ليڪچر،خاموشي ۽ طوفان!!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 ڊسمبر 2021۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي هاڻوڪي وزير اعظم جناب عمران خان کي اهو گمان آهي ته هو جڏهن به ڳالهائي ٿو ته ڪروڙين ماڻهو سندس لفظن مان فيضياب ٿيڻ لاء اوسيئڙي ۾ هوندا آهن ۽ هن جي هڪ هڪ حرف کي هيئين سان هنڊائي پنهن جي سونهري مستقبل طرف گامزن ٿي ويندا آهن.ان ڪري خان صاحب ٻيا سمورا حڪومتي ۽ رياستي ڪم ڪار ڇڏي هر وقت ڪڏهن اخلاقيات ته ڪڏهن سچائي جي باري ۾ پنهنجا قيمتي ليڪچر قوم کي ڏيندو رهي ٿو.ڪڏهن ڪرپشن ۽ بدديانتي جي لعنت خلاف ته ڪڏهن دنيا جي ٻين سڌريل ملڪن جي ترقيء جا مثال ته ڪڏهن تاريخ،ماحول،جاگرافي جي باري ۾ قوم کي واقف ڪرڻ ته ڪڏهن ورلڊ ڪپ کٽڻ ۽ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ وارن ڪارنامن جو وري وري ذڪر ڪرڻ ته ڪڏهن پاڪستان جي سمورن مسئلن،مونجھارن،خرابين ۽ سندس سمورين حڪومتي ناڪامين جو ذميدار اڳوڻن حڪمرانن کي قرار ڏيڻ وغيره وغيره انهيء ڪم کان سواء خانصاحب گذريل ساڍن ٽن سالن ۾ جيڪر ٻيو ڪو به ڪم ڪيو آهي ته ضرور ٻڌايو. ڀاشڻ،نصيحتون،صلاحون،وعظ،تقريرون،خطبا،اعلان،نوٽيس وٺڻ،بس سندس نام نهاد عظيم حڪومتي ڪارڪردگين ۾ رڳو اهو سامان ئي پسي سگھجي ٿو.ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي، معيشت ويهي رهي آهي،هڪڙي ڏينهن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جو حشر نشر ٿي ويو، مهانگائيء غريبن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي،خارجي محاذ تي ملڪ اڪيلو ٿي ويو آهي، سفارتي طور تي ڪو به ملڪ اسان سان گڏ بيهڻ لاء تيار ناهي.هندستان پورو ڪشمير ڳڙڪائي ويو،ماڻهو بيروزگاري ۽ مهانگائيء سبب روزانو خودڪشيون ڪري رهيا آهن پر خان صاحب جون تقريرون آهن جيڪي کٽڻ جو نالوئي نٿيون وٺن،ڀاشڻ آهن جن جو ڪو دنگ ئي نٿو ٿئي،نصيحتون آهن جيڪي ٻڌي ٻڌي ماڻهن جي دل ڪچي پيئي ٿئي.وزير ۽ مشير آهن جيڪي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکڻ بدران لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.انهيء سڄي نااهل لڏي کي جيڪر فڪر آهي ته رڳو اهو ته 2023 جون چونڊون ڪهڙي ڪرتب سان کٽجن،نيب کي هاڻوڪي حڪومت جي ڪيل ڪرپشن کان ڪيئن باز رکيو وڃي،سمنڊ پار پاڪستانين جا ووٽ ڪيئن پنهنجي حق ۾ ڪيش ڪرائجن. حڪومتون ايئن هلنديون آهن؟ خان صاحب کي جيڪر ڀاشڻن ۽ ليڪچرن جو ايترو ئي شوق آهي ته هو وزارت عظميٰ جي ڪرسي ڇڏي وڃي ڪنهن يونيورسٽيء ۾ پڙهائي يا ڪنهن اصلاحي يا تبليغي فورم جو اڳواڻ بڻجي ماڻهن کي سڌاري.عوام اندر هاڻي سندس وڌيڪ ليڪچر ٻڌڻ ۽ تقريرون سهڻ جي سهپ نه رهي آهي.آئي ايم ايف کان فقط ڇهه ارب ڊالرن جو قرض حاصل ڪرڻ لاء پوري ملڪ ۽ قوم کي مالياتي ادارن وٽ گروي رکيو ويو آهي.اهي لفظ ڪو ٻيو نه سندس ئي پارٽيء جو هڪ گورنر چئي رهيو آهي.سعودي عرب هاڻي پاڪستان کي وڌيڪ قرض نه ڏيندو،جنهن قرض ڏيڻ جو هن وعدو ڪيو آهي ان سان به نهايت ئي سخت شرط لاڳو ڪيا ويا آهن. چين سان هنن اهڙو حشر ڪيو آهي جو هن پاڪستان جي وڌيڪ مالي سهائتا کان مورڳوئي توبهه ڪري ڇڏي آهي.ملڪ ۾ بدامني ۽ انتشار پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي.حالت اها آهي جو پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽيء ۾ حڪومت جي سڏ تي مخالف ڌر مان ڪووڃڻ لاء به تيار ناهي.حڪومت آهي يا ڪا مسخري،صبح جو هڪڙي ڳالهه ته شام جو بلڪل ان جي ابتڙ يوٽرن. اليڪشن ڪميشن سان مقابلو ٿي رهيو آهي،پئسا بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پييون وڃن.هيء جمهوريت آهي يا فسطائيت؟ يعني جيڪر اسان جي ڳالهه نه مڃيندا ته اوهان کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏينداسين،ايئن هلنديون آهن حڪومتون؟ ايئن ڪڍبو آهي ملڪ کي بحرانن مان؟ توهان ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگھيا بلڪه ملڪ کي ريورس جو گيئر لڳائي چڪا آهيو سو ايندڙ ڏيڍ سال ۾ ڪهڙا ڦاڙها ماريندا؟ اهو سوال هن حڪومت جي “سهولتڪارن ” کان به پڇڻ گھرجي ته آخر اهي هن عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏيئي رهيا آهن؟ ڇا انهن کي ملڪ ۾ ٿيندڙ تماشو نظر نٿو اچي؟يا وري اهو تماشو ان ڪري جاري رکيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي جمهوري پارلياماني نظام کان بددل ۽ متنفر ڪري ملڪ ۾ وري ڪنهن صدارتي نظام جو تماشو کڙو ڪيو وڃي.ڇا هن ملڪ ۾ رڳو نت نوان تجربا ئي ٿيندا يا گذريل ناڪام ٿيل تجربن مان سبق حاصل ڪري مستقبل ۾ ڪنهن درست سمت جو فيصلو ڪيو ويندو؟هن ملڪ ۾عوام کي حقيقي نمائندگيء جو حق ڏيڻو آهي يا انهن کي آقا ۽ غلام واري هلت سان ئي هلائڻو آهي؟ اهو فيصلو انهن کي ڪرڻو آهي جيڪي هن ملڪ جا اصل مالڪ آهن ۽ عوام جي پهتل هن ڪسمپرسي واري حالت جي ذميداري مان انهن کي تاريخ ڪڏهن به آجو نه ڪندي.حالتون تمام خراب ۽ ڳنڀير آهن،ماڻهو نهايت ئي تنگ ٿي چڪا آهن،اهي جيڪر خاموش آهن ته ان جو سبب هن حڪومت ۽ اوهان جي غلط پاليسين سان محبت نه پر گذريل حڪمرانن جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي آهي.عوام هاڻي مايوسيء جي اونهي ڪن ۾ ڪري پيو آهي ۽ جڏهن مايوسيون پنهنجي آخري حدن کي ڇهڻ لڳن ته ڪجهه وقت لاء خاموشي ضرور ڇانئيل ٿئي ٿي پر ياد رکڻ گھرجي ته ڪڏهن ڪڏهن خاموشيء پويان ڪيئي طوفان لڪيل هوندا آهن.جن مان ڪو طوفان سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد به ڪري سگھي ٿو،تاريخ ته اهو ئي ٿي ٻڌائي!

    روزاني عوامي آواز 5 ڊسمبر 2021ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو