زيد پيرزادو جو شعري مجموعو "خيال" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    زيد پيرزادو جو شعري مجموعو "خيال" جو سرسري جائزو.. ...!
    فقير محمد سنڌي.
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڙهئان ميٺ گهڻو.

    ڪلا دنيا جي اندر ٿورن فردن تي مهربان ٿيندي آهي، جنهن کي ڪجهه ڀاڳ وند ڏات به چون ٿا. انهن ڏات وندن ۾ زيد پيرزادو به آهي. جنھن پنھنجي خيال سان گڏ ڏات کي ڏهوڻو ڪيو آهي. زيد پيرزادو سماجي ڪارج جي سڀني علامتن کان واقف آهي.تڏهن ته citizenship جهڙو نظم تخليق ڪيو آهي, پهاڙ کي هٽائڻ لاءِ اول ان کي ذرو ذرو ڪرڻو پوي ٿو، تڏهن پهاڙ کي پنهنجي جڳھ تان هٽائي سگهبو. پيار سان گڏ زندگيءَ ۾ درد به شامل آهي. دلين کي فتح ڪرڻ لاءِ هر جذبي کي سمجهڻو پوي ٿو. نه ته وقت پيھ ۾ هر احساس ٻوساٽجي وڃي ٿو.
    خوشيون شين مان نه پر،
    ماڻهن مان ملنديون آهن.
    سڄي عمر ماڻهو نه ته،
    سڪندو ٿو رهي،
    پنهنجائپ لاءِ.
    خوابن ۾ پنهنجي ديس جون گهٽيون،
    گهمندو ٿو رهي.
    ڌاري ٻولي ڳالهائڻ جي ٿڪ سان،
    زبان شل ٿي رهي.
    ڀريل گهر ۾ به،
    پنهنجو پاڻ،
    خالي خالي ٿو محسوس ٿئي.
    ڪير ٿو سمجهي سٽيزن زندگيءَ کي بس رڳو کن پل لاءِ وڏي بلنديءَ تي پهچڻ ٿا چاهين، تن کي زيد پيرزادي هوشيار ڪرڻ سان گڏ ننديو به آهي.
    زندگيءَ جي رلي،
    حياتين جي ٽوپن سان،
    سبيل آهي.
    ھر ٽوپو آخر ته ڇڄڻو آهي،
    ھر حياتي آخر ته وڃڻي آهي.
    ٺيڪ آهي،
    فقط موت جي حياتيءَ کي،
    موت ناهي.
    احساس اسان جي من ۾ ڪر تڏهن ٿو کڻي جڏهن زندگي جي ٻيڙي سير مان گذر ڪري ابدي زندگيءَ ڏانهن روانو ٿئي ٿي، تڏهن دل جا سڀئي بکيا زيد جي مٿين نظم جيئان اوڇنگارون ڏئي دل جي تاڪن کي لوڏي ٿا ڇڏين پر ان هنڌ تي بهترين تربيت رهندڙ فرد پاڻ کي ۽ ٻين جي جذبن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو. اهڙا گڻ زيد جي نظمن ۾ نمايان آهن.
    صاحب ڪتاب پنهنجي پاران لکي ٿو ته : "هن دور جي مهان شاعر امداد حسيني جا ٻه اکر مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه آهن. محمد علي پٺاڻ ئي شايد اهو شخص آهي جنهن ڪري اڄ به مون ۾ ڪو شاعر زندھ آهي. شروعاتي شاعري کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون کي اتساهيندو رهيو آهي. شاعر کي اتساھ جي به شديد ضرورت هجي ٿي نه ته هو ان راھ کي پرائو دڳ سمجهي مٽائي ٿو ڇڏي. "
    ھر اھو فن جيڪو سماج تي اثر انداز ٿئي ٿو، اهو رياضت ٿو گهري. فن جو سُتون رياض آهي، رياض کان پوءِ ئي شين کي وسعت ملي ٿي. ان وسعت کان پوءِ ئي شيون جماليات جو ويس اوڙين ٿيون .
    جذباتي قدم - نظم ۾ زيد جا احساس!
    اسان جي سماج ۾
    ٻي هر غلطي معاف آهي
    پر
    نادان عمر ۾ کنيل
    ننڍڙي ڇوڪريءَ طرفان
    هڪڙي جذباتي قدم جي سزا
    قابل معافي ناهي!
    خطائن سان ڀريل
    سمجهدار معاشري جو فيصلو
    عمر ڀر جي ڌِڪار آهي!
    شاعر جي ڪلا سماجي پيڙا مان نه گذري ته ان سٽن ۾ ست ئي ناهي رهندو. رويا انسان کي باغي ٿا ڪن، خانداني تشدد، علحدگيءَ جو سبب بڻجي ٿو، جنھن سان ننڍا ذهن رت جي رشتن جي ڪچي ٺهيل اسٽيج کي ڀورا ڀورا ڪن ٿا. درد جا سڀ پاسا بقا جي طرف اچن ٿا، اسان کي فنا ۽ بقا جو ڪلام سمجهيل هوندو ته پوءِ اسان ۾ فڪر جي طاقت اعتماد سان بحال رهندي. سامي جون سٽون ٿيون ياد اچن ته :
    اهڙي ڪير ڪري، سامي بنا ستگروءَ،
    ڀڳت جوڳ ويراڳ جا، ڏئي ڀنڊار ڀري،
    انڀيءَ جوت اندر ۾، ستم سڌ ٻري،
    پلڪ نه ٿئي پري، رمتا رام اکين کون.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محمد علي پٺاڻ لکيو آهي، لکي ٿو ته :" زيد پيرزادو پنهنجي شاعريءَ ۾ خيالن جي نواڻ ۽ اظهار جي جُداري دڳ تي هلڻ سان گڏ "روشن خيالي" واري منزل کي اکين جي ماڻڪين ۾ ڏاڍي باريڪ بيني سان سانڍڻ کان ڪٿي به غافل نه ٿو ٿئي. جيڪا هن کي شاعرن جي ڊگهي قافلي ۾ ٻه ٽڪا اڃا وڌيڪ نمايان ڪري ٿي."
    ازرا پائونڊ آزاد نظم بابت لکي ٿو ته :" منهنجي خيال ۾، آزاد نظم تڏهن لکڻ گهرجي، جڏهن اهو تمام ضروري هجي. رڳو تڏهن، جڏهن اها شئي هڪ اهڙو ردم ٺاهي، جيڪو موجوده روايتي بحرن کان وڌيڪ حسين هجي، وڌيڪ حقيقي هجي ۽ جذبن جي وڌي بهتر نموني ۾ ترجماني ڪري سگهي، جيڪو روايتي بحرن کان مايوس ڪري ڇڏي."
    ڪتاب جي ارپنا،" پنهنجي پيءُ، پنهنجي دوست، پنهنجي اتساھ، پنهنجي استاد، پنهنجي آئيڊيل انور پيرزادي نالي جنهن حق سچ مزاحمت روشن خيالي ترقي پسنديءَ جي تعليم ۽ شعور ڏنو."
    زيد جي اندر جو آئينو سماجي مسئلن تي ٽڪي بيٺو آهي، اھڙي ڳالهه هن نظم ۾ کليل اظهار سان ڪئي آهي. نظم جو ڪجهه حصو پڙهندڙن لاءِ.
    گهر جو ڪوبه ڪم نه ڪجي،
    دنيا بدلائڻ جون ڳالهيون ڪجن،
    قوم لاءِ ساھ ڏيڻ جي ڳالھ ڪجي.
    جنھن سان محبت ڪبي آهي،
    ان کي ننڌڻڪو نه ڇڏبو آهي،
    ڪوسو واءُ لڳڻ ناهي ڏبو.
    ڪتاب تي ٻه اکر ناليواري شاعر امداد حسيني لکيا آهن، لکي ٿو ته :" نثري شاعريءَ ۾ نه ته" قافيي بازي" جو ڪو جهنجهٽ آهي، نه ئي بحر وزن يا ماترڪ ڇند جو ڪو چڪر آهي. ان ۾ ڪا به پابندي نه آهي ۽ اها ئي ان جي وڏي ۾ وڏي پابندي پڻ آهي مثلاََ ان ۾ ڪو به ڀرتيءَ جو لفظ نه هجڻ گهرجي. "
    زيد پيرزادي وٽ اجتماعي سوچ موجود آهي، مطالعي ۽ مشاهدي جو گڏ هجڻ سان ذهن ۽ لفظن کي روح ملي ويندو آهي، بيچين روح مسلسل جدوجهد جو قدم اڳتي وڌائيندا آهن. اهڙي قدامت تخليقڪار جي تخليق مان محسوس ٿيندي آهي.
    سَڌَ - نظم
    سڌَ سامهون آهي،
    کيسو خالي آهي،
    پِيڙا وڏي آهي.
    پيڙا کان پوءِ ئي فيصلا ڪن محبت جو نظارو ڏسڻ وٺان هوندو آهي، بنا پيڙا جي سماج ڇسو محسوس ٿيندو آهي. ڪيتري به مشڪلات هجي پر صبر جو دامن احسن طريقي سان برقرار رکڻو آهي. تڏهن فتح جو نشان يا منزل تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي.اهڙي منظر تي لطيف سائين جي سماج جي نبض تي هٿ سان گڏ اک جو مشاهدو به سرس آهي. تڏهن ته هئين چيو اٿس.
    ٻُڏان ته ٻن، اولجان ته ان پار ڏي،
    ڪنڌيءَ اچيو سپرين، مان ٻر ٻر ڪن..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو