منهنجي شاعري

نرمل

سينيئر رڪن
”نرمل“ کوهارو
غزل​

هي ڏينهن اڙانگا جيون جا،۽ عمر به هاڻ ڏڪي ويٺي.
هي جيون ڪيڏو جوشيلو، ۽ ڪاري رات ڏنگي ويٺي.

روح کي ملي ڪا آزادي، مان ڪفني ويس قبوليان ٿو،
مون ٻاريو هڪ ڏيئو آ، ۽ دل پرواني جيئن جلي ويٺي.

مون سور ڏٺا هن جوڀن ۾، ۽ آگ به ٻري پئي اکڙين ۾،
سي سور ٿو ڀانيان ساجن جا، ۽ تانگ ڏيل ڏري ويٺي.

”نرمل“ هاڻ ڪرڪنارو، بيوفا سا ڪيئن ڪجي گذارو ،
هڪ ڏينهن موت ايندو ضرور، ڀل دنيا خوب کلي ويٺي.
 
Back
Top