مھين جي دڙي جي مشڪبار مٽيءَ جهڙو ڪتاب ،عشق جي آخري سرحد( ڪھاڻيون)يار محمد چانڊيو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏25 نومبر 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    مھين جي دڙي جي مشڪبار مٽيءَ جهڙو ڪتاب!
    "عشق جي آخري سرحد "( ڪھاڻيون) يار محمد چانڊيو...!!!
    فقير محمد سنڌي
    جڏهن پوندي ماڪ، پرھ تنھنجي پار کان،
    تڏهن منھنجي خاڪ، ٽڙي پونديون ٽاريون.
    ( شيخ اياز)
    زندگيءَ جو عملي مقصد سماجي تھ خاني ۾ پيل فطرتي موتي جن کي شعوري زندگيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ هر موتيءَ جو هر موڙ تي سگهارو تعارف هجن گهرجي، ان فرض شناسي ۾ اسان جو دلبر دوست يار محمد چانڊيو به آهي جنھن سدائين سماجي مسئلن تي پنھنجي اک کولي رکڻ جو ناتو ڪائنات ۽ فطرت سان جوڙيو آهي.
    ڪھاڻي" اربع خطا" ۾ جسماني بيماري ڪاري ڪامڻ جهڙي موذي مرض واري خطا جي حوس موجود آهي. ڪھاڻي جو ڪجهه حصو پڙهندڙ جي نظر.
    "شاهو پنھنجي چاچي جي پيرن تي ويھي رھيو. شاهو هي تون ڇا ٿو ڪرين - اٿُ پيرن تان، دنيا ڏسندي ته ڇا چوندي... اڄ مان توکي سڀ ڪجھ سچ ٻڌائيندس... نيلم تنھنجي ڀيڻ آ ۽ تون هن جو ڀاءُ!... تنھنجي ماءُ منھنجي سنگيتي هئي... تون منھنجي خطا جو ٻوٽو آهين!!
    چاچا....
    شاهو جا ڇھ ڇڄي پيا -
    چاچا مان وقت جي اها بي پاڙي ول آهيان، جنھن کي... شاهو مان خطا وار ضرور آهيان، پر ان ۾ تنھنجي ڪاري ماءُ جي بيماني هئي. " اهڙي وارتا ٻڌڻ کان پوءِ هي دنيا ڪيتري معني خيز رهي ٿي، سڀ جذبا ڪرچي ڪرچي ٿي پون ٿا.
    ڪتاب جو مھاڳ ناليواري ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شوري لکيو آهي، لکي ٿو ته : "يار محمد چانڊيو موجوده ٽھي جو ڪھاڻيڪار آهي، جيڪو 1994ع کان لڳاتار لکندو پيو اچي، سندس ڪھاڻين جو پهريون مجموعو" جنم جنم الميو" 2012ع ۾ شايع ٿيو، ٻن سالن کانپوءِ سندس ناول" اجري ڌرتي ميرا ماڻھو " ڇپيو ۽" عشق جي آخري سرحد " سندس ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آهي. يار محمد چانڊيي جي لکڻ جو پنھنجو هڪ خاص اسلوب آهي. هن جي لکڻ جي اها اسٽائل نه ڪنھن سينئر ڪھاڻيڪار کان متاثر ٿيل آهي ۽ نه ڪٿان اڌاري ورتل آهي." ڪھاڻي" ديسِ َبلوچان" قبيلائي ويڙهه جنھن سدائين سنڌ جي سلامتي تي راتاهو هنيو آهي. امن جي فضا قائم ٿيئڻ وقت هر من ٻهڪي پوندو آهي، اھڙا ئي خيال هن ڪھاڻي جو حصو آهن. ديس بلوچان جو ڪجھ حصو :" ابا! سوڍيءَ کي پُٽ ڄائو آهي، ان جي صدقي پنھنجي ست نسلي دشمني جو خاتمو آڻيو، دشمني ڪک جي به چڱي ناهي!!!
    ڪاڪي وسند صنوبر جي طرف وڌي کائنس هٿ ۾ جهليل قرآن کي وٺي چمي ڏني ۽ چيو منھنجي ڌڻ جو ڌنار موٽي آيو آ...!!!"
    خوشيءَ جو بنيادي پهلو به اهو آهي ته، ٻين کي زندگيءَ جي حقيقي خوشي ڏيو، جنھن سان معيار ۽ اعلي مقام حاصل ٿئي ٿو ، تعصب جو سرو صرف تباهي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. ڪھاڻي" نئين نويلي ڪنوار " جو موضوع به حوس ڀريو آهي جيڪا پڙهڻ سان ڇرڪائي وجهي ٿي.
    پبلشر نوٽ ۾ مرتضي لغاري لکي ٿو ته : " منفرد ڪھاڻيون لکندڙ ليکڪن جي ان قطار ۾ يار محمد چانڊيي جو نانءُ پڻ شامل آهي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار پنھنجي ئي ديس جي دردن کي وائکو ڪن ٿا، جنھن جي تخيل جي تڙپ ۾ زندگي ۾ هلچل اچي ٿي. "
    ڪنھن دانا جو چوڻ آهي ته :"خواهش هڪ خوفناڪ ڪُن آهي، جنھن ۾ ڦاسي ڪري انسان پنھنجو مقصد حيات ڀلجي ويندو آهي. " يار محمد چانڊيو سنڌ جو اهو ڪھاڻي نويس آهي جنھن ٻين جي خواهشن کي بچائڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪونهن ڇڏي آهي. اها سنڌي ڪھاڻي جي خوش نصيبي آهي جو يار محمد چانڊيو جهڙا فرد گناھ کي گناھ ۽ سچ کي سچ ڪري پيش ڪن ٿا.
    هند جي ناليواري ليکڪ ڪلاڌر متوا جو موقف آهي ته :" خاص ڪري پنھنجي پاران عنوان ۾ تحت ليکڪ جي لکيل "ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي" واھ جي آهي، جنھن ۾غضب جي رواني آهي. جنھن جو وهڪرو قاريءَ کي ڪھاڻيءَ ڏانھن هلڻ لاءِ قدم کڻائي ٿو. جنھن مان ليکڪ جي ڪھاڻي لکڻ جو مقصد ۽ منشا ظاهر ٿئي ٿي. "
    يار محمد چانڊيو سنڌي ڪھاڻي جو سونهون، امن پسند جذبن جو ساٿي، هر موڙ تي انسان دوستيءَ جو درس ڏيندڙ ۽ تاريخي ڪردارن جو امين پڻ آهي. اهو من جو آوازي سچ آهي، جيڪو عشق جي آخري سرحد تي گونجي ٿو.
    صاحب ڪتاب پنھنجي پاران لکي ٿو ته :" ڪھاڻي هن سماج جي پيڙا آهي ۽ اها پيڙا ليکڪ جي قلم ۾ گهڙي اچي ٿي! ڪھاڻي باک جي روشني آهي، جيڪا وقت جي انڌيري کي سڏي ڊڪائي ٿي! ڪھاڻي آمريت شاهي کي گاريون ڏئي ٿي، جنھن جي عذاب ۾ ليکڪ گنهگار ٿئي ٿو! ڪھاڻي هڪ ڌرتي آهي پر ان جا آواز مختلف روپ وٺن ٿا - ڪھاڻي ڪالھ جي پيداوار آهي ۽ اڄ جي لوڙ...! سڀاڻي جو سِجُ ڪھاڻي جي نفيس وجود ۾ وڌيڪ گرمي ڀريندو - ڪيترا قلم پني کي ڪارو ڪندا... پر ڪھاڻي پوءِ به نه کٽندي! "
    ڪھاڻي" اڇا وار " ۾ سچائي جا ڪيترائي عنصر شامل آهن، وڏا خواب ڪڏهن به سچائي جو در کڙڪائي نه سگهندا آهن پرهڪ مثبت سوچ سچائي جي واٽ روشن ڪندي آهي. ان روشنيءَ جي پنڌ تي يار محمد چانڊيو به عشق جي آخري سرحد تي بيٺل ٿو نظر اچي.
    سنڌ جو ناليوارو شاعر ڊاڪٽر مشتاق ڦل لکي ٿو ته :" هو حساس به آهي، تکو ۽ تيز به آهي، رومانس رنگن مان وهنتل هڪ انوکو انسان ۽ ڌرتي جي پولارن مان اسريل هڪ جوڳي به آهي. يار محمد چانڊيو پنھنجي اندر ۾ ڪلاسيڪيت جي هنر کان واقف ڪھاڻيڪار آهي، جنھن وٽ لفظن جا سوين رنگ آهن."
    "ڏاڙهي جي پَتِ " ڪھاڻي جي اوچائي غور ۽فڪر تي ٻڌل آهي. ان لاءِ چيو ويو آهي ته، دنيا عبرت جو گهر آهي. بلند مقام زندگيءَ ۾انھن کي ملڻو آهي جن پنھنجي بزرگن جي ڏنل واٽ تي عمل ڪري ڏيکاريو.
    ناليوارو نقاد ممتاز مھر لکي ٿو ته : "يار محمد چانڊيي کي جيتوڻيڪ مان ذاتي طور نه سڃاڻان، پر سندس ڪھاڻي "اربع خطا" پڙهي مون کان ڇرڪ نڪري ويا. ڪھاڻي پنھنجي گهاڙيٽي، بيان، ڪردارن جي وهنوار، ٻوليءَ ۽ ڊڪشن ۾ تُز ۽ فنائتي نموني لکيل آهي. "
    وينس ليمبار ڊي جو چوڻ آهي ته :"بهترين شيءِ جي چونڊ انسان جي معيار کي ظاهر ڪري ٿي، پوءِ ڀلي چونڊيل شيءِ جو تعلق ڪنھن به شعبي سان ڇو نه هجي. " ائين ئي آهي چونڊيل شيءَ پنھنجو جوهر ڏيکاريندي آهي، سڀني کي پسند به ايندي آهي ۽ يار محمد چانڊيو جي چونڊ سنڌي ڪھاڻي آهي.
    ناليوارو ليکڪ يوسف سنڌي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي لکي ٿو ته : يار محمد چانڊيي جي هن ڪھاڻي ڪتاب" عشق جي آخري سرحد " ۾ سندس ڪيتريون ئي اهڙيون ڪھاڻيون آهن، جن کي سنڌي ڪھاڻي جي تاريخ ۾ حوالي طور استعمال ڪري سگهجي ٿو."
    تاريخ ان شيءِ جو نالو آهي ته، اوهان جي ڏنل واٽ تي سڀ انسان فخر ڪري سگهن ۽ فخر واري واٽ روحن کي مضبوط ۽ در در کان ڀٺڪڻ کان روڪي ٿي. اهڙو ئي جذبو يار محمد چانڊيو جي ڪھاڻين ۽ ڪتاب جي ارپنا ۾ سمايل آهي." پنھنجي دلبر جي نانءِ، جنھن ڪھاڻي لکڻ جو اتساھُ بخشيو ۽ پاڻ ڪھاڻي لکندي لکندي جوڀن رُت جي هڳاءُ ۾ ڇڻي ويو!
    آخر ۾ يار محمد چانڊيو لاءِ هي سٽون ته :
    ڳالھيون پيٽ ورن ۾، وڌي وَڻ ٿيون،
    ٻاھر مون نه ڪڍيون، گوشي گڏيا نه سپرين...!
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو