13هين جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جنوري 2022 13:35 وڳي۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    13 جنوري ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟
    فقير محمد سنڌي.
    13 جنوري 1440ع تي جڳ مشھور جنگي سورمو ”جون آف آرڪ کي جيئري ساڙيو ويو.
    13 جنوري 1871ع تي قادر الڪلام شاعر محمد حافظ شاهه پراڻي ٽکڙ ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    13 جنوري 1900ع تي پاڪستان جي قومي تراني جي مصنف ابوالاثر حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينھن آهي.
    13 جنوري 1902ع تي ماهر ڊاڪٽر ۽ ادب دوست انسان ڊاڪٽر محمد سليمان قاضي موري شھر ۾ ڄائو.
    13جنوري 1926ع تي ناليوارو فلمساز شڪتي سامنٽ جو جنم ڏينهن آهي.
    13 جنوري 1929ع تي گورڌن محبوباڻي ڀارتي پٽ آسومل محبوباڻي ”لوهاڻو“ تخلص هئس. ڀارتي جو جنم ڳوٺ آراضي تعلقو سيوهڻ ضلعي دادو ۾ ٿيو.
    13 جنوري 1930ع تي سکر بئراج جو افتتاح ڪيو ويو.
    13 جنوري 1942ع تي نالي وارو اديب اظھر سولنگي اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي ڳوٺ ميوي خان تعلقي ۽ ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.
    13 جنوري 1955ع تي پاڪستان ۾ والي بال فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آيو.
    13جنوري 1955ع تي موسيقار ۽ گلوڪار استاد بندو خان ڪراچي ۾ راھ رباني ورتي.
    13 جنوري 1958ع تي انساني حقن جو ڪارڪن، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر بدر سومرو ڳوٺ ڳاڙهي موري تعلقي ۽ ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.
    13جنوري 1958ع تي ٽيتاليهه ملڪن جي سائنسدانن جوهري تجربي تي پابندي لڳائڻ لاءِ اقوام متحده کي درخواست ڪئي..
    13 جنوري 1961ع تي پاڪستان ۾ ٻئين مردم شماري ٿي.
    13 جنوري 1976ع تي نوجوان شاعر مور مغيري، اصل نالو غلام عمر ڳوٺ قمبر ڪوٽ مغيري تعلقي وارهه ضلعي قنبر شھدادڪوٽ ۾ جنم وتو.
    13 جنوري 1980ع تي سعودي عرب سفير دياض الخطيب جو وڇوڙو ٿيو.
    13 جنوري 1982ع تي ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل جو جنم ڏينھن آهي.
    13 جنوري 1983ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران خان جو جنم ڏينھن آهي.
    13 جنوري 2003ع تي اديب ۽ مصنف ابن حيات پنھور وفات ڪئي.
    13جنوري 2007ع تي صومالیہ ۾ مارشل لا نافذ ڪيو ويو.
    13جنوري 2007ع تي بحر الڪاهل جي شمال مشرق مغرب ۾ اٺ ڏهائي ٻه شدت جو زلزلو جنھن ۾ جپان، جزيره مارڪس، جزیرہ ويڪ، جزیرہ مڊوني، آئرلينڊ، گوام ۽ تائيوان ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو