ٻوليءَ تان ورتل آهن.
    زير، زبر، پيش، ٻٽي زير، ٻٽي زبر، ٻٽو پيش، ا، مد، و، ي،ن ،شد، الف حمزہ.
    شاعراڻي علم مطابق نون ۽ الف حمزه ارڌ ماترا به آهن ۽ حرف علت به آهن، سنڌي الفابيٽ ۾ صرف هي ٻئي حرف ارڌ ماترا آهن. ٽي حرفَ حرفِ علت آھن ۽ باقي حرف صحي به آهن."ڪتاب جي 29 هين صفحي تي" علم عروض ۽ ڇند وديا ۾ فرق " واري مضمون۾ تقطيع سان سمجهاڻي ڏنل آهي.
    " اينڊي روني" جو ذهني خاڪو ڪجھ هن ريت آهي ته :"توهان پنهنجن هٿن کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيو، اهي توهان جي دماغ کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪيندا." عزيز قاسماڻي به پنهنجي ذهني ڪم جو معيار تحقيق تي صحي نموني سان صرف ڪيو آهي. تڏهن ته لطيف سائين جي پارکو، گيت جو ناليوارو شاعر سرمد چانڊيو پنهنجي راءِ هن ريت پيش ڪئي آهي.
    " سنڌي شاعريءَ جو فن ۽گهاڙيٽا" هڪ منفرد ادبي ڪتاب آهي. جيڪو شاگردن توڻي استادن جي مطالعي جو انتظار ٿو ڪري. مُون کي بي انتها خوشي به ٿئي ٿي ۽هن عمر ۾ هانوَ جو ڏڍ به ٿئي ٿو. عزيز قاسماڻي منهنجو، استاد عظيم سومري، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو ۽ سنڌ جي ڀلوڙ راڳي اشرف علي ٻرڙي جو مانائتو ۽ شانائتو شاگرد به آهي، ته هم سفر به رهيو آهي. سنڌ سونهاريءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين عزيز جو آواز گونجي رهيو آهي. شيخ اياز شناسي هجي يا شاھ لطيف شناسيءَ جو اسڪالر ٿي اڀريو آهي. "
    علم جي قدرداني علم وارا ئي ڪندا آهن، جن قومن وٽ علم ۽ ادب جي تاريخ موجود آهي، ان قوم جا فرد سدائين جدوجهد جي عمل ۾ ئي رهندا آهن.
    تحقیق جي وصف بيان ڪندي، جي. ايف رومول لکي ٿو ته :" تحقيق ڪنهن ڳالهه جي ڳجهن رازن کي ڳولڻ، ڪنهن ڳالهه جي ترقي ۽ علم کي وڌيڪ پروڙڻ کي چيو وڃي ٿو. اهو هڪ ذهني ڪوشش جو سلسلو آهي جيڪو سون سالن کان هلندو اچي ٿو ۽ سچ يا حقيقت جي ڳولا ۾ مقصد ۽ هيئت کي تبديل ڪندو رهي ٿو." ڳالهه جيڪا تسلسل سان هلي ته ان سان نڀاءُ به ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ان ۾ وقت لڳي پر هجي سڀني لاءِ موزون . عزيز قاسماڻي به هڪ اهڙي تحقيق کي اڳتي وڌايو آهي، جيڪا ادب لاءِ انمول وکر آهي. ننڍي کنڊ ۾ ڇند وديا جا اڏيندڙ واري مضمون جو شروعاتي حصو پڙهندڙ لاءِ ته :" ادب جي شروعات ٻوليءَ اسرڻ سان ٿي آهي. ادب جا ٻه مکيه حصا آهن. نثر ۽ نظم. شاعريءَ جي موجد عورت آهي. عورت خوشيءَ يا وڇوڙي جي موقعي تي آلاپ ڪيو، ان آلاپ ۾ جيڪي شبد يا لفظ اچاريا آهن، انهن کي شاعري سڏيو ويو آهي."
    تحقيق حاصلات جو حصو آهي، اهو محقق تي ڇڏيل آهي ته جنهن شيءَ جي ڳولا ۾ آهي اها ان کي وقت سر ميسر ٿئي ٿي يا نه . عزيز قاسماڻي کي جيڪو مواد وقت سر ميسر ٿيو آهي. ان کي هيٺين ريت پيش ڪيو آهي.
    بيت جو فن ۽ گهاڙيٽا :
    " بيت سنڌيءَ شاعريءَ جو هڪ قسم آهي، بيت سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل صنف آهي، دوهو، سورٺو ۽ سينگار ڇند ۾ رچيل بيت، ڏور بيت، نڙ بيت، واقعاتي بيت، هنر جا بيت ۽ شعر جو هڪ نمونو، سنڌي شاعريءَ جي بنيادي صنف، صديون پراڻي صنف بيت آهي، ڇند وديا جي اصولن پٽاندڙ پهرين شاعري ويد ۽ پراڻ، بيت جو تاریخي نمونو آهن. بيت تڪ بنديءَ واري شاعري، مناظرن واري شاعريءَ کي به چئبو آهي. بيت جو سنڌيءَ ۾ جمع بيتَ، بيت عربي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جو عربيءَ ۾ جمع ابيات ٿيندو. ٻن تڪن وارو بيت، اشلوڪ، شلوڪ، دوهرو، سورٺو، ڪندلي ۽ لوڪ بيت سينگار، سينگار بيت ٻن کان وڌيڪ تڪن واري هيئيت کي چئجي ٿو. "

    وَرُ سا ڪاري رات، جنهن ۾ ڏٺم پرينءَ کي،
    چنڊ تنهنجي تات، هڏ نه وڻي هاڻ مون.

    بختاور منصور ڪتاب متعلق لکي ٿو ته : "علم ۽ عشق جي راھ جا راهي منزل جا عشاق آهن پر علم ۽ عشق ۾ انسان جيترو سفر ڪندو آهي اوتروئي کيس پنهنجي هستيءَ جي پستيءَ، علم ۽ عشق خلقيندڙ جي اوچائيءَ جو احساس ٿيندو آهي ۽ پوءِ هو پاڻ کي محبوب جي رضا ۾ راضي ڪري مست ڪري ڇڏيندو آهي."
    سنڌي شاعريءَ جو فن ۽ گهاڙيٽا"۾ عزيز قاسماڻي بيت، ٻائي، گنان، وائي، ڪائي ۽ گيت تي رهنمائي طور پنهنجي ڀرپور سگھ ڪتب آندي آهي. ان عمل سان عزيز قاسماڻي رهنمائي واري دڳ تي اڃان به گامزن آهي.
    " ھن کنڊ ۾ به وڏا شاعر ۽ موسيقار پيدا ٿيا آهن. پهريون آهي گرونانڪ جنهن واڻي ۽ ڀڄن يا ڪلام کي هڪ فني طور زمين ميسر ڪئي آهي ۽ ٻيو آهي شاھ لطيف. هندستان ۾ گرونانڪ جي زمين ۾ ڪيتريون صديون شاعري ٿيندي رهي آهي. واڻي هن وقت تائين ساڳي اسلوب ۾ لکي وڃي ٿي. ان جا ڪجهه مثال ڏيندس. واڻي جي وڏي ڪتاب کي گرنٿ صاحب به چئجي ٿو؛ گرونانڪ جي پيش آهي واڻي جو ڪجهه حصو .
    آپے کرتا پرکھ بدهاتا،
    جن آپے آپ اپاہے پچہا تا.
    آپے ستگرو آپ سیوک،
    آپے سراسٹ آپائی ہے."
    " ٻاڻي سنڌي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪا ڇند وديا جي اصولن تحت رچي ويندي آهي. هندو مت جي مذهبي اوتارن هن شاعراڻي صنف جو بنياد رکيو آهي."
    ڪهاڻي ۽گيت کي ان ئي زبان يا ٻوليءَ ۾ لکڻ گهرجي، جيڪا اطلاع ڪار ڳالهائيندو هجي. اهڙي پاسي کان عزيز قاسماڻي وڏي همت افزائي سان پار بيٺل آهي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي سڃاڻ ليکڪ جامي چانڊيي لکيو آهي، لکي ٿو ته :" هن ڪتاب جي هڪ اهميت ۽ حسناڪي اها به آهي ته ڇند جي ڄاڻ ۽ ان جي تخليقي اطلاق سان گڏوگڏ مٿي ڄاڻايل صنفن جي فني بيھڪ، بندشن ۽ مزاج بابت به تفصيل سان ڄاڻ ڏني آهي.".
    دل جي روشني گگھ اونداهي کي ڏسي به ٿي ۽ پاڻ پتوڙي طور سينا جي چوٽيءَ تائين رسائي به ڪري ٿي وٺي، ان منزل تي پهچڻ کان پوءِ اتان بيهي رب جي ربوبيت کي ڏسجي ته هر منظر پنهنجي فن ڪاريگري سان جڙيل آهي بس ان لاءِ ڳولا جاري رکڻ جي ضرورت آهي . اهڙي ڳولا ۾ ڪيئي جماليات جا مظھر موجود آهن، اھڙي ڪسوٺي تي عزيز قاسماڻي به بيٺل آهي، جنهن جي ڪوشش منفرد آهي. آخر ۾ عزيز قاسماڻي لاءِ مهان ڪوي شيخ اياز سٽون آهن ته :.

    تو آ ته کڙي مکڙي،
    تون باک جيان آهين،
    اچ اچ ته ٽڙي مکڙي!( شيخ اياز)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو