رسول ميمڻ ناليوارو ڪهاڻيڪار جو وڇوڙو ۽ ياد

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏27 نومبر 2021۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    ناليوارو ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ به يادون ڇڏي ويو [​IMG]

    ابراهيم لاشاري

    پنهنجي ادبي دنيا به ڪيترن ئي نرالن نالن سان ڀري پئي آهي ڪيترائي شاعري واري صنف سان لڳاپيل ته ڪيترائي ڪهاڻيڪار، افسانا نگار، ڊرامانگار ، ڪيترائي فلسفي جا ماهر اديب پنهنجي ادب کي رنگا به رنگي بڻائيندي ٿڪا ناهن ، ادب جي خدمت ڪندي ڪندي ڪيترائي پيارا اديب هن فاني جهان کي الوداع چئي ادب ۽ گهر وارن کي سوڳ منجهه ڇڏيو پنهنجو نالو چمڪايون هليا پيا وڃن تازو 24نومبر 2021ع واري ڏينهن به سنڌ ڌرتي سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو ناليوارو ڪهاڻيڪار ناول نگار شاعر اديب رسول ميمڻ به دل بيهي وڃڻ سبب هميشه لاءِ يادون ڇڏيو 24نومبر واري تاريخ اربع واري ڏينهن زندگي جا 65سال 10 مهينا ۽ 23 ڏينهن گذاري ادبي دنيا کي سوڳوار ڪيون هليو ويو . سنڌ جو هي نرالو اديب ڪهاڻيڪار پاڻ سردي جي موسم سال 1956ع واري جنوري جي پهرين تاريخ تي سکر جي معزز شخصيت محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ڄائو . هن نينگر جي ڇٺي جو نالو (غلام رسول ميمڻ ) رکيو ويو .سنڌ جي هن ناليواري اديب پڙهائي واري عرصي دوران پهرين کان وٺي ڪاليج واري تعليم به سکر جي تعليمي ادران منهجان حاصل ڪندي پاڻ ڊاڪٽري واري شعبي کي ترجيح ڏيندي سال 1978ع ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان (ايم بي بي ايس ) واري ڊگري حاصل ڪري سال 1981ع ڌاري سنڌ جي خوبصورت شهر شڪارپور واري اسپتال (راءِ بهادر اوڌو داس تارا چند سول ) ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي سرڪاري نوڪري سان سلهاڙجي ويو سنڌ جي هن اديب کي به ننڍ پڻ کان وٺي لکڻ پڙهڻ سان گهري دلچسپي هوندي هوئي سکر منجهه رهڻ پڙهڻ ڪري سنڌ جي ناليوارن اديبن جناب اياز گل صاحب ۽ ادل سومرو سان ادبي ناتو جڙي ويس پاڻ انهن سان رلجي ملجي ادبي دنيا منجه پير پاتائين .پوءِ پاڻ دل جي امنگ جو اظهار ڪندي پهريون شعر لکي سال 1976ع نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻو جيڪو ان زماني ۾ اديب ڪهاڻيڪار پروفيسر رزاق مهر شايع ڪرائيندو هو . تنهن بعد سنڌ جي هن يگاني اديب ڪهاڻي لکڻ کي ترجيح ڏني سندس جي پهرين ڪهاڻي مارو پبليڪيشن حيدرآباد ۾ ڇپجي پڌري ٿي پوءِ ته ڪهاڻين مٿان ڪهاڻيون لکي پنهنجو نالو اهڙو ته نروار ڪيائين جو مردي گهڙي به پنهنجي قلم کي ڪهاڻين سان آسودو ڪندو ويو .رسول ميمڻ صاحب ڊاڪٽري سان گڏ ادب کي زياد وقت ڏيندو رهيو پاڻ ڊاڪٽر واري شعبي سان ايترو مشهور نه هو جترو ادبي دنيا ۾ مشهور ۽ نالو نروار ڪرايائين هي صاحب شڪارپور کان بعد سکر اسپتال ۾ ايم ايس رهيو . بعد ۾ سال 1983عکان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو پاڻ وري ڊپلومه ڪرڻ لاءِ لاهور (ڪلينيڪل پيثالاجي جي ڊگري به ڪيائين .تنهن بعد پاڻ سکر اسپتال منجهه (پيٿالاجسٽ) مقرر ٿيو سال 1998ع ڌاري بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيتيوٽ (جي پي ايم ايس ) ڪراچي ۾ (هسٽوپيٿالاجي ۾ ايم ،فل داخلا ورتائين 2000ع ڌاري اها ڊگري پڻ حاصل ڪري ورتائين پاڻ ڪجهه عرصو ڪراچي شهر جي (ڪياماڙي اسپتال ۾ ايم ايس به مقرر ٿيو سنڌي ادب جي ڪهاڻي کي اهڙو ته زنده ڪيائين جو پاڻ نئين ٽهي جي نمائنده (ڪهاڻيڪار ) ٿي نالو نروار ڪيائين .ڪهاڻي جي ڪتابن ۾ امن جي نالي ، ڪافر ديوتا، چچريل زندگين جا قافلا ، ابابيل جي اڏام ، علامتي ڪهاڻيون ، فونو هڪ ڪتاب شاعري جو به مجموعو سنڌي ادب لاءِ (اوشا جي آشا ) ڏنائين .پاڻ سنڌي ادب کي 30 هن کان مٿي ڪتاب ڏيون هليو ويو . سنڌ جو هي اديب عالمي ادب جو پڻ وسيع مطالو رکندڙ هو فڪشن رائيٽنگ ۽ شاعري جو چاڻو بهترين نقاد پڻ هو سنڌ جو هي اديب سنڌ جو هي اديب ڪهاڻيڪار پروفيشنل خدمتون سر انجام ڏيندي محمدي ميڊيڪل ڪاليج ميرپور خاص ۾ دل جي دوري (دل بيهي ) وڃڻ سبب هميشه لاءِ موڪلائي سنڌ ادب کي آسود ڪيون هميشه لاءِ هليو ويو ادبي ڪهڪشان جو هي ستارو به پنهنجو يادون ڇڏي ويو سنڌ جي هن اديب کي ڪراچي جي سعدي ٽائون واري قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو جتي سنڌ جا ناليوارا اديب ادل سومرو ، محمد علي پٺاڻ ، رحمت پيرزادو اياز گل ۽ ٻيا سوڳ ۾ پوئيرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيا آءَ پڻ مرحوم جي گهر وارن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان _______________________________________

    __________________________________________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو