ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    بُوند بِرھ جي بهار لڳي، درد ونڍيءَ جو ديس وسي.

    ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعريءَ۾ درد جو فلسفو "جو جائزو...!
    فقير محمد سنڌي.

    سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان،
    جيڪُس آءُ هياس، ڪا گُري گوندر ول جي.
    ( شاھ لطيف)
    دنيا جي اندر قومن، طبقاتي نظام طور پنهنجي سماجي احساسن کي گهڻو نقصان ڏنو آهي، اھڙي طبقاتي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ عظيم شخصيتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي ماضي قريب ۾ ڀٽ جو شاھ پنهنجي فڪر ۾ سماجي طور اڏيندڙ ٿو نظر اچي. ڏک جو ناتو انسانن سان گڏ جانورن ۾ موجود آهي، هر پيڙا تي شاھ لطيف جي نظر فطري طور تي ڄمي ٿي بيهي، اها فطري نظر ڀٽ جي شاھ جو انمول مشاهدو آهي. اهڙي قسم جي مشاهدي کي، ڊاڪٽر احسان دانش "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" طور سنڌي ادب کي نگاهه عشق جو ڄڻ تحفو پيش ڪيو آهي. درد جو نالو آهي ئي اذيت، عاشقن وري ان درد کي ابتو سبتو ڪري جاچي مٿي کان وٺي پيرن تائين ان جو مشاهدو ڪري ان مان پرينءَ جو گس گولهي لڌو آهي.دانائي جا انمول مشاهدا لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي سنڌي ٻوليءَ کي ارپيا آهن، ان حڪمت ڀرين نقطن کي فنون لطيفہ جي ساڃاهه وندن وقت سر پنهنجي محنت سان توري تڪي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر احسان دانش ڀٽائي سرڪار جي هر سر کي زندگيءَ جو آئيڊيل بڻائي پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هيءُ نوَ لکي ڪتاب جيڪو نون بابن تي مشتمل آهي. اهڙي سهڻي ڪتاب جي ارپنا "همعصر دور جي ٽن لطيف شناس عالمن، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ۽ جامي چانڊيو جي نالي ٿيل آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ ڊاڪٽر احسان دانش جي زندگيءَ جو پروفائيل تصوير سان موجود آهي ۽ ان پروفائيل مان ڊاڪٽر احسان دانش تي بهترين مضمون لکي سگهجي ٿو. ڪتاب جو پهريون مضمون "شاھ لطيف "ڊاڪٽر احسان پنهنجي راءِ هن ريت بيان ڪئي آهي ته :"هونءَ به عظيم شاعر جاگرافيائي حدن ۽ وقت جي قيد بند کان آزاد هوندا آهن. اهڙن شاعرن جو فڪر، فلسفو، خيال ۽ پيغام ابد تائين قائم رهندو آهي."
    واقعي لطيف سرڪار وٺ هر منظر جو عام طور تي مشاهدو ۽ صلاح جو دڳ پنهنجو آهي.
    نوري ۽ ناري جوڳــيئڙا جهان ۾،
    ٻري جن ٻاري، آءُ نه جيئندي ان ري.
    ڊاڪٽر احسان دانش لطيف سرڪار جي پارکو طور، لطيف سرڪار جي شاعريءَ ۾" درد جي حقيقت "کي هن ريت پرکيو آهي." درد بنيادي طور ٻن قسمن جو ٿئي ٿو، پهريون جسماني درد(physical pain) ۽ ٻيو نفسياتي يا احساساتي درد( psychogenic emotional pain) درد جون اهي ٻئي صورتون وضاحت طلب آهن." ان مضمون ۾ ڊاڪٽر احسان خوب نڀايو آهي، درد جي باري ۾،درد شعور به سيکاري ٿو، معاشرتي سڌ به ڏئي ٿو ۽ زندگيءَ جي هر واٽ تي حوصلو پيدا ڪري، اهائي عملي ڪردار جي واٽ آهي.
    هيگل جو مشاهدو آهي ته :" انسان جي ارتقا خدا جو سفر آهي، پنهنجي ذات جي شعور ڏانهن، فطرت ۽ انسان روح جا ٻه حصا آهن. فطرت اهو روح آهي جنهن کي پنهنجي وجود جو شعور نه آهي پر انسان اهو روح آهي جيڪو ذات جي شعوري عمل ۾ مصروف آهي. بي شعور فطرت ۽ شعوري انسان ٻن حصن ۾ ورهايل آهن، جنھن ڪري ٻئي تضاد ۾ رهندا آهن".حوصلو درد جو جياپو آهي، درد وري هر محاذ تي پهچڻ کان پوءِ مخالف کي شڪست ڏئي ڇڏي ٿو. اهڙي حالت لطيف سائين هن ريت بيان ڪئي آهي.
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    وڃي ڀونُ پيٺي، سڪندي کي سڄڻين.
    ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي. لکي ٿي ته :" اهو فلسفو ته جهڙوڪر بس هن ئي عظيم شاعر جو ورثو آهي، جنھن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر احسان دانش هيءَ تحقيق ڪئي آهي. هڪ درد مند دل ئي سماج جي سورن تي ڪڙهندي آهي نه ته هن سماج ۾ اهڙا به بي درد ماڻهو پيا آهن جن کي ڪنهن جي ڏک سورن سان ڪو فرق نٿو پوي، ان ڪري به ضروري آهي ته قوم جا ڏاها، شاعر ۽ فنڪار ماڻهن کي دل ۾ درد ڌارڻ جو سبق پڙهيائين ۽ اهو ئي فلسفو شاھ لطيف جو آهي جو هو سمورن ڏکويلن کي يڪجاءِ ڪرڻ جو سڏ ٿو ڏي. " جاڳائڻ وارا فرد ئي وطن جي بقا لاءِ حوصلو پيدا ڪرائيندا آهن. اهڙي موڙ جي سجاڳي ۽ آگاهي ۾ لطيف سرڪار جي لوچ ۽ سوچ سوني تي سهاڳو آهي.
    سُتي سيج هُياس، مون کي آھ اُٿاريو،
    جنين جاڳاياس ،آءُ نه جيئندي ان ري.
    اداري پاران قمر آفتاب لکي ٿو ته :" شاھ لطيف جي شاعري ۽ فڪر ۾ تمام گهڻي وسعت ۽ گوناگونيت آهي، ان ڪري سندس فڪر تي تحقيق ۽ اڀياس جو سلسلو صدين کان وٺي هلي رهيو آهي ۽ اڄ تائين به جاري آهي، هي ڪتاب "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" انهي ئي تحقيق ۽ اڀياس جي سلسلي جي هڪ اهم ڪڙي آهي. "
    "شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ" ۾ ڊاڪٽر احسان دانش جي پرک ڪجھ هن ريت آهي." اسان جي لاکيڻي لطيف وٽ ڪنهن هڪ ڳالھ جي اظهار لاءِ به لفظن جا ڪيئي لعل ۽ گوهر موجود آهن. تنهن ڪري هن جڏهن" درد "جي احساس ۽ ڪيفيت کي به اظهاريو آهي ته ان لاءِ انيڪ لفظ ڪتب آندا آهن ۽هن جي شاعريءَ ۾ درد جا اهي لفظي روپ جابجا پَسي سگهجن ٿا."
    جيئن لطيف سرڪار فرمايو :
    ٿيندو تَنَ طبيب، دارون منهنجي درد جو.
    اهنج :
    جي تو سڪڻ سکيو، ته ڪاتيءَ پئي مَ ڪنجه،
    سپيريان جي سور جو، ماڙهن ڏجي نه منجهه،
    اندر ايءُ! اهنج، سانڍج سکائون ڪري.

    ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي لکي ٿو ته :" مان جڏهن احسان دانش جي هن ڪتاب" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو "بابت سوچيان ٿو ته اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته هي به پنهنجي اڀياس جي لحاظ کان پوري طرح پر آهي. ڊاڪٽر احسان دانش جي هن ڪتاب کي تنقيد کان علاوه تحقيق جي به معتبري عطا ڪن ٿا."
    زندگيءَ جون حالتون سدائين ساڳيون نه ٿيون رهن ڪڏهن درد ۽ ڪڏهن خوشي جي پڙُ ۾ لمحو لمحو گذري ٿو. بس زماني جي رمز کي جيڪو بهتر سمجهي ٿو، سوئي زندگيءَ جي گس تي پنڌ ڪري هلي پوي ٿو.
    ڪتاب جو چوٿون مضمون ۽ ٽائيٽل جو نالو" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو" هڪ ڳالھ واضع آهي ته هر شاعر فلسفي شاعر نه هوندو آهي." پيئري فلسفي شاعر ۽ اهڙي شاعر جيڪو فلسفي ناهي ٻنهي ۾ موجود فرق ٻڌايو آهي. ڪجهه شاعر اهڙا به آهن جن وٽ شعر چوڻ جو مقصد حقيقتن ۽ ظاهر شين کي بيان ڪري ڇڏڻ آهي ۽ بس. جڏهن ته ڪجهه ٻيا شاعر انهن کان هڪ قدم اڳتي آهن ۽ اهي پنهنجي شاعريءَ ۾ شين ۽ موجود وٿن جو رشتو زندگيءَ سان ڳنڍيندا آهن. "
    ڪٿي ٿيو ميهار ڪٿي ٿو گھنڊ گڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيء کير ري.
    ھر پڙهت جو پنهنجو اثر آهي ۽ هر لکت ۾ پنهنجو جوهر شامل آهي، اھڙي طرح جو مضمون لکندڙ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي به آهي. جنھن ڪتاب جي سڀني بابن تي مفصل راءِ ڏني آهي. فلسفي کي هن هيٺين طرح ڪوٽ ڪيو آهي. "فلسفي جو بنياد سوالن جو نه کٽندڙ سلسلو آهي.... هڪ فلسفيءَ جو ڪم رڳو سوال اٿارن نه آهي پر انھن جا جواب تلاش ڪرڻ ئي هن جو بنيادي مقصد آهي."
    ڊاڪٽر احسان دانش جي هن ڪتاب جو بنيادي مقصد به اهو آهي ته با شعور ۽باضمير ذهنن تي دنيا فخر ڪندي آهي جو انهن وٽ زندگيءَ جو هر سوال جو جواب به باترتيب موجود هوندا آهن. جڏهن اسان هن ڪتاب جو مطالعو ڪنداسين ته ان۾" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون " شاھ" لطيف جي شاعريءَ ۾ سورَ جي سونهن "" شاھ لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواع "" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج." جهڙا سڀ مضمون حوصلو بخشين ٿا جسماني ۽ روحاني ذهنن کي جن سدائين جيئان اتساھ ڏنو آهي رهبريءَ جي پنڌ جو، ان پنڌ ۾ درد به آهي ۽ فلسفي جون رمزون به سمايل آهن لطيف سائين جي هر بيت ۾ مشاهدي سان گڏ انساني ڪيفيت جو خرانو موجود آهي.
    تڏهن ته وينا شرنگي پنهنجي راءِ ۾ لکي ٿي ته :" ڊاڪٽر احسان دانش جو هي ڪتاب مون کي پڪ آهي ته لطيف جي شاعريءَ سان محبت ڪندڙن توڙي عام چاهڪن جي دل جي قريب رهندو. محققن طرفان به ان جي آجيان ڪئي ويندي ۽ ان موضوع تي صحتمند بحث لاءِ وڌيڪ نيون راهون کلنديون."
    دنيا هن وقت جنگ جدل جي ور چڙهيل آهي هر پاسي نفسانفسي جو عالم آهي پوءِ به لطيف سائين جي عاشقن جو سڏ اهو ئي مسلح پسندي وارو آهي. اهڙو غور ۽ فڪر، شبنم گل به پيش ڪيو آهي، لکي ٿي ته :" درد وسيلي باطن جي اک متحرڪ ٿئي ٿي ۽ تخليق کي نوان دڳ ملن ٿا. درد ذهني، جذباتي ۽ روحاني طور شفاف بڻائي ٿو. "
    تڏهن ته لطيف سائين فرمايو.
    سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي.
    لطيف سائين سراپا عشق آهي ۽ هر دڳ جو سونهن آهي،تڏهن ته عشق، درد ۽ جدوجهد جي پيروڪاريءَ لاءِ اتساھ ڏيندڙ خيال هن ريت بيان ٿيل آهي.
    برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو.
    صاحب ڪتاب ڊاڪٽر احسان دانش ٻه اکر به انهيءَ پسمنظر۾ لکيا آهن. لکي ٿو ته : " مان پنهنجي مطالعي ۽ شاھ جي رسالي کي وري وري اٿلائڻ ۽ ڀٽائيءَ جي ڪلام تي غور ڪرڻ سان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ٽي وڏا موضوع آهن، جيڪي سڄي رسالي تي ڇانئيل آهن ۽ لڳ ڀڳ هر سُر ۾ اهي موضوع ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اڀري اچن ٿا. اهي ٽي موضوع هي آهن : پهريون عشق، ٻيو درد ۽ ٽيون جدوجهد. جيڪڏهن غور سان ڏسجي ته انهن ٽنهي موضوعن جو وري هڪ ٻئي سان گهرو تعلق به آهي. عشق درد کان سواءِ اڌورو آهي ۽ جدوجهد درد بنا ناممڪن. درد باقي ٻنهي موضوعن جو مرڪزي نڪتو آهي. "
    لطيف سائين شاعريءَ ۾ اوگڻن جي نفي پنهنجي ماحول کان وٺي سڄي ڪائنات ۾ انساني حقن جي ڳالھ کي گُڻن ۾ تسليم ڪرائي چڪو آهي.
    ڊاڪٽر يوسف خشڪ، ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي لطيف شناسي ۽ ڊاڪٽر احسان دانش جي محنت کي هن ريت داد ڏئي ٿو ته :" ڊاڪٽر احسان دانش موجوده سنڌ جو نامور محقق ۽ قابل تعريف ڏاهو آهي. جنهن ٿوري وقت ۾ پنهنجي محنت ۽ علم دوستي سبب سٺو نانءُ ڪمايو آهي سندس موجوده ڪتاب" شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو "سندس علم دوستي، قلمي پورهئي ۽ لطيفيات سان محبت جو علمي مظھر آهي."
    آخر ۾ ڊاڪٽر احسان دانش لاءِ ڀٽائي سرڪار جون سٽون ته :
    کاهوڙين کڻي، ساجهر ٻڌا سندرا،
    ڏوريندين ۾ ڏونگرين ڪيائون پاڻ پـڻي،
    ڏکن ڏيل هڻي، ڇيهُ لڌائون ڇپرين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو