توکي دِل جا زخم ڏيکاريان، تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان، دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم روئان ۽ توکي بہ رئاڙيان، دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم. (آلاپ) اڪيلي ھِي دل سَوين ھِن سُور تُنھنجا پرين پَل پَل پَوَن ٿا، پُور تُنھنجا توکي دل جا زخم ڏيکاريان تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان دل ۾ آس اٿم، دل ۾ آس اٿم (آلاپ) رَکِي نہ ھا تو، نڀائڻ ڪونہ آيئي روئاڙي پوءِ کلائڻ ڪونہ آيئي توکي دل جا زخم ڏيکاريان تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم (آلاپ) ڪوئي قاصر نواز جو داد تہ ڪَر تون نہ مونکي ايترو برباد ڪر تون توکي دل جا زخم ڏيکاريان تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم ٻول: سيد قاصر نواز شاھ آواز : الھداد زرداري