شيخ فرازي جي شعري مجموعي "غزل نه گم ٿيڻا" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شيخ فرازي جو شعري مجموعو "غزل نه گم ٿيڻا" جو سرسري جائزو....!

    فقير محمد سنڌي.

    مان پيار آهيان پڌرو منھنجو پيار سڃاڻپ آ،

    هوندو هر ڪنهن ماڻهو جو ڪردار سڃاڻپ آ.

    تو ڪنھن لاءِ راتاڪون ڇو ننڊ نه ڪئي آهي،

    هيءَ تنھنجي نيڻن جي گفتار سڃاڻپ آ.

    ( شيخ فرازي)

    زندگيءَ جا سمورا لمحا ان شخص تي مهربان ٿيندا آهن جن وٺ عشق جي لذت جو ادراڪ هوندو آهي. منزل جي صحيح چونڊ جو حوصلو سندن من ۾ هر ويل متل هوندو آهي. شيخ فرازي به سنڌ جو اهو ڪوي آهي جنھن جا تصور، خبردار ڪندڙ ۽ رٿابندي جي طرف تياري لاءِ سڌ ڏين ٿا.

    سمجهه رکن ٿا وڏڙن واري،

    اڄ جا ننڍڙا ٻار فرازي.


    سوڀ ٿئي هار ڏئي ٻانهن جا،

    آ اچي سينگار منھنجي جيون کي.


    شاعراڻو مڪان آهيان مان،

    ٿي ويو ڏاڍو ذيان آهيان مان.

    زماني جي تڪليف سان شيخ فرازي لاڳاپيل هوندي به روز جي معمول ۾ گلن جي چادر اوڙي هلڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. اهڙا ئي فرد هن دنيا ۾ ثابت قدم رهندا آهن. مايوسي انھن جي وار کي ونگو به ناهي ڪري سگهندي آهي.

    منھنجو وڙ آهي مهڪ ڏيڻ سڀ کي،

    ها مان گلن جو جهان آهيان مان.


    هو جيڪو چنڊ آ مٿي سهڻي،

    تو جهڙو سو آهي ڪٿي سهڻي.


    زندگيءَ جا رنگ لٽبا ٿا وڃن،

    دوستيءَ جا رنگ لٽبا ٿا وڃن.

    هر جڳھ دانھون فرازي پئي ڪيون،

    چاهتن جا چنگ لٽبا ٿا وڃن.

    شيخ فرازي جي من ۾ لفظ جٿن جي صورت ۾ موجود آهن، ڪاميابي ۽ ناڪامي جي سڃاڻپ شاعر جي اک ۽ دل حقيقت کي تسليم ڪرڻ ڄاڻڻ ٿيون. ڊگهي نظر جي مهارت شاعرن جي خمير ۾ شامل آهي. تنھن لاءِ ته شاعر لفظن کي همت هيٺين ريت بخشي ٿو.

    ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري،

    منھنجو ٿو وار وار پرين کي دعا ڪري.

    تون ٿي چوين اڃان ڀي توسان نه پيار آ،

    هر چيز مون وساري تنھنجي ادا ڪري.


    روز آهي ڊاھ ۾ هيءَ زندگي،

    عشق واري آھ ۾ هيءَ زندگي.

    مان ڪيان ڪوشش پيو ڪو چين ٿي،

    ڄڻ ڪنڊو آ ساھ ۾ هيءَ زندگي.

    بينجمن ڊسريليءَ چواڻي ته : "شڪايت نه ڪريو، وضاحت ڪريو، فضول ۽بي مقصد ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ کان بهتر آهي ته عمل ڪريو." شيخ فرازي جي نگاهن جي آمدني ۽ دل جي رٿا بندي تي گهري نظر آهي.

    فقيري وڳي ۾ نگاهون حوس جون،

    ڏسي ڪا پئي ٿي سزائون حوس جون.

    ائين خير هن جو آ مونکي لڳو،

    ڪنھن کي هو ڏئي ٿو سخائون حوس.

    پنھنجي پاران صاحب ڪتاب لکي ٿو ته : "مون دولت شهرت يا اديباڻي ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ بذريعا شاعر يا اديباڻي ميدان ۾ اچڻ کي ڪونه اپنايو آهي. مون پنھنجي رچنائي سفر وسيلي پنھنجي ڌرتيءَ جي هيڻن حالن، پنھنجي سانگين ۽ پنھنجي جهانگيئڙن جي پوئواري ڪرڻ چاهي اٿم ۽ انھن جي چهرن جي اصلي رونق ورائڻ جي ويڙهه جاري ڪئي آهي، جيستائين ساھ آهي اها جنگ جاري رهندي ۽ مونکي پورو پورو ويساھ آهي ته منھنجي حاضر توڙي غير حاضري ۾ به سندم ۽ منھنجي رچنائون منھنجي مشن کي جاري ساري رکنديون اينديون. ".

    حقيقت پسندي هر دور کي فائدو ڏئي ٿي، پر ان حقيقت کي اجاگر ڪرڻ زندھ دل انسانن جو ورثو آهي. جيئن شيخ فرازي جي پيار ڀري غزل جا ڪجهه بيت :

    پيار محبت واري خوشبوءِ،

    ٿيندي ناهي ڪاري خوشبوءِ.

    واس وٺندڙ ڀونئر چيو پئي،

    هر ڪنھن گل ۾ پنھنجي خوشبوءِ.

    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري شاعر فراخ جانوري لکيو آهي :" شيخ فرازي پنھنجي ماحول، پنھنجي سماج، پنھنجي ديس کان ڪڏهن به غافل ناهي رهيو، هن پنھنجي لکڻين ۾ پيار ۽ محبت تي ته لکيو ئي لکيو آهي، جيڪو شاعريءَ جو بنيادي موضوع به رهيو آهي پر هن پنھنجي ديس جي ڌرتيءَ جي ڏکن سکن به هميشه ياد رکيو آهي."

    سچائي جي سڌ شيخ فرازي جي خمير ۾ شامل آهي، جيڪا ڪتاب " غزل نه گم ٿيڻا " ۾ آساني سان پرکي سگهجي ٿي. آخر ۾ شيخ فرازي لاءِ لطيف سائين جو هي بيت ته :

    سهسين سائر گجن، توءِ سهج نه مٽي سهڻي،

    ته ڪي نينهن ڇڄن، پرتهين پرين جي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو