ڪتاب "سنڌ سموري گهايل ڇو" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    239
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    هڪڙو ماڻهو لک ٿئي ٿو، جي هو سچ چوي ٿو!!
    ڪتاب "سنڌ سموري گهايل ڇو؟" جو سرسري جائزو..!
    فقير محمد سنڌي
    ڏيھاڻي ڏٺم ڪيترا، جنين ماريو موڪَ،
    گهر ۾ گھاتوئڙن جا، ٿا مارينم ٿوڪَ
    لڏي وچان لوڪَ، اونهي ۾ ويا اوهري.
    ( شاھ لطيف)
    ناڪامي، انسان جي زندگيءَ جو حصو آهي، جيڪا گهڻي ڀاڱي ڏکين رستن تي بيٺل فردن کي حصي ۾ ملندي آهي، يا جيڪي فرد جدوجهد جي عمل ۾ هوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ استاد ذهنن جي ضرورت گهربل هوندي آهي. جيڪي ان وقت گهربل قوت ۽ روشني مهيا ڪندا آهن.اهڙي سگهہ ڀري دانهن ميڊم ارشاد سومرو جي نظمن ۾ موجود آهي. ارشاد سومرو جو ذهن هر وقت تڙپ ۽ لڇڻ ۾ محو آهي. سماج جي اندر ٿورا ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي آواز کي بلند ڪندا آهن. ميڊم ارشاد سومرو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ تجربي سان پنھنجي نظمن جي حاصلات کي درد ڀرين جي ايوان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. اهڙي سگھ ٿورن ذهنن ۾ موجود ٿيندي آهي. هر نااميدي جو سرسري رستو اميد جي اوچائي جي طرف اشارو ڪندو آهي. جنھن ۾ رحمت جو ڪرم ۽ حوصلي جي بقا جو ردم سمايل آهي.
    نظم - رحمت جي چادر
    دل جي ٽٽڻ جو ڪو آواز ئي ناهي،
    دل جي ٽٽڻ جو آواز،
    صرف تون ئي ٻڌين ٿو،
    تون ئي ان تي رحم ڪرين ٿو،
    باقي ته هت آهن، سڀ تماشائي،
    دردن تي به ٽهڪ ڏين ٿا،
    زخمن تي به لوڻ ٻرڪن ٿا،
    اي منهنجا خالق!
    وتائي فقير جيئن چيو آهي ته :" ﷲ ڏئي ٿو پر کنگهائي" مطلب ته توهان جيتري وڏي مصيبت سان مقابلو ڪندوءَ ، توهان کي اوترو ئي پلي پوندو. سٺن نتيجن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جو ميدان اولين مورچو آهي.
    اداري پاران مرتضيٰ لغاري لکي ٿو ته :"ارشاد سومرو نثر جي به سگهاري ليکڪه ٿي سامهون آئي آهي پر سندس شاعري وڌيڪ مڃتا ماڻي آهي. هوءَ شاعره طور وڌيڪ سڃاڻي وڃي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعريءَ جا ڪتاب وڌيڪ شايع ٿيا آهن. "
    سستا رستا سنڌ جا آهن، انهن رستن تي جڏهن انياءَ ٿئي ٿو ته شاعرن جو روح تڙپي پوي ٿو. ميڊم ارشاد سومرو جي هن نظم وانگي.
    نظم - ڪراچيءَ جو ڪيس!
    منهنجي ڏنگي، منهنجوڀنڊار،
    انهن تي به هنن جو وار!
    ڪلاچيءَ جي مان وارث ڪلاچڻ،
    منهنجي مورڙي جو ٿا ماڳ مٽائن،
    منهنجي مارن جا ٿا گهر ڊاهن،
    بيدرديءَ سان وري ماڻھوءَ پيا مارين،
    ماضي نٿا هو پنهنجي سارن،
    تعليم جا دروازا اسان لاءِ بند،
    روزگار جا دروازا اسان لاءِ بند.
    برائن ٽريسي جو چوڻ آهي ته :"انساني ذهن جي صلاحيت هڪ اهڙي سمنڊ وانگر آهي، جنھن کي اڃا پوري نموني معلوم نه ڪيو ويو هجي. ان ۾ هڪ اهڙي دنيا ڳولي سگهجي ٿي، جنھن ۾ چڱائيءَ جون تمام وڏيون لهرون اڀري، توهان جي زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي رخ ڏانھن موڙي سگهن ٿيون."
    پر منھنجي سر زمين جو قانون ئي ڪجھ الڳ آهي. تڏهن ارشاد سومرو وڏي واقعي چوي ٿي.
    قاتل ٿو انصاف گهري!
    هن ملڪ ۾ انڌير نگري،
    قاتل ٿو انصاف گهري،
    رانجهاڻيءَ جي رت جي گرڙي،
    قانون کي للڪاري ٿي،
    انصاف لاءِ واجهائي ٿي.
    سنڌ جي ناليواري شاعر، پروڊيوسر ۽ فنڪار بيدل مسرور مهاڳ ۾ لکي ٿو ته : "هند ۾ نئين ڪويتا جي ابتدا سنڌيءَ جي مشهور نقاد ۽ شاعر هريش واسواڻيءَ اڻويهه سئو سٺ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ڪئي آهي، انھن ئي سالن ۾ سنڌ ۾ ماڊرن سينسيبلٽيءَ واري نئين ڪويتا جو بنياد امداد حسينيءَ رکيو آهي، پر شيخ اياز کان اسان جي ڀيڻ ارشاد سومرو جي هن شعري مجموعي تائين سوين قدامت پسند توڙي جدت پسند شاعرن نئين ڪويتا تي طبع آزمائي ڪئي آهي. "
    ملڪ جي اهم ترين اداري جي سربراهه سان ارشاد سومرو مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته :
    نظم - اي ثاقب نثار
    سنڌو اسان کي خدا عطا ڪيو آ،
    سنڌو تنهنجي جاگير ناهي،
    جو اڏيندين انچ انچ تي ڊيم،
    سنڌوءَ ۾ آهي ساھ اسان جو،
    سنڌو آهي جياپو اسان جو،
    سنڌو سڪائي تون چين سان رهندين؟
    سنڌ بنجر ڪري تون تمغو کڻندين؟
    سنڌو جو سمنڊ ۾ ڇوڙ،
    لڳي ٿو توکي پاڻيءَ جو زيان؟
    سمنڊ ۾ به آهي جيوت خدا جي...! ؟
    بحريا جو ڪيس
    ماءِ لارڊ! اوهان پڇو ٿا، هي ڪير آهن؟
    هي جهنڊن وارا ڪٿان ٿا اچن؟
    هي جهنڊن وارا، هن ڌرتيءَ جا وارث آهن.
    ماءِ لارڊ! توهان اسان کي نٿا سڃاڻو؟
    پوءِ توهان کي ڪرايون ٿا پنهنجي سڃاڻپ!
    هي موهن جي دڙي جا دراوڙ آهن!
    مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ جا وارث .
    سنڌ جي ڳوٺن، شهرن، واهڻ ۽ وستين مان،
    ڌرتيءَ جا ماڳ مڪان بچائڻ نڪتا آهن.
    پهريان پاڻ سان سچي ٿيئڻ جي ضرورت آهي. پوءِ باشعور ماڻهن سان شعور جي ونڊ ورڇ ڪرڻي آهي. ميڊم ارشاد سومرو جي ذهني ورڇ قابلي ديد آهي. جيڪا پنھنجي حقن جي ڳالھ لاءِ مخلص به آهي ۽ هن جي جذبن جي تڙپ به آهي.
    ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره فرزانہ شاهين لکي ٿي ته :" لکڻ جو ڏانءُ ته هر ڪنهن کي اچي ٿو پر لفظ لفظ ۾ ساھ وجهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسين جڏهن ارشاد سومرو جي قلم مان ڦٽي نڪرندڙ تخليقون پڙهون ٿا ته سندس تخليقون جيتريون احساسن سان رچيل نرم ملائم محسوس ٿين ٿيون ته سندس تخليق مان باھ جا شعلا به ڀڙڪندي محسوس ٿين ٿا."
    ڪتاب : سُھائي سُيرينءَ جي، ۾لطيف سرڪار لاءِ هي ڪلمات ڏنل آهن ته :" لطيف نه فقط سنڌ، پر سڄي دنيا کي "نئون نياپو" ڏنو آهي. اهو نياپو آهي برابري جو نياپو، مساوات جو نياپو، انساني هڪ جهڙائي جو نياپو، جيڪو ذات، پات، اوچ نيچ ۽ ٻيا فرق ميساري ڇڏيو. " اها ڳالهه ان لاءِ لکڻ مناسب سمجهيم ته اسان جي معاشري ۾ اڻ برابري ڪنھن جبل وانگر کتل آهي جنھن کي ريزا ريزا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪتاب جي ارپنا به سنڌ جي انمول فردن جي نالي ٿيل آهي.
    سنڌ جي عظيم قومپرست اڳواڻ، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو ۽ عطا محمد ڀنڀري جي نانءِ جن هستين مون ناچيز جي ڪتابن تي لکي مونکي مان بخشيو!!!
    ناليواري شاعره سيما عباسي لکي ٿو ته :" هن جي نظمن ۾ سلاست، فراست ۽ بلاغت مذمت جي هر ميدان کي ماريندي نظر اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن جون ڪهاڻيون ۽ هن جا نظم ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻيل هوندا آهن، ڇو ته هن جي نظمن ۾ هڪ اھڙو انفرادي جوش ۽ جذبو پنهنجي معنوي محاذن تي دفاعي انداز ۾ مضبوطي سان بيٺل نظر ايندو آهي. "
    انسان جو بهترين اثاثو ان جو وطن آهي، جنھن وطن جي ڌرتي بچائي، وڻن جو محافظ بڻيو، ثقافت جي نگهباني ڪئي ۽ پنھنجي ساھ سان گڏ ٻين ساھ وارن جي سار سنڀال ڪئي، اھو ئي صدين تائين جي سگهي ٿو. اهڙو اظھار ميڊم ارشاد سومرو جي نظمن ۾ آساني سان پرکي سگهجي ٿو. تاريخ جي روشني مطالعي سان وڌي ٿي. تاريخ جو منظر ارشاد سومرو سان هن ريت ڳالهائي ٿو.
    سڏجي ٿو عربي سمنڊ!
    اسان جو سنڌي سمونڊ،
    سڏجي ٿو عربي سمنڊ،
    الست مان مليو اسان کي،
    وهي ٿو سنڌ جي سرحد ۾،
    سڏجي ٿو بحر عرب،
    رب جي رضا سان مليو اسان کي،
    سنڌ سان ازل کان ايڏو وير؟
    جاگرافي تي به ڌاڙو؟
    فطرت تي به وار؟
    آهي ازل کان سنڌي سمنڊ،
    سڏجي ٿو عربي سمنڊ!
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ڏاهي رسول بخش پليجي لکيو آهي، لکي ٿو ته :" ارشاد سومرو جي ڪتابن ۾ صرف وطن ۽ وطن جي ماڻهن جي دردن جون دانھون ۽ پڪارون آهن. هڪ عورت جو اهڙي ريت بيباڪ ٿي لکڻ، مون ان کان اڳ ناهي ڏٺو، جس هجي هن سنڌياڻيءَ کي جنھن سنڌي هجڻ جو حق ادا ڪيو آهي، مون کي خوشي آهي ته سنڌ ۾ اهڙيون سنڌياڻيون به آهن جن جي عشق جو مرڪز صرف وطن ۽ وطن جو مظلوم عوام آهي. "
    واقعي ارشاد سومرو جي نظمن ۾ ڌرتيءَ جو درد سمايل آهي اهو به اھڙيءَ طرح جيئن پنھنجي ڪنھن گهر ڀاتي جو درد هجي.آخر ۾ ميڊم ارشاد سومرو لاءِ لطيف سرڪار جو هي بيت ته :

    ڪيم ڪاپڙين جي پهرين ڏينھن پروڙ،
    سگها ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُور،
    سدائين سيد چئي، هُون سنياسي ۾ سُور،
    جوڳي ساڻ ضرور، لڪا ڀُڻن لوڪ ۾.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو