25 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏25 جنوري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    25جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي..،
    25 جنوري 1885ع تي سنڌي ٻوليءَ جو بھترين نثر نويس لال چند امر ڏنو جڳيتاڻي حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو.
    25 جنوري 1945ع تي سنڌ جو نالي وارو صحافي، شاعر، مترجم، محقق انور پيرزادو ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ تعلقي ڏوڪري ۾ اک کولي.
    25 جنوري 1948ع تي شاعر الطاف اثيم جنم ورتو.
    25 جنوري 1950ع تي پھريون ڀيرو پاڪستاني سِڪي جي ڊزائين تبديل ڪرڻ جو اعلان ٿيو.
    25 جنوري 1953ع تي ڪينيڊين پيسفڪ لائن جو جھاز ايمريس آف ڪينيڊا باهه لڳڻ سبب تباهه ٿيو.
    25 جنوري 1959ع تي نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ نثر نويس اڪبر سومرو ولد عبدالڪريم سومرو ٽنڊي الهيار ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو.
    25 جنوري 1966ع تي سريلو راڳي الھه ڏنو ولد علي محمد خاصخيلي شھر ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ پيدا ٿيو.
    25 جنوري 1968ع تي ڍاڪا ۾ خونريزي فسادات کانپوءِ فوج طلب ڪئي وئي.
    25 جنوري 1972ع تي شارجه جي امير شيخ خالد محمد القاسمي کي قتل ڪيو ويو.
    25 جنوري 1996ع تي سياستدان حاجي غلام حسين ولد وڏيرو غلام عمر خان انڙ هن فاني جھان کي الوداع ڪيو.
    25 جنوري 2007ع تي شاعر، ليکڪ ۽ صحافي امير بخاري جو لاڏاڻو ٿيو.
    25 جنوري 2009ع تي ملڪ جي مشھور آرڪيالوجسٽ احمد حسن داني جو وڇوڙو ٿيو.
    25 جنوري 2012ع هدايتڪار، اي ڪيو پيرزادو جو لاڏاڻو ٿيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو