مقامي تاريخي سفر نامو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سيد خادم سبحان ڏاڏاهي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2022 12:48 وڳي۔

  1. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    105
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    #مقامي_تاريخي_سفرنامو
    ء******************ء
    سنه 2011ع ۾ ڪجهه تاريخي مقامن تي وڃڻ ٿيو هو ان سفر جو مختصر احوال لکي ڇڏيو هوم پر معلومات مڪمل نه هئڻ ڪري اوهان سان شيئر ڪري نه سگهيو هوس . مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ تازو هن ضلعي جي نامور تاريخدان،علمي ۽ اددبي شخصيت محترم سائين فتح محمد شهزاد ٿيٻي سان پياري دوست گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بڪيرا شريف جي موجوده هيڊ ماستر سائين عادل جروار سان گڏ سائين ٿيٻي صاحب جي ڳوٺ وڃڻ ٿيو ۽ وزٽ ڪيل مقامن بابت تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم.
    ممڪن آهي مونکان لکڻ ۾ ڪجھ غلطيون به ٿيون هجن جن کي پڙهندڙ، خاص ڪري اتي جا مقامي دوست درست ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪري سگهن ٿا ”
    مون هي هڪڙي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سمجهان ٿو ته اگر هن روايت کي برقرار رکندي سنڌ جا ٻيا دوست به اهڙي نموني پنهنجا سفر يا گهمڻ ڦرڻ جا احوال قلمبند ڪن ته جيڪر سنڌ امڙ جي وکَ وِکَ جي تاريخ لکجي پوي.

    (مقامي تاريخي سفر نامو)
    اها آس اندر ۾ سالن کان رهي ته پوري سنڌ سڳوري گهمجي،خاص ڪري ان جا تاريخي ماڳ ۽ مڪان . انهن رهجي ويل نشانن مان پنهنجي ماضي ۽ اصل حقيقت کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. هر واهڻ ۽ وستي ۾ وڃي اتي آباد انسانن سان ملي انهن کي ويجهي کان ڏسجي ۽ انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ڏکن سکن بابت ڄاڻ حاصل ڪجي.
    پر اها آس، آس ئي رهي زندگي جي گونا گون مصروفيتن ۽ ڪجهه ذاتي مسئلن جي ڪري آئون پنهنجي هن اميد کي پورو ڪري نه سگهيس.
    مئي سال 2011ع ۾ محترم عاصي عبدالواحد هڪڙو صاحب سان بڪيرا شريف ۾ پنهنجي اسڪول جي آفيس ۾ ملاقات ٿي. عاصي صاحب هن ضلعي جي بهترين ادبي ۽ علمي شخصيت آهي پاڻ تاريخ سان بي انتها دلچسپي رکن ٿا ۽ ان بابت سندن حافظو ڄاڻ به قابلِ داد آهي.عاصي صاحب بڪيرا شريف جي هڪ عظيم ادبي شخصيت گل محمد آزاد صوفي بابت ۽ ان جي لکيل ڪتابن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هو، مگر افسوس جو ان جو قيمتي ادبي خزانو برباد ٿي چڪو آهي
    عاصي صاحب سان منهنجي هي ملاقات منهنجي دوست سيد نهال شاھ مرحوم جي معرفت ٿي جيڪو 1ن وقت (2011ع)۾ مهراڻ شگر مل ٽنڊو الهيار ۾ اڪائونٽ مئنيجر هو.
    عاصي هڪڙي صاحب سان جلدي ٻي ملاقات ٿي هن ڀيري هڪ هم مزاج ۽ خوش مزاج دلبر ماڻهو خليل کوسو به ساڻن گڏ آيو پاڻ بهترين سگهڙَ۽ شاعر به آهن ۽ تاريخ سان تمام گهڻِي دلچسپي رکن ٿا .هي ٻئي دوست ان هيريٽيج ڪاميٽي جا ميمبر هئا جيڪا ان وقت جي DCO جناب شفقت عباسي صاحب ضلعي ٽنڊي الهيار جي ويب سائيٽ ۽ ٻيو تاريخي سرمايو محفوظ ڪرڻ لاءِ تشڪيل ڏني هئي. ان حوالي سان مختلف ڪم مختلف دوستن کي سونپيل هئا پر هي مشڪل ترين ڪم يعني پوري ضلعي جي هر تاريخي ماڳ تي وڃي ان جون تصويرون وٺڻ ۽ ٻي ضرروري ڄاڻ حاصل ڪرڻ هنن دوستن جي حوالي ڪيل هو.
    هنن دوستن سان گڏ بُڪيرا شريف،مڪان شريف ۽ پير علي بخش شاھ جي اهم تاريخي جاين جون تصويرون ورتيونسين .
    عاصي صاحب ۽ خليل منهنجي دلچسپي کي ڏسندي آئنده به گڏ هلڻ لاءِ چيو، منهنجي ته الله ٻڌي هڪدم کڻي ها ڪيم ۽ پنهنجي دل جي اميد کي ڪنهن حد تائين پورو ٿيندي ڏسي خوشي ٿي.
    وڌيڪ تاريخي مقامن جون تصويرون ۽ معلومات وٺڻ لاءِ رات ئي فون تي پروگرام سيٽ ڪيو ويو صبح جو آئون ٽنڊوالهيار جي نصرپور روڊ واري علائقي ۾ هڪ جاءِ تي پهتس جتي خليل کوسو صاحب، پهلوان علي حسن ٿيٻي سان گڏ، جيڪو ملهه ايسوسيئيشن ٽنڊو الهيار جو صدر به هو شايد هاڻ به هجي ۽ جناب DCO صاحب جو ڊرائيور به هو، هلڻ لاءِ بلڪل تيار مليا.خليل کوسي صاحب ٻڌايو ته پاڻ پهرين عاصي صاحب جي ڳوٺ محمد جعفر هڪڙو هلنداسين (هي ڳوٺ نقشي ۾ محمد حسن هڪڙوجي نالي سان موجود آهي) هتي پهچي عاصي صاحب کي ساڻ ڪري اصل ڪم سان نڪري پياسين . رستي ۾ هي ٻئي مهربان مونکي علائقي بابت معلومات به ڏيندا هليا .سنهڙا پير، ڳوٺ محسن ڏگو کان ٿيندا ڳوٺ پير هاشم شاھ جي ڀر ۾ موجود جان محمد عرف پير ڪَڪي جي جهوني قبرستان پهتاسين پير هاشم شاھ بابت مونکي ٻڌايو ته پير هاشم شاھ لڪياري آهي پر ضلعي ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ نالي واري محقق ۽دانشور محترم شهزاد فتح محمد شهزاد ٿيٻي موجب اهو لڪياري نه پر صديقي پير ۡۡآهي هي مشهور قبرستان جيڪو ديهه مڱريا جي ڪنڊ تي ۽ ڳوٺ آراڙي ديھ ۾ آهي. هي قبرستان جنهن بزرگ جي نالي سان آهي ان بابت هڪ روايت به مشهور آهي جنهنجو ذڪر ضروري آهي .
    پير جان محمد شاھ جنهنجو رنگ ڪَڪو هجڻ ڪري کيس ماڻهو پير ڪَڪو ڪري ڪوٺيندا هئا..هي بزرگ گوڏ ٻڌندو هو ۽ پٺا اگهاڙا ڪري هلندو هو.جنهن روايت جو ذڪر ڪيم تنهنجو راوي محترم شهزاد فتح محمد ٿيٻوصاحب جن آهن روايت موجب ،هڪ دفعو هن پرھ ڦٽي يا نماز کان پوءِ اچي دانهون ڪيون، تنهن تي اوڙي پاڙي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا تن پڇيو ته سائين ڇو پيا داهون ڪريو؟
    چيائين آئون ڏسان پيو ته گورا سنڌ تي ڪاهيو پيا اچن.تنهن تي ماڻهن کيس چيو ته سائين اوهان بزرگ آهيو انهن کي روڪيو. پاڻ چيائين ته پوءِ ڦونگڙيون گڏ ڪريو .ماڻهن حڪم جي تعميل ڪندي هن کي ڪانڀي ۾ ڦونگڙيون ڀري ڏنيون .هن بزرگ پهرين اولھ طرف اڇليون پوءِ اتر پاسي ۽ جڏهن اوڀر تي آيو ته هٿ کي روڪي ڇڏيائين . ماڻهن ان تي حيرت مان پڇيو قبله سائين اوهان هٿ روڪي ڇو ڇڏيو؟
    وراڻيائين بابا هنن سان گڏ حضرت ابوبڪر صديق رضه ،حصرت عمر فاروق رضه مطلب ته معزز خليفا نبي ڪريم صلعم جي اجازت سان اچن پيا تن کي آئون ڪير آهيان روڪڻ وارو تهنڪري گورا سنڌ تي حڪومت ڪندا. (والله عالم بالصواب)
    هي بزرگ تقريبن سنه 1780- کان 1790 ڌاري گورن جي اچڻ کان اڳ ئي وفات ڪري ويو.
    پوءِ اسان ڳوٺ غلام قادر ڏگو ڪراس ڪري ٿورو اڳيان مزارابوطالب تي آ.ياسين
    هي مسڻ وڏي جي اتر طرف هڪ ڍوري جي ڪپ تي آهي. جنهن لاءِ ڪن جو خيال آهي ته ابو طالب( ڏَگو) (ٿيٻن جو پاڙو يا نُکَ) هو ۽ خود ان ذات وارا به چون ٿا ته اسان جو ڏگو هو پر ڪجه روايتون چون ٿيون ته هو ڏگو نه پر ملاح هو تنهنڪري اهو واضح نه آهي ته هو ڪهڙي ذات جو هو پر جيئن ته اتي ڏگا ئي پنهنجا گذاري ويل عزيز دفن ڪندا آهن تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هو ڏگو هو.
    مزار ابو طالب کان ٿي اچي هڪ تاريخي ماڳ (هيرا سنگهه جي ماڙي ) جو ديدار ڪيوسين ۽ ان سان گڏ هڪ قديم کوھ (هيرا سنگهه جو کوھ ) ڏٺوسين جيڪو پهرين ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه پئي آيو پر پوءِ ڪجهه ڳوٺاڻن جي مدد سان گند ڪچرو هٽائي فوٽو ڪڍياسين هن ۾ هڪ پٿر لڳل هو جنهن تي مٿان هندي ۾ ۽ هيٺان سنڌي ۾ لکيل هوته (هي کوھ هيرا سنگهه ۽ سندس ڀائرن پنهنجي خرچ تي ٺهرايو)۽ سن به لکيل هو جيڪو هن وقت ياد ناهي. معلوم ٿيو آهي ته هاڻي ويجهڙائيءِ ۾ ضلعي ٽنڊي الهيار جي هيءِ تاريخي جاءِ هيرا سنگهه جي ماڙي ڪري ختم ٿي چڪي آهي پر شڪر آهي ان جي تصوير مون وٽ موجود آهي جيڪا آئون فيس بوڪ تي به شيئر ڪري چڪو آهيان.هتي اچي مونکي عبدالواحد عاصي ۽ خليل کوسي صاحب جن جي هن ڪم سان دلچسپي ۽ جنون جي خبر پئي پهرين ته کوھ نظر ئي ڪون پئي آيو پر پوءِ ڪجه ڳوٺاڻڻ جي مدد سان گند ڪچرو هٽائي تصويرون وتيون سين .ڦٽل کوھ جي تمام ويجهو وڃي جان جوکي ۾ وجهي فوٽو ڪڍڻ لاءِ خليل کوسو اڳتي وڌيو ۽ عاصي صاحب ان کي کوھ ۾ ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ کيس ٻَکَ وجهي جهلي بيٺو. ڪافي دلچسپ منظر هو.
    هيڏي تڪليفن ۽ عذابن کان پوءِ هنن دوستن جون نڪتل تصويرون خبر ناهي ته ڇو ڊي سي او صاحب جي آفيس جي ڪمپيوٽر مان ڊليٽ ڪيون ويون يا ڪرايون ويون. جيئن ته ان وقت دوست ڊي سي او صاحب پاران مليل ڪئمرا سان تصويرون به ڪڍي رهيا هئا ان ڪري مون پنهنجي ان وقت جي اڀري موبائل سان ڪي گهڻيون تصويرون ڪون ڪڍيون هيون ان ڪري هن قسط سان لاڳاپيل ڪي خاص تصويرون موجود نه آهن. ڊليٽ ٿيل يا گم ڪيل تصويرون انتهائي قيمتي اثاثو هو ڇو ته هاڻي اهي جايون شايد ان حالت ۾ نه هجن يا وقت گذرڻ سان ان حالت ۾ نه رهن.
    ان کان پوءِ ستين جو آستانو نالي هڪ جاءِ تي آياسين جتي هڪ قبر موجود هئي.
    هاڻي اسان هن ضلعي جي هڪ اهم تاريخي ماڳ ڏانهن روانه ٿياسين جنهنجو نالو آهي (ڀوريءَجو دَڙو)
    ڀوريءِ جو دڙو نالي هي مقام لکاني ڪوريءِ جي ڳوٺ جي ڀرسان ڏکڻ طرف تقريبن چار يا پنج ڪلو ميٽرن تي آهي.
    هڪ روايت آهي ته آراڙو قديم شهر اروڙ شهر آهي محقق ۽ ادبي شخصيت سائين محمد حسين ڪاشف چمبڙ واري موجب اهو ڀوريءَ جو دڙو راجا ڏاهر جو قلعو آهي جتي راجا ڏاهر محمد بن قاسم سان جنگ ڪئي هئي جنهن ۾ هو قتل ڪيو ويو اتي ئي سندس قبر آهي جيڪا ڏهر ولي جي نالي سان مشهور آهي. اها ٻين جي به راءِ آهي پر ٿيٻو صاحب هن روايت سان متفق ناهي.پر سندن بقول هي شهر ڪنهن بادشاه جو تختگاھ هو ڇو ته هتان سندن هڪ مائٽ کي پنجن تولن جي هڪ سرمون پائڻ جي هڪ ڪاني ملي هئي جنهن جي وچ ۾ هڪ چوڪور ٺهيل هو جنهن مٿان ڪجه لکيل به هو جيڪا هن صاحب ڪنهنکي ٻڌائڻ بنا سوناري کي وڪڻي ڏئي ڇڏي . سون جي سرمي داني يا ڪاني ظاهر آهي ڪنهن بادشاھ جي ئي استعمال جي هوندي ڪو مسڪين ان کي رکي نٿو سگهي تنهنڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اهو بادشاهي شهر هو.
    هن ماڳ سان هڪ عشقيه داستان (ڀورِي۽ ڦل) به مشهور آهي اڳيان ايندڙ ڀوريءَ جو ڪوٽ جي عنوان ۾ ان جو ذڪر ڪندس
    هي تاريخي ماڳ به سنڌ جي ٻين ماڳن وانگي تباهي جي ڪناري تي پهتل نظر آيو گورنمينٽ پاران ڪوبه ڌيان نه هئڻ ۽ اسان سنڌ واسين خاص ڪري آس پاس جي رهندڙ ڀائرن جي لاپرواهي سبب هي دڙو سوڙهو ٿي وڃي ٿورڙو رهيو آهي جيڪو پهرين ڪافي وسيع ايراضي تي ڦهليل هو.
    ڀوريءِ جي دڙي کي الوداع چئي اڳتي وڌياسين ۽ حافظ سانداڻي ۽ سيد نور شاھ ولي جي تربتن تي آياسين.
    حافظ سانداڻي جي نالي مان ئي اندازو ٿئي ٿو ته هو ساند آهي ۽ ساند ٿيٻن جي نُکَ آهن ڪجه ماڻهن جي چوڻ موجب ته پيرن جي وسي، وارن پيرن جو خليفو هو ۽ پوءِ بزرگيءَ جي رتبي تي پهتوچون ٿا ته هو پنهنجي بزرگيءِ جي طاقت سان شِينهَنِ کي هرن ۾ جوٽي ديهن جون ديهون کيڙي ٻنيون پوکيندو هو(والله عالم بالصواب) هي ديھ مڱريا ۾ آهي جڏهن ته ديھ نيلو فري ۾ وري هن نالي سان مشابهت رکندڙ ٻيو درويش ساند ولي نالي مدفون آهي . حافظ سانداڻي هن بزرگَ جو پوٽو آهي هنن جو دور سمن جو دور آهي.
    سيد نور شاھ ولي
    نور شاھ ولي جي باري ۾ اهو چيو وڃي ٿو ته هي گجڻيءِ جي دانهن جو شهيد آهي گجڻي اها ساڳئي جنهن کي گجني، غزنوي ٿا چون انهن جي خلاف گوريلائي جنگ جتن ڪئي هئي جنهنجو ذڪر فتح محمد ٿيٻي صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ جي سُڳنڌ ۾ تفصيل سان ڪيو آهي جڏهن 1025يا 1026 عيسويءِ ۾ محمود غزنوي سومناٿ تي حملي کان پوءُ پارڪر جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿيو ٿه هتي جي جتن مجاهدن هنن تي ڀرپور حملو ڪري هن جي لشڪر جو چڱو ڪوس ڪيو جو هنن جتن جو چوڻ هو ته تو اسان جي خدائن تي حملو ڪيو آهي غزنوي جي لشڪر جا ماڻهو جتي جتي مئا اتي هنن کي دفن ڪيو ويو انهن کي بعد ۾ غزني جا پوءِ گجني ۽ پوءِ گجڻي جي دانهن جا شهيد چوڻ لڳا.
    مٺي فقير جو دڙو
    جتي نور شاھ ولي دفن آهي اهو ئي مٺي فقير جو دڙو آهي. مٺو فقير ذات جو ملاح هو ڪڪي وارن پيرن جو چوڻ آهي ته اسان جو خليفو هو پر محترم فتح محمد صاحب جن جو خيال آهي ته اهو مٺو هن ئي شهر جو ڪو معزز ماڻهو يا بزرگ هو.ڇو ته پيرن جي پنهنجن قبرن تي ڪي پڪيون سرون ۽ دڙا نه آهن پر مٺي جي قبر تي وڏا دڙا ۽ سرون آهن اها ڳالھ واقعي عجيب ٿي لڳي ته مرشدن يا پيرن جون قبرون ڪچيون ۽ ساديون هجن ۽ خليفن يا مريدن جون قبرون يا مزارون پڪيون ۽ نمايان هجن.
    هاڻي اسان (چِٽوڙِي) جي قبرستان تي وڃڻ لاءِ روانه ٿياسين جيڪو ضلعي ميرپور خاص ۾ موجود آهي .واھ ڪراس ڪيوسين ته دوستن ٻڌايو ته هاڻي پاڻ ٽنڊوالهيار ضلعي کي ڇڏي ميرپور خاص ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.مونکي سامهون هڪ سائن بورڊ نظر آيو جنهن تي لکيل هو (عمرآباد) . عمر آباد ضلعي ميرپور خاص جي ترجمان طور اسان کي ويلڪم ڪيو ۽ اسان اڳتي وڌي وياسين.
    ڳوٺ هوت خان لغاري کي رستي ۾ ڇڏي برهان فقير دل جي مزار تي آياسين جتي قُلَ پڙهي دولت لغاري کان ٿيندا ميرپور خاص پهتاسين. هتي ڪجه منٽن لاءِ ترسي ٿڌو وغيره پيتوسين ته ڪجه فرحت ملي ڇوته گرمي تمام وڌي چڪي هئي.
    جناب DCO صاحب پاران هن ڪم لاءِ مليل ڊبل ڪئبين گاڏي لاءِ چِٽوڙِي چار وِکُون ثابت ٿي. هتي اچي مونکي هڪ نئين دنيا نظر آئي تارڪ دنيا ٿي هڪ ڪمري ۾ بند ٿي زندگي گذاريندڙ مون لا علم انسان جون ته اکيون ئي پٽجي ويون هتي ڪا هڪ قبر، چوڪنڊي يا قٻو نه پر ڪافي تعداد ۾ نالي وارين هستين جون قبرون، چوڪنڊيون ۽ قٻا موجود ڏٺم.هتي پترن تي اُڪريل لکائي مونکي بيحد متاثر ڪيو،پراڻين قٻن ۽ تربتن تي ڪتبه خاص قسم جي پٿر جا هئا ۽ انهن جي مٿان فارسي ۾ لکيل نظر آيو.ڪاريگرن جي ڪاريگري جي ڪمال کي ڏسي دل ئي دل ۾ کين داد ڏيڻ لڳس.
    هي قبرستان ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ ته بيشڪ نه آهي پر هتي ضلعي جون نامور هستيون دفن ٿيل آهن جن ۾ ٽنڊوالهيار جهڙي بهترين شهر جو بنياد رکندڙ،باني محترم مير الهيار خان ٽالپر به هتي آرامي آهي هن مالدار ضلعي جي مالدار ماڻهن۽ عالمن ،مفڪرن ۽ مدبرن لاءِ هئڙو عاليشان شهر جوڙائيندڙ جوان جي آخري آرام گاھ ڏسي اکين ۾ لڙڪ تري آيا هئا . سندس ننڍڙي چوڪنڊي جو گنبذ زبون ٿي چڪو هو اٺن ٿنڀن تي ٺهيل هن چوڪنڊي کي مرمت جي سخت ضرورت هئي. تڏهن سوچيو هوم ته اڄ تائين اخبارن،رسالن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پنهنجي علم ۽ ڏاهپ جا جوهر ڏيکاريندڙڪنهن به ڏاهي هن عظيم هستي جو ڪڏهن ذڪر به ناهي ڪيو يا ڪيو به هوندو ته نه ڪرڻ جي برابر.۽ گورنمينٽ ته اڳي ئي بابو بي ميار آهي
    مالدار ضلعي جي مسڪين حال باني کان علاوه هتي موجود سابق تعلقه ناظم حاجي خير محمد کوکر ولد سردار حاجي غلام حسين کوکر ۽ رئيس دوست علي خان کوکر جي وڏن مان جرنيل ٻيڙو خان کوکر (جيڪو ميرن جي فوج جو جرنيل هو)جي به تربت آهي جيڪا ان وقت صحيح حالت ۾ نه هئي. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته هتي جو حال ڏسي عاصي عبدالواحد هڪڙي صاحب مونڏانهن ڏسي چيو هو _ ڏاڏاهي صاحب ڏسو پيا حال دنيا جو؟
    هاڻي معلوم ٿيو آهي ته اتي مرمت جو ڪم ٿيو آهي ۽ اسان جي هن تاريخي ورثي کي بچائڻ جي ڪجه ڪوشش ٿي آهي.
    چٽوڙي کان سڌو پراڻي شادي پلي روانا ٿياسين جتي عاصي صاحب جي دل واري دوست ۽ ادبي علمي شخصيت محترم تاج محمد هاليپوٽي صاحب اسان جي آجيان ڪئي ۽ لک عزتون ڏنيون سچ پچ ته هاليپوٽو صاحب قابل عزت انسان هو هونئن به ٻين جي عزت اهو ئي انسان ڪندو آهي جيڪو خود خانداني ۽ عزت وارو هوندو آهي.
    ڪالهوڪو سفر انتهائي دلچسپ ۽ معلوماتي رهيو.ڪافي معلومات ملي جيڪا گهر ويٺي ملڻ ممڪن ئي نه آهي مونکي اندازو ٿيوته ڪنهن به دؤر ۾ گهر ويهي سنڌ امڙ جي مٽجِي ويل بستين جي تاريخ لکڻ ممڪن ئي ناهي. پر ضلعي جي هر شهر ماڳ۽ مڪان تي وڃي ان جون تصويرون وٺڻ ۽ ان بابت ڳوٺاڻن ۽ سمجهو ماڻهن سان ملي معلومات وٺڻ ۽ان کي قلم بند ڪرڻ جو ڪم به ايترو آسان نه آهي. ان ڳالهه جو اندازو مونکي هنن دوستن سان گڏ سفر ڪندي ٿيوسخت گرمي ۽ گرم هوا ڪنهنجا به حوصلا خطا ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي پر اسان همٿ نه هاري ۽ اڳتي وڌندا رهياسين .
    ٽنڊو الهيار کان نڪري عاصي صاحب کي ڳوٺان کڻي سفر جي ابتداء ڪئي سين پَل مورِي، ۽ ڇَٽو ولي کان ٿيندا مسڻ وڏي آياسين جتان خليل صاحب پنهنجي هڙان سفر لاءِ ڪجهه سامان ورتو ان کان پوءِ ڳوٺ آدم ڪلر کان ٿيندا هن ضلعي جي اهم تاريخي مقام (ڀورِيءَ جوڪوٽ) پهتاسين
    لفظ ڪوٽ ٻڌڻ يا پڙهڻ سان شايد اوهان جي ذهن ۾ ڪنهن ڪوٽ يا قلعي جو ڪو نقشو اڀري اچي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي هتي ڪنهن ڪوٽ يا قلعي جو ڪو وجود ئي نه آهي البته ان جا آثار اڃا موجود آهن.هي مقام به انهن متاثر مقامن مان هڪ آهي جيڪي اسان سنڌين ۽ اسان جي نا اهل ڪامورن جي لا پرواهي جي ڪري تباهي جي ڪناري تي نه پر تباھ ٿي چڪو آهي .
    هي حال ڏسي بيحد افسوس ٿيو ۽ دل ۾ خيال آيو ته ڪاش محترم شفقت عباسي سابق DCO ٽنڊو الهيار جهڙا مهربان آفيسر اسان کي اڳ ملن ها جيڪي پنهنجي سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ سان گڏ سنڌ امڙ جي ڌرتيءِ سان محبت ڪرڻ به پنهنجي ڊيوٽي سمجهن ٿا
    ڀوريءَ جو ڪوٽ
    ديهه نيلو فري جي هن مقام سان جيڪو هڪ تاريخي عشقيه داستان مشهور آهي سو مختصر طور ذڪر ڪريان ٿو پر ان کان اڳ هڪ عرض ڪريان ته هي تاريخي ڪهاڻي هن ضلعي جي ڏاهي ۽ محقق فتح محمد ٿيٻي صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌ جي سُڳنڌ ۾ تفصيل سان لکي آهي بهتر ٿيندو ته اهو ڪتاب هٿ ڪجي مون ان کي مختصر کان مختصر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪافي حد تائين پنهنجي لفظن ۾لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اميد ته ڪيل غلطين کي در گذر ڪندا.
    ڀوري ۽ ڦلونت
    سنهري وارن واري نهايت ئي حسين و جميل ۽ علم و عقل ۾ بي مثال نالي روپ متي جنهن تي سندس وارن ۽ رنگ سبب ڀوري پدمڻي نالو پئجي ويو هن لاءِ وڏا چون ٿا ته هوءَ جڏهن پاڻي پيئندي هئي ته ان کي گلاب جا پن وجهي ڏيندا هئا جيڪي پاڻي پيئندي هئي ته هن جي نڙيءَ مان ڏسڻ ۾ ايندا هئا بحر حال هن ڳالھ تي يقين ڪرڻ ڪو ضروري ناهي پر هتي بيان ڪرڻ جو مقصد هڪ روايت کي لکڻ آهي جيڪا مشهور آهي.
    ڀُورِي راجا اتم راءِ (يا انيراءِ)جي گهر پيدا ٿي جيڪو راجا هاڻوڪي ضلعي ٽنڊوالهيار جي تپي ڍالُو جي ديھ نيلوفري جنهنجي آڳاٽي جاگرافيائي جوڙ جڪ ڪافي وسيع هئي ان وسيع علائقي تي سنه 1070ع ڌاري حڪومت ڪندو هو. هن پنهنجي ڌيءِ لاءِ نهايت ئي بلند و بالا نيلو فري ڍنڊ ڪناري ڪوٽ جوڙايو جنهنجو نالو رکيائين اونچل ڪوٽ پر عرف عام هن کي ڀوريءِ جو ڪوٽ سڏيو ويو.ڀوري جڏهن جوان ٿي ۽ سندس حسن جي هاڪ پري پري تائين پکڙجي وئي ته ڪيترائي شهزاده جوان ۽ راجڪمار هن سان شادي جي خواهش کڻي آيا ۽ نامراد واپس وريا آخر ڪار ڦلوند نالي هڪ خوبصورت ۽ عقلمند جوان ڀوريءِ کي اچي ڳولهي لڌو.
    ڦلوند راءِ ڪيهر جاڙيجي جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو راءِ ڪيهر پنهنجي پيءَ جي وفات کان پوءِ 1098ع ۾ بڊام جي علائقي ڪيرارو جي پايئه تخت تي ويٺو هو.
    جنهن پنهنجي جوءِ جي مکيه مهاراج جيڪو سندس قوم جو ئي هو جنهنجو نالو راءِ کنگهار هو ،جي وڏي ڀيڻ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڦول نالي هي حسين و جميل پُٽ پيدا ٿيو.
    شادي بابت پنهنجي پيءِ جي اسرار تي ڀوريءِ چيو ته آئون ان سان شادي ڪندس جيڪو مونکي علم ۽ اڪابري ۾ هيسائي هيٺ ڪندو.
    هاڻي جيڪو به شهزادو يا راجڪمار اچي ته ان کي پردي جي پويان ويهاري آئون پاڻ امتحان وٺندس.
    هوڏانهن ڦلوند ڀوريءِ جي بي مثال حسن جي هاڪ ٻڌي کيس حاصل ڪرڻ لاءِ جوڳياڻو ويس ڪري نڪتو۽ اچي ڀوريءِ جي محل پهتو. چون ٿا ته اتي ڀوري ۽ ڦلوند جو زبردست علمي مقابلو ٿيو جنهن ۾ ڦل فاتح رهيو ۽ نيٺ ڦل جي ڀوريءِ سان شادي ٿي
    پر جيئن ته ڀوريءِ جي ماءُ ان شادي ۾ راضي نه هئي ۽ ڀوريءِ جي شادي پنهنجي ڪنهن مائٽ سان ڪرائڻ ٿي چاهي سو ان پنهنجي هڪ دائي (اڀ ڌوتي) کي صلاح ۾ ڪري هنن جي وڄ ۾ شڪَ جو ٻج ڇٽڻ ۾ ڪامياب ٿي.
    ٿيندو هيئن هو ته اڀ ڌوتي ڦل جي سامهو ڀوريءِ جي ڪن تي وات رکي ڪجه چوڻ بنا هلي وئي . جنهن تي ڦل جي پڇڻ تي ڀورءِ چيو ته چيائين ته ڪجه به نه !
    هڪ ڏينهن ڪا خاص ڳاله ٻڌائڻ جو ڀوريءِ کي چيائين ڀوري جي زور ڀرڻ تي به پوءِ ٻڌائڻ جو وعدو ڪري هلي وئي ته جيئن ڀوريءِ کي انجو تجسس ۽ انتظار رهي.
    هڪ ڏينهن سانجهي ويل جڏهن ڦل ۽ ڀوري حسب دستور باغيچي ۾ ويٺا هئا ته مڪار دائي مرداني ويس ۽ آواز ۾ هڪ جاءِ تان اچي ڀوريءِ کي سڏ ڪيو ڀوريءِ کي دائي واري ڳالھ ياد آئي ۽ پڪَ ٿيس ته دائي هوندي ۽ اها ڳالھ ٻڌائڻ ٿي چاهي اهڙي ريت هوءِ ان طرف وڃڻ لڳي ۽ ڦل به آهتي آهستي ان طرف هلڻ لڳو جو دائي جو ڪن ۾ اچي سس پس ڪرڻ جو منظر سندس ذهن ۾ تير ٿي کتل هو. دائي پنهنجو تير نشاني تي لڳندي ڏسي اڳ تيار ڪيل گهوڙي تي چڙهي تيزي سان رواني ٿي وئي جيڪو منظر خود ڦل به ڏٺو. ايئن ڦل شڪ جي تير جو شڪار ٿي ڀوري جي هزار حيلا هلائڻ ۽ يقين ڏيارڻ جي ڪوششن جي باوجود واپس پنهنجي وطن وريو ۽ اچي ڪڇ ڀڄ پهتو.ان دوران ڪن جو چوڻ آهي ته هنن کي ٻه ڌيئرون ڄاپي چڪيون هنيون جن جا نالا هيران ۽ جهيران هئا پر ڪن جي چوڻ موجب هنن کي اولاد نه هو جڏهن ته ڦل بڊاماڻي کي پنهنجي پهرين شادي مان جيڪا هن ڪنهن سياسي حڪم عملي تحت ڪئي هئي ان مان کيس لاکو ٻڊاماڻي نالي هڪ پُٽُ هو
    ڪجه ڏينهن ۾ جڏهن سندس قافلو نهٽي پهتو جتي جي واڳ ڌڻيءِ جي گهر ۾ سندس ڀيڻ پرڻيل هئي تنهن عقلمند عورت کي سندس ڀاءِ جي هن حرڪت جو اڳي ئي پتو پئجي ويو هو تنهن پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڪيو ته ڀاءَ ڦلَ جو قافلو اچي پيو جيئن اچي ۽ هو جنهن به وڻ سان پنهنجا جانور ٻڌن ۽ پوءِ کولين ته انهن وڻن کي وڍي ڇڏجو. جڏهن ايئن ٿيو ته ڦلَ پنهنجي ڀيڻ سان احتاج واري انداز ۾ پڇيو ته ايئن ڇو آهي؟
    تنهن تي سندس ڀيڻ دانائي سان جواب ڏنو ته جيڪو پنهنجي سون ورني سهاڳڻ کي ڌوتين جي دولاپ ۾ اچي ڏهاڳ ڏئي اڪيلو ڌارين جي حوالي ڪري ته ان بي عقل ۽ ڪنن جي ڪچي ڀاءَ تي ڪهڙو اعتبار ته هو پنهنجن ٻين عزيزن سان ڪهڙي هلت هلي؟
    اهڙي بي رحمَ، جي جانورن کي ڇانوَ ڏيندڙ جا وڻ به مونکي نه کپن متان انهن جي اوسراڻ وڻن کي اچي۽ ڪو انهن جي ڇانوَ ۾ ويهي منهنجي ڏهاڳ لاءِ سِٽَ سِٽي. ڦل جو عقل ٺڪاڻي اچي ويو ۽ حڪدم قافلي کي واپس موٽن جو حڪم ڪيائين.مگر دير ٿي چڪي هئي ڀوري غليظ الزام ۽ جانيءِ کان جدائيءِ جو غم برداشت نه ڪري سگهي ۽ بيمار ٿي پئي هڪ ڏينهن هن ڪاٺيون گڏ ڪرائي ان کي هٿ سان باھ ڏئي خوشيءِ سان ست چڙهڻ لاءِ آڙاھ ۾ پاڻ کڻي اڇليوتڪڙو موٽيل ڦل بڊاماڻي هن اپسراءِ ڀوريءِ پدمڻيءِ جي ڏاگهه چڙهڻ مهل اچي پهتو ۽ پنهنجي وفا جي پيڪر محبوب ونيءِ کي سڙندو ڏسي پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ڪنهن پتنگ جيان پاڻ کي مچَ جي حوالي ڪري ڇڏيائين .
    هن لفظ ڪوٽ سان منسوب پَٽَ يا ميدان کي خدا حافظ چئي هڪ ٻئي دڙي تي پهتا سين جنهن کي الهداد
    . شاھ جو دڙو چون ٿا.
    الهداد جو دڙو ديھ نيلو فري ۽ ناگنا شاخ جي ڏاکڻي ڪپ آهي.الهداد صاحب جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته پاڻ سيد هو پاڻ سيلاني طبيعت جو هو هت ان وقت پهتو جڏهن هي علائقو اسلام جي روشني کان خالي هو پوءِ هن جي ڪردار۽ ڪرامتن جي ڪري هتي آباد برهمڻ وڏي تعداد ۾ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيندا ويا .تنهنڪري هن سائين نالو وڏي اهميت وارو آهي اڄ به ان جي آس پاس ۾ وڏا کنڊر آهن هي وڏو شهر هو جيڪو ڪافي ميلن ۾ پکڙيل هو پر هاڻي باقي ٽڪرو وڃي بچيو آهي هن شهر کي ڦٽي ڪو خاص عرصو ناهي ٿيو هي اندازن ميرن جي دور جي ابتدا ۾ ڦٽو آهي
    واپسي ۾ ڳوٺ منون ٿيٻو ۾ هڪ هوٽل تي ڪجهه دير ترسي چانهه پيتي سين جيڪا هڪ معذور شخص منور ٿيٻي جي هوٽل هئي جنهن پنهنجي همٿ ۽ جذبي سان پنهنجي معذوري کي مات ڏئي پنڻ بدران محنت ڪري روزي ڪمائڻ کي ترجيح ڏني هئي. وڌيڪ معلوم ٿيو ته هڪ ٽي وي چئنل وارا دوست هن همراھ کان انٽرويو به ڪري ويا آهن ۽ ان بابت هڪ تفصيلي پروگرام به ٽي وي تي پيش ڪري چڪا آهن
    ان کان پوءِ (هيران ۽ جهيران) نالي ٻن ڀينرن جي قبرن تي آياسين،هي مقام هندو مذهب سان تعلق رکندڙ (سُوٽهڙ) قوم يا قبيلي لاءِ اانتهائي اهم ترين ۽ اعلى مقام رکي ٿو معلوم ٿيو ته هن قوم جا ماڻهو هتي اچي زيارت ڪندا آهن ۽ پوڄاپاٽ ڪندا آهن جن جي حفاظت هتي جا مقامي مسلمان ٿيٻا رات جو پهرو ڏئي پاڻ ڪندا آهن اها ڳالهه ٻڌي بيحد خوشي ٿي هونئن به سنڌ ۾ رهندڙ هندو ۽ سنڌي مسلمان پاڻ ۾ ڀائرن وانگي رهيا آهن ۽ اڄ به ڀائر آهن ان کان علاوه هن ڳالھ ۾ پوري دنيا جي انسانن لاءِ انساني ڀائيچاري جو هڪ بهترين نمونو پڻ نظر اچي ٿو.
    هندستان جي انتها پسند جنوني مذهبي سوچ رکندڙن ۽ هندستان ۾ مسلمانن لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏيندڙن کي اسلام جي عظمت جواندازو هن ڳالھ مان لڳائڻ گهرجي ۽ اسلام سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان سندن وحشِيين واري روش کي بدلائڻ گهرجي.
    هتي ٻه قبرو گڏ نظر آيون ۽ پاسي ۾ پوڄا ڪرڻ لاءِ به بندوبست ڪيل هو هيستائين پهچڻ لاءِ ڪوبه رستو يا سهوليت موجود نه آهي اسان گاڏي پري ڇڏي سخت گرمي ۾ هڪ ڳوٺاڻو ساڻ ڪري نڪري پيا هئاسين ۽ ڪافي تڪليف کان پوءِ هتي اچي پهتا هئاسين.هنن ٻنهي ڀينرن بابت معلوم ڪرڻ تي جيڪا ڄاڻ ملي يا وري هاڻي ٿيٻي صاحب کان معلوم ٿيو سا ڄاڻ مختصر طور هن ريت آهي.
    هيران ۽ جهيران
    بقول سوٽهڙن جي ته اهي ٻه ڀيڻون جيسلمير ۾ هنيون۽ اسان لاءِ مرشدن جو مرتبو رکن ٿيون جڏهن هتان قافله ويندا هئا ته انهن کي رستي ۾ئي ڀٽي ۽ ٻيا ڦريندا ۽ لٽيندا هئا جيڪي ڦرجي اتي پهچندا هئا تن نيٺ هنن ٻنهي ڀيڻن کي چيو ته اسان کي ڪو اهڙو اسٿان ٺاهي ڏيو ته اسان اتي ئي اوهان جي پراٿنا ڪريون ۽ اسان کي هيڏانهن اچڻو نه پوي ڇو ته اسان ڦرلٽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.ته ان وقت انهن گندي جي پلاند مان هڪ ڪپڙي جو ٽڪر ڦاڙي ڏنو ۽ چيو ته هاڻي اوهان جتي به هن گندي جي ٽڪري کي ڪنهن ڪاٺي وغيره ۾ لڙڪندو ڏسو ته اتي اسٿان ٺاهي ڇڏجو
    اها ڳالھ ڍالوواڻيي جي دور جي آهي جنهن جي نالي سان ڳوٺ به آهي. ڍالُو نالي تبو به آهي جنهن ۾ ڪافي ديھون به هنيون پر وقت گذرڻ سان ان ۾ تبديليون آڻيندا وڃن. ڍالُو هڪ سخي انسان هو هن سخي مرد کي اولاد نه هو هن وٽ اڪثر ڪچهريون قائم هونديون هنيون.
    روايت آهي ته هڪ ڀيري جڏهن ڍالُو جي گهوڙي ڇوڙائي وئي جنهن کي ڳولهڻ لاءِ نڪتل ماڻهن کي مکريا ديھ جي ڇيڙي ۾ هڪ لوڙهي جي ڍينگر ۾ اها اڳڙي نظر آئي جيئن ته ڍالُو ۽ انهن جي ماڻهن کي اها خبر هئي ته سوٽهڙ ذات جا ماڻهو هئڙي قسم جي ڪنهن اڳڙي کي ڳولهي رهيا آهن تن هڪدم وڃي سوٽهڙن کي ٻڌايو تن هتي پهچي اڳڙي سڃاڻي اتي ئي پنهنجو اسٿان جوڙيو.جتي هو چيٽي چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي ميلو به لڳائيندا آهن.
    روايت نمبر2
    ٻئي روايت جيڪا سنڌ جي نامور محقق ۽ داناءَ محترم شهزاد فتح محمد فتح ٿيٻي صاحب به لکي آهي ته جڏهن ڦل بڊاماڻي ڀوريءِ سان شادي ڪئي ته هن کي ان مان ٻه ڌيئرون ٿيون جن جا نالا هيران ۽ جهيران آهن .
    جڏهن ڦل ڀوريءِ کي تياڳ ڏئي ويو ۽ پوءِ جڏهن واپس آيو ته ڀوري باھ ۾ سڙي ڏاگهه ڇڙهي چڪي هئي انهيءِ باھ ۾ ڦُلَ پاڻ کي به ساڙيو ته ان وقت بادشاهي ۾ انتشار پکڙجي ويو هيران ۽ جهيران ان فساد کان محفوظ رهڻ لاءِ ڪنڀارن جي پاڙي ۾ وڃي لڪيون ۽ پوءِ اتي ئي وڏيون ٿيون ۽ ستيون ٿي مُيُون ۽ پوءِ هُنن، هِنن ٻنهي ڀيڻن کي اتي ئي دفن ڪري ڇڏيو

    هيران جهيران جي پاسي م ئي هڪ بزرگ جي چوڪنڊي هئي جنهنجو نالو ابراهيم شاھ ٻڌايو ويو .گڏ آيل ڳوٺاڻي ٻڌايو تي هي قبر يا چوڪنڊي ته تمام پراڻي آهي پر ان جو نالو ابراهيم شاھ هاڻي ڪجهه سالن ۾ ٻڌڻ آيو آهي.
    اسان جي سنڌ جا ڪجهه سادا ماڻهو اهڙا به آهن جو جتي به ڪا قبر يا مٺيءَ جو ڪو ڍڳ ڏسندا آهن ته اتي ڪونه ڪو نالو ڏئي ان کي پنهنجي ڪنهن مقصد لاءِ يا پنهنجي پيٽ پوچا لاءِ بزرگ بنائي پيٽ پالڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن. هونئن ته قبرن کان علاوه اُٺَ جي قبر به هتي اميدون پوريون ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو ٿو وڃي. مرشد جي ٻلي به اسان لاءِ قابل پرستش آهي ڪتي تي قٻو به ٻڌڻ ۾ آهي بحر حال هر ماڻهو جو پنهنجو خيال آهي منهنجو انهن جي مذهبي عقيدن سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
    هن چوڪنڊي جون تصويرون وٺڻ هڪ وڏو مسئلو ٿي پيو ڇو ته وچ ۾ هڪ وڏو واٽر هو جنهنکي ٽپڻ ضروري هو.پهرين ته ڪنهن به دل نه ٻڌي پر پوءِ خليل کوسو مڙسي ڪري واٽر ٽپي ويو. پر دلچسپ صورتحال ان وقت سامهون آئي جڏهن واپس موٽندي واٽر ٽپي نه پئي سگهيو.ڪافي لطف اندوز به ٿياسين آخر ڪار وڏي مشڪل سان همراھ کي واپس آندوسين .
    ان کان پوءِ نور شاھ جي قبر ، مِٺي فقير جو دڙو۽ ڳوٺ پير ڪَڪو کان به ٿيندا آياسين.

    ڳوٺ فقيرمير محمد ٿيٻو پهتاسين جتي هڪ ادبي ۽ علمي شخصيت محترم سردار فتح محمد ٿيٻي سان ملياسين. هن علائقي جو ظاهري ڏيک لاڙ جي سانگي ڦرهي جي علائقي جهڙو لڳو هو ڄارون ۽ کٻڙ وغيره تمام گهڻا نظر آيا . اسان جيئن ئي سردار صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته دنيا ئي تبديل ٿي وئي ننڍڙو ڪمرو ڪتابن سان سينگاريل هو ۽ A/C هلڻ ڪري ٿڌ به هئي جنهن اسان کي جيڪي ٻاهران باھ جهڙي موسم مان آيا هئا سين ڪافي فرحت بخشي
    ڪجهه دير ڪچهري ٿي ته معلوم ٿيو ته فتح محمد صاحب اڳ نڪرندڙ هڪ اخبار ولهار جا چيف ايڊيٽر به رهيا آهن ۽ ( ان وقت 2011 ۾ )سندس هڪ ڪتاب (راڻي سندا رنگ) ڇپيل هو جيڪو مون به ڏٺو ۽ سندس 24 کن ڪتاب ڇپائي لاءِ بلڪل تيار هئا (جيڪي هاڻي سنه 2021 ۾ 52 آهن) .مونکي حيرت لڳي ته هن رڻ پَٽَ ۾ هئڙا لعل لڪا پيا آهن هونئن به سنڌ سموري هن جهڙن هيرن جي کاڻ آهي پر افسوس جو قدر نه اسان وٽ آهي ۽ نه ئي اسان جي بي حس گورنمينٽ وٽ. اگر اسان جي سنڌ حڪومت پنهنجون پوريل اکيون پٽي ۽ سونهاري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏسي ته ٿيٻي صاحب جهڙا ڪئين ماڻڪ موتي ملندا جن جون تحريرون پنن ۾ پيون پساھ کڻنديون هونديون ۽ پنهنجي بي قدريءِ تي خاموش پر اکين وارن ۽ ٻڌڻ جي سگه رکندڙن لاءِ پُرزور احتجاج ڪندي نظر اينديون..
    تنهنڪري سموري سنڌ واسين جي گورنمينٽ کان اها ئي گهر هوندي ته وس وارن کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن ۽ مواد جي مالڪي ڪن خاص ڌيان ڌري پنهنجا سڀ وسيلا ڪتب آڻي پنهنجي ناڻي ۽ نگراني ۾ ڪتاب ڇپرائي عوام جون امانتون مالڪن تائين پهچائين.اهو انهن جو ڪو احسان نه هوندو پر انهن تي اهو لازم آهي ته هو پنهنجو ڪم کي فرض سمجهي سر انجام ڏين
    محترم فتح محمد ٿيٻي صاحب مختصر ڪچهري کان پوءِ اسان سان گڏ هليا ۽ هڪ قديم ڦٽل کوھ ڏيکاريائون هي کوھ ديھ جهول تپو ڍالُو ڳوٺ مير محمد ٿيٻي جي ڳوٺ يا بچو ٿيٻي جي ڳوٺ جي اوڀر ۾ ايڪڙکن جي مفاصلي تي آهي هي هڪ قديم کوھ آهي جنهن لاءِ خيال آهي ته هي هزار سال يا ان کان به پراڻو آهي ڇوته بقول ٿيٻي صاحب جي ته اسان جي وڏن کي به ڇھ سو سال ٿي ويا آهن سي به چون ٿا ته اسان هن کي هن ئي حالت ۾ ڏٺو آهي ته ممڪن آهي ته ايترو يا ڪجه وڌيڪ عرصو ٻيو به گذريو هجي، هن کوھ جي چوڌاري وڏو تلاءَ به آهي.

    ان کا پوءِ سائين سمن شاھ جي قبرستان ۾ آيا سين جتي سنڌ جي محسن حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي 29 فقيرن مان هڪ فقير، عارف فقير ٿيٻو به هتي آرامي آهي..
    سائين سمن شاھ، شاھ عنايت رضوي جي ڏاڏاڻن ۾ اچي ٿو۽ شاھ عنايت کان پوءِ شاھ پوٽا شروع ٿا ٿين.نه ته ان کان اڳي اهي سڀ رضوي هئا
    سمن شاھ رضوي جي شادي ٿيل ڪانه هئي پاڻ سير سفر جو شوقين ،ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ۽ بزرگ هو تنهن ڪري هن جتي جتي به ٺڪاڻا ٺاهيا اهي اڄ به سمن شاھ جا تڪيا مشهور آهن.جن مان خاص تڪيو چمبڙ جي پڙي وٽ آهي بعد ۾ مريدن رضوي ساداتن کي زمينون به ڏنيون جنهنڪري اها پڙي به خادم علي شاھ وارن وٽ آهي جيڪا ان ڳالھ جي گواھ آهي ته هتي سمن شاھ رهيوهو. ان کان پوءِ سائين جن ولهار جي ويءَ آيا ان وقت ولهار جو ويءَ اهڙو ته سرسبز ۽ شاداب هوندو هو جو پهاڪو آهي ته ( ٿر جا وَسَ جهول جا گس )
    مطلب ته ٿر ۾ جڏهن پلر جي پالوٽ سان ٿر گل و گلزار ٿي ويندو آهي ڀٽون پراڻا لٽا لاهي نوان ويس وڳا پهرينديون آهن ۽ دلڪش منظر پيش ڪنديون آهن اهڙيون گلزاريون ته جهول جي گسن ۾ٿين
    سائين جڏهن هتي آيو ته هن کي هي ماحول وڻيو ان وقت هتي ٿيٻا فقير رهندا هئا جن ۾ هڪ ڀيرُو ۽ ٻيو رڪن فقير ڀيرو جو اصل نالو ابراهيم هو کين هڪ ڀيڻ جنت نالي به هوندي هئي هنن وٽ جام ٻڪريون هيون جن لاءِ مشهور آهي ته انهن کي بگهڙ چاريندا هئا.( والله عالم بالصواب) سائين سمن شاھ هتي پنهنجو آخري ٺڪاڻو ٺاهڻ جو ارادو ڪيو ۽ هنن فقيرن وٽ لنگهي آيو ۽ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيائين ۽ اجازت طلب ڪيائين .تنهن تي فقيرن چيو ته سائين اوهان سيد ذات ۽ اسان امتي فقير جي اوهان هتي رهيا ته اسان کي ڪير پڇندو؟
    سائين جواب ڏنو ته نه فقير ايئن نه ٿيندو آئون اڄ به پنهنجن مريدن کي چئي ٿو وڃان ته جيڪو به منهنجي زيارت لاءِ اچي سو پهرين ڀيرو ۽ رڪن فقير جي زيات ڪري پوءِ اچي نه ته سندن زيارت قبول نه پوندي جيڪا روايت اڄ ڏينهن تائين برقرار آهي سائين سمن شاھ اندازن 1500ع جي شروعات ۾ هتي آيو آهي ۽ 1560کان 1580ع جي وچ ۾ وفات ڪئي آهي.
    1680 يا نوي جي عشري۾ شاھ عنايت رضوي کي ماڻهن ٻڌايو ته اوهان جو ڏاڏو سائين سمن شاھ وڏو بزرگ هو تڏهن پاڻ ان جي ڳولها ۾ نڪتو ۽ ڳولهيندو ڳولهيندو اچي هتان نڪتو.۽ سائين سمن شاھ جي قبر کي اچي ڳولهي لڌائين ان وقت اتي ڪوبه مزاور يا سنڀاليندڙ هن کي نظر نه آيو تنهن ڪري سائين عنايت رضوي پاسي ۾ موجود ٿيٻن جي ڳوٺ ۾ آيو ۽ اچي چيائين ٿه اوهان هن جي مزاوري ڪريو تنهنڪري اڄ به اتي موجود ٿيٻن کي سمن شاھ جو مزاوريا مجاور ڪري سڏيو وڃي ٿو.
    اتي جا وڏا ٿيٻا ڳالھ ڪندا هئا ته پوءِ شاھ عنايت رضوي هتي ايندو رهندو هو پر هڪ ڀيري هن سان گڏ هڪ نهايت ئي خوبرو نوجوان به گڏ آيو پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ان جو نالو عبداللطيف آهي.
    پوءِ جڏهن شاھ عنايت وفات ڪري ويو ته عبداللطيف روايت کي برقرار رکندي ايندو رهيو ۽ اتي جي ماڻهن سان سندس قرب جو رشتو قائم رهيو. اڳتي هلي جڏهن عبداللطيف ،شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان مشهور ٿيو ته اتي جا ٿيٻا سندن معتقد ٿيا ۽ اڳتي هلي عارف فقير ٿيٻو (شاھ سائين جي 29 فقيرن مان هڪ فقير) هتي جي ماڻهن کي نماز پڙهائيندو هو دين جي ڄاڻ کان علاوه شاھ سائين جي طور طريقن کان آگاھ ڪندو هو عارف فقير عربي فاسي ۽ سنڌي زبان ٿي عبور رکندو هو.
    ۽ پوءِ سردار صاحب کان موڪلائي جمڙائو جو ڪپ وٺي موٽياسين اڳيان اچي ناگنا واھ جي ٽيل تان سنجرچانگ. وڃڻ جو ڏس پڇيوسين
    سنجرچانگ،بشير آباد،ماڪن شاھ،ڳوٺ غلام رسول جلباڻي،کان ٿيندا ڳوٺ بهادر جلباڻي ۾ آياسين جتي محترم محمد اشرف پاران ماني جو بندوبست ٿيل هو.هتي اچي اسان اڃا کٽن تي ويٺا ئي ڪونه هئاسين ته اتي جي نالي واري سگهڙ محمد علي جمالي ڳجهارت ڏني (نالو اٿئي هاڻي نالو ڪر تون) تمام دلچسپ ڪچهري ٿي ۽ شام جو واپس موٽياسين.
    زندگي رهي ته سنڌ امڙ جي ٻين به نظر انداز ڪيل مقامن تي وڃبو ۽اتي جو حال لکبو ۽ اوهان سان ونڊ ڪبو ۽ انهن جو به مڪمل تعارف ۽ احوال لکبو جيڪي خدا جي پاران مليل بي پناھ صلاحيتن جي باوجود گمنام آهن . حقيقت اها آهي ته اسان فقط وڏن نالن جا پوڄاري آهيون باقي ڪنهنجي صلاحيتن کي پنهنجي عقل جي ڪسوٽي تي پرکڻ جي صلاحيت اسان ۾ نه هجڻ جي برابر آهي. يا وري اسان ڪنهن ٻئي جي ساراھ کي ٻڌڻ جي قوت نٿا رکون جنهنڪري اسان سڀ ڪجه سمجهي به ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ جا منڪر ئي رهون ٿا . سوشل ميڊيا تي به ڪافي جوان هن مرض ۾ مبتلا نظر اچن ٿا.
    (سيد خادم سبحان ڏاڏاهي)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو