”نرمل“ کوهارو غزل هي ڏينهن اڙانگا جيون جا،۽ عمر به هاڻ ڏڪي ويٺي. هي جيون ڪيڏو جوشيلو، ۽ ڪاري رات ڏنگي ويٺي. روح کي ملي ڪا آزادي، مان ڪفني ويس قبوليان ٿو، مون ٻاريو هڪ ڏيئو آ، ۽ دل پرواني جيئن جلي ويٺي. مون سور ڏٺا هن جوڀن ۾، ۽ آگ به ٻري پئي اکڙين ۾، سي سور ٿو ڀانيان ساجن جا، ۽ تانگ ڏيل ڏري ويٺي. ”نرمل“ هاڻ ڪرڪنارو، بيوفا سا ڪيئن ڪجي گذارو ، هڪ ڏينهن موت ايندو ضرور، ڀل دنيا خوب کلي ويٺي.