غلام حسين رنگريز به وڇڙي ويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2021۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    غلام حسين رنگريز جي سنڌي ادب ۽ اديبن کان موڪلاڻي
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ڌرتي تي نظر ڪبي ته سنڌي ادب سان مالا مال لڳي پئي آهي . سنڌ ڌرتي دنيا جو واحد خطو آهي جتان جي ٻولي ۽ ادب آسودو آهي ڪٿي به ڪنهن به شهر ڳوٺ ،وستي واهڻ تي نطر ڪبي ته ڪونه ڪو ادبي لڏي جو ساٿي ظاهر ٿي پوندو سنڌ ڏرتي ڪيترن ئي اديبن اهل قلم ليکڪن ، شاعر کي پنهنجي ڪک منجهه جنم ڏنو آهي اهڙي ريت ٺٽي ضلعي جي ميرپوربٺوري جي نيڪ مرد شفيع محمد کٽي اهو خوشنصيب شخص هو جنهن کي اربع ڏينهن 18 1پريل 1945ع ڌاري هڪ حسين ڀوري رنگ جي سان سرشار نينگر غلام حسين (کٽي ) نالي سان پٽ پيدا ٿيو جيڪو اڳتي هلي ابي ڏاڏي واري ڪرت ڪپڙن کي رنگ ڏيڻ واري سبب ڪري پاڻ کي غلام حسين رنگريز نالي سان ادبي دنيا منجهه سڃاڻپ ظاهر ڪرائي پڙهائي واري عمر ٿيس ته والدين سندس کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول منجهه داخلا وٺي ڏني جتان عام رواجي تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪندي پوسٽ گريجوئيٽ ۽ قانوني جي ڊگري ايل ايل بي پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۽ حيدرآباد لا ڪاليج منجهان حاصل ڪيائين . سال 1963ع ڌاري سرڪاري ملازمت اختيار ڪري پرائمري استاد طور مقرر ٿيو پوءِ آهستي آهستي ترقي ڪندي سال 1967ع ڌاري وري سيڪنڊري استاد پڻ مقرر ٿيو ۽ درس تدريس شعبي سان سلهاڙجي ايمانداري سان پنهنجو فرض نڀائيندو رهيو ،پاڻ سال 1985ع ڌاري ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن ميرپور بٺوري ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو جتي ٽرينگ تي ايندڙ استادن لي علمي ،ادبي ۽ سماجي شعور بيدار ڪرڻ لڳو پاڻ سال 1994ع ڌاري سرڪار ملازمت منجهان رتائرڊ ٿي وري وڪالت واري شعبي سان سلهاڙجي ويو . غلام حسين رنگريز اسڪول واري زماني کان وٺي پڙهائي سان گڏ ادبي شوق کي ظاهر ڪندي ڪتابن پڙهڻ ۽ مضمون لکڻ شعروشاعري واري دلچسپي کي نروار ڪندو رهيو . ادبي اصلاح ميرپوربٺوري جو شاعر اديب (عبدالفتاح عبد ) ڪندو رهيس ادبي گر سکي سنڌي ادب منجهه غلام حسين رنگريز واهه جو نالو ڪڍرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين مشهور پڻ آهي . غلام حسين رنگريز سنڌي ادب جي مڙني صنفن تي قلم آزمائي ڪندو رهيو پاڻ تحقيق، تنقيد ، ڪهاڻيون ،ڪالم ، ترجما لکڻ جو ڪوڏيو هو . غلام حسين رنگريز شاعري پڻ ڪندو هوسندس جي شاري ڪيترن ناليوار فنڪار ڳائي عوامي داد پڻ حاصل ڪيو . غلام حسين رنگريز جي سنڌي ادبي سنگت سان هميشه سلهاڙيل رهيو پاڻ سال 1988ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو بنامقابلي سيڪريٽري جنرل چونڊجي بهترين طريقي سان ڪم ڪندي نطر آيو غلام حسين رنگريز علمي ادبي پورهئي سان سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو ڪندي لڳ ڀگ 11 ڪتابن جنهن ۾ سرمد ڇا ٿو سوچي (مضمون ) وکر سو وهاءِ (مضمون ) غلام حسين جا ٽهڪڙا (ناٽڪ ) اکين اڃ اپار (شاعري) ورق ورق زندگي (ڊائري) سونهن،سهائي سوچ (مضمون ) تصوف هڪ تحريڪ ، خانابدوش روح جي ڪٿا (آتم ڪٿا ) رهيو روح رباب (آتم ڪٿا ) فن تحرير جي تاريخ (ترجمو) مقبرن جي پٿرن تي اڪريل تواريخ سان سنڌي ادب کي آسود ڪندي ڪندي نظر آيو پاڻ ڦڦڙ جي بيماري سبب ساهه کڻڻ واري تڪليف ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي اسپتال منجهه علاج واسطي داخل ٿيو هو مرض ۽ تڪليف سان مڙس ٿي منهن ڏنائين مڱر اوچتو طبعيت سندس خراب ٿي جنهن ڪري زندگي سندس جو ساٿ ڇڏي ڏنو پاڻ ڪيترن اديبن ، گهر ڀاٿين کان اوچتو موڪلائي 76سال 4 مهينا 15 ڏينهن زندگي جا پل گذاري هميشه لاءِ موڪلائي هليو ويو پاڻ ٽن پٽن ۽ پنجن نياڻين گهر واري کي سوڳوار بڻائي قلم جي نب بند ڪري ڏاڏاڻي ڏيهه روانو ٿي ويو هاڻ هميشه ورسي واري ڏينهن ياد ڪيو ويندو .غلام حسين رنگريز جي ادبي سماجي ڪمن کي هاڻ هميشه ياد ڪيو ويندو .[​IMG]03337560616فون​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو