ٻول : توکي دل جا زخم ڏيکاريان - الھداد زرداري

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
توکي دِل جا زخم ڏيکاريان،
تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان،
دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم
روئان ۽ توکي بہ رئاڙيان،
دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم.


(آلاپ)
اڪيلي ھِي دل سَوين ھِن سُور تُنھنجا
پرين پَل پَل پَوَن ٿا، پُور تُنھنجا
توکي دل جا زخم ڏيکاريان
تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
دل ۾ آس اٿم، دل ۾ آس اٿم


(آلاپ)
رَکِي نہ ھا تو، نڀائڻ ڪونہ آيئي
روئاڙي پوءِ کلائڻ ڪونہ آيئي
توکي دل جا زخم ڏيکاريان
تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم


(آلاپ)
ڪوئي قاصر نواز جو داد تہ ڪَر تون
نہ مونکي ايترو برباد ڪر تون
توکي دل جا زخم ڏيکاريان
تنھنجي پٿر دل کي پگهاريان
دل ۾ آس اٿم، او ھڪڙي آس اٿم



ٻول: سيد قاصر نواز شاھ
آواز : الھداد زرداري

 
Back
Top