منظور سخيراڻي ڌيري ڌيري جهولن يادون (عبدالغفار تبسم _ منظور سخيراڻي)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2022۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,956
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڌِيري ڌِيري جهُولين يادون
    جيئن جيئن جهُولِي واءُ اُتر جِي
    او سانولڙا! ھيل ھلِي آءُ
    پَل پَل پَڄري رات ھِجر جِي

    ھِي نِمَ ڇانئُون ھُو انبَ جهُولا
    سج تڙڪن جا ساڳيا پاڇولا
    تون ئي رڳو ھڪ بدليو آھين
    باقي تہ ھر شئي ساڳي آ گهَر جِي

    جِيوَن سارو سُڃ ۽ صحرا
    رُڃ وَستين ۾ ڪنھن جا بَسيرا،
    گهايل اکڙيون وِسميل چھرا،
    جن کي لَٽيو وئي گَردِ سَفَر جِي

    وَڻجاري ڪَيا قول وَرَڻ جا
    ساريان تَبَسُم سانگ اچڻ جا
    ڪو پرڏيھِي ايندُم پيھِي
    روزُ ٻُھاريان خاڪ بندر جِي​

    ٻول : عبدالغفار تبسم
    آواز: منظور سخيراڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو