• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منظور سخيراڻي ڌيري ڌيري جهولن يادون (عبدالغفار تبسم _ منظور سخيراڻي)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڌِيري ڌِيري جهُولين يادون
جيئن جيئن جهُولِي واءُ اُتر جِي
او سانولڙا! ھيل ھلِي آءُ
پَل پَل پَڄري رات ھِجر جِي

ھِي نِمَ ڇانئُون ھُو انبَ جهُولا
سج تڙڪن جا ساڳيا پاڇولا
تون ئي رڳو ھڪ بدليو آھين
باقي تہ ھر شئي ساڳي آ گهَر جِي

جِيوَن سارو سُڃ ۽ صحرا
رُڃ وَستين ۾ ڪنھن جا بَسيرا،
گهايل اکڙيون وِسميل چھرا،
جن کي لَٽيو وئي گَردِ سَفَر جِي

وَڻجاري ڪَيا قول وَرَڻ جا
ساريان تَبَسُم سانگ اچڻ جا
ڪو پرڏيھِي ايندُم پيھِي
روزُ ٻُھاريان خاڪ بندر جِي​

ٻول : عبدالغفار تبسم
آواز: منظور سخيراڻي
 
Back
Top