صراط بلوچ
سينيئر رڪن
بيت جي پڙھڻي
*******************
اَوَتَڙِ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ وِيا سالِمَ،
هيڪائي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ،
بَي بَها بعلِمَ، آگي ڪيا اَڳهين.
*******************
مھربانن پاران آيل رسالن جا عڪس
*****************
1-گنج شريف- صراط بلوچ
2-ٻانھون خان شيخ جو رسالو- صراط بلوچ
3-استاد لغاري جو رسالو-استاد لغاري
4-ڪلياڻ آڏواڻي جو رسالو- مجيب الرحمان
5-مرزا قليچ بيگ جو رسالو -نظام الدين لاشاري
6-برٽش ميوزم ڇاپو -مھراڻ سنڌي
7-بمبئي ڇاپو 1867 -مھراڻ سنڌي
8-ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو رسالو- مھراڻ سنڌي، محراب سنڌي
9-ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وارو رسالو ڏھ جلدي -مھراڻ سنڌي
10-غلام محمدشاھواڻي وارو رسالو محراب سنڌي
**بيت ۾ آيل لفظن جي مختلف صورتن جي تفصيل**
**سٽ پھرين**
1-ڪه، ڪنه(پراڻي صورت)
ڪنھن (موجودہ صورت)
2- اولئا(پراڻي صورت)،
اوليا(موجودہ صورت)
3-وئا(پراڻي صورت)،
ويا(موجودہ صورت)
**سٽ ٻئين**
1-ھيڪائي، ھيڪان ئي
*ھيڪان ئي* بلوچ صاحب ء استاد لغاري لکيو آھي, باقي گنج سان گڏ ٻين محققن ھيڪائي لفظ لکيو.
2- ھيڪ، ھڪ
*ھڪ* لفظ مرزا قليچ بيگ لکيو، باقي گنج سان گڏ ٻين محققن ھيڪ لکيو
3-سان، سين
**سان* لفظ گنج ۾ آيل آهي، جيڪو ٻانھي خان شيخ پڻ لکيو آھي باقي ٻين محققن سين لکيو آھي.
**سٽ ٽئين**
1-بالم، بعلم
گنج شريف ۾ لفظ *بعلم* آھي جيڪو ٻانھي خان به لکيو باقي ٻين محققن بالم لکيو.
2- آگي، آڳي
*آڳي* لفظ صرف شاھواڻي لکيو.
گنج ۾ ک استعمال ٿيل آھي جيڪو گ،ڳ لاءِ پڻ استعمال ڪيل آھي.
3-ڪئا(پراڻي صورت)،
ڪيا(موجودہ صورت)
4-اڳھين، اڳھم
اڳھم لفظ کي گربخشاڻي ء شاھواڻي صاحب لکيو اصل ۾ اکر «م» جو استعمال «ين» لاء ڪيو ويو آهي مطلب لفظ جو اچار اڳھين ئي ڪبو.