ڪتاب "بھار البحار" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    239
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب "بَھارُ البِحَار" جو سرسري جائزو....!

    فقير محمد سنڌي.

    وِک وتري کڻو، ٿي اچي ٿي اچي،

    هُو جهڙالي هوا، هُو گلابي گلي.

    علم آگاهي سان گڏ شعور به ڏئي ٿو، انھيءَ شعور وسيلي انسان پنهنجي سماج ۾ تبديلي جو گهرجائو ٿو ٿئي. جنھن جي ڪري ماحول کي ترتيب ۾ ڏسڻ ٿو چاهي. اهڙو ئي ترتيب سان زندگي گذاريندڙ سائين جي ايم رئيساڻي به آهي جنھن زندگي ۽ فن کي نوان موڙ آڇيا آهن، جيئن ايندڙ نسلن پنهنجي زندگي فن ۽ فڪر سان سگهاري نموني سان گذاري سگهي.

    اياز جون سٽون ٿيون ياد اچن ته :

    آئي تنھنجي سار ته سپرين،

    سوريءَ کي آسان ڪري وئي.

    ان خيال ۾ ظاهري طور ذهني، فڪري سوچ جو عمل دخل شامل آهي. جنھن جي ڪري جهان جا منظر آساني سان پيش ڪري سگهي ٿو.

    ڪتاب جو نالو ۽ان جو مفھوم، "بھار" زبر سان معني روشني، رونق ۽ زيبائي يعني سونھن آهي. فارسيءَ ۾ "قيمت" بھار زبر سان معني اول فصل ربيع آهي. بھار زبر سان ڦٽڻ، روئيندن - ساھ کڻڻ، دميدن - جوش ۾ اچڻ، جوشيدن - هارجڻ، ريختن ڇنڊڻ، افشان اچڻ، آمدن - پهچڻ، رسيدن ۽ شگفت لاءِ مستعمل آهي. "بحار" زير سان، دريا، بحر جو جمع بِحار آهي.

    شاعري زندگيءَ جي تند تنوار جو سڏ پسائي ٿي، رڳو ان ۾ فني ترتيب سان فڪري روايت شامل هجي. جنھن جي ڪري سائين جي ايم رئيساڻي فن کي سمجهائڻ لاءِ بھار البحار جو انتخاب ڪيو آهي، جيئن شاعريءَ جي سفر ۾ هر ڪويتڪار آساني سان پنڌ ڪري، پنھنجي جذبن جي اپٽار ڪري سگهي. جيئن هيٺين فني سمجهاڻي ڏسو :-

    افاعيل يا ارڪان ۾ تبديليون.

    افاعيل بمعني هڪ شعر جو وزن

    ارڪان رڪن جو جمع.

    "رڪنن جي فروع شاخن جو بيان "

    فعولن جا 8 فروع آهن. فعولن = سالم

    *فَعُولُ=لام تي پيش مقبوض،

    *فِعلُن =عين ساڪن اثلم،

    *فَعُول =لام ساڪن مقصور،

    *فعَل =عين تي زبر محذوف,

    *فعولان =مسبع ،

    *فعل =ساڪن اثرم،

    *فع =حذف ۽ قطع ابتر،

    *فعلان = عين ساڪن اثلم مسبع.

    شاعر دنيا جي اندر لفظن جو بادشاھ ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن فن، فڪر ۽ استادن جي رهنمائي اصولن جي پابندي ڪري ٿو. سائين جي ايم رئيساڻي به ڏات کي ڏهوڻو بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن.

    شاعريءَ جي فن جي ڳالھ هجي ۽ شاعريءَ جو انتخاب نه هجي اهو ٿي نٿو سگهي.

    ٽاريءَ تي گل، گل تي شبنم، شبنم تي چانڊوڪي،

    ياد ڪندس پيو عمر سموري رات اها ڪالھوڪي.

    اهڙي رواني سان سائين جي ايم رئيساڻي فن جي تازگيءَ جو احساس به مختصر نموني سان سمجهائي ٿو وڃي.

    رڪنن جي ورڇ

    شعر( بيت )يا بند جي مصرع اول جي پهرين رڪن کي "صدر " ٻئين رڪن کي "حشو" ٽئين رڪن کي "حشو" ۽ چوٿين رڪن کي "عروض" چئبو آهي.

    شعر( بيت) يا بند جي مصرع ثاني جي پهرين رڪن کي ابتدا ٻئين رڪن کي حشو، ٽئين رڪن کي حشو ۽ چوٿين رڪن کي ضرب عجز چئبو آهي.

    مثال طور:

    مصرع اولي': فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن

    صدر، حشو، حشو، عروض.

    مصرع ثاني :فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن.

    ابتدا، حشو، حشو، ضرب، عجز.

    منزل جي حاصلات لاءِ معمولي ڪوشش جا به بامقصد نتيجا حاصل ٿيندا آهن، اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي ڪاريگري ۾ ڪيترا ئي استاد شاعر آهن جن جو ڪمال با ڪمال آهي. جيئن رباب ساز استعمال ڪندڙ جي آڳرين کي رقص ڪرائيندو آهي، ائين ئي سائين جي ايم رئيساڻي به بامقصد فن کي شعر گوئي لاءِ آسان بڻائڻ لاءِ قدم کنيا آهن.

    اصلي ۽ فروعي جزن جو ٺهڻ.

    فعولن وتد مجموع +سبب خفیف

    فعو + لن =فعولن

    سبب خفیف +وتد مجموع

    لُن + فعو =فاعلن.

    مفاعيلن =وتد مجموع +سبب خفیف +سبب خفیف

    مفا +عي +لن =مفاعيلن.

    ڏات به هجي فن جو گهاڙيٽو به ميسر هجي۽ اهڙي فڪري سماج ۾ احسان مند استاد زندگيءَ ۾ ورلي ملندا آهن. اهي خوشنصيب قومون آهن جن وٺ فني ۽فڪري شخص جنم وٺن ٿا سائين جي ايم رئيساڻي کي جس هجي، جنھن شعر ۽ شعور کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

    ڪتاب جي ترتيب ۾ براهوئي محمد عبدالله اعظم رئيساڻي به پنھنجو محنتي ۽ ذهني پوريو به پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو آهي. اميد ته عبدالله اعظم به هڪ ڏينھن ادب جي افق تي پنھنجو نالو روشن ڪندو.

    اذاله : وتد مجموع جي ٻي اکر کان پوءِ( الف ) وڌائڻ کي اذاله چئبو آهي جيڪڏهن وتد مجموع آخري رڪن ۾ هجي ته ان جي آخري ساڪن حرف جي اڳيان( الف ) کي وڌائڻ.

    جيئن : متفاعلن جي آخري حرف( ن) جي اڳيان( الف ) وڌائبو ته متفاعلان ٿيندو. اهڙيءَ طرح فاعلن جي آخري حرف( ن) جي اڳيان الف وڌائبو ته فاعلن مان فاعلان ٿيندو. اهڙي نموني مستفعلن جي آخري حرف( ن) جي اڳيان الف وڌائبو ته مستفعلن مان مستفعلان ٿيندو.

    شاعريءَ جي تاريخ ۾ عربن، ايرانين ۽ برصغير جي استاد شاعرن ۽ عالمن فن تي خاطر خواهه ڌيان ڏنو آهي ۽ وقتن به وقت فني گهاڙيٽن سان نواڻ جي زمين ۽ زمري ۾ تجربا ڪري پاڻ موکيو آهي. سائين جي ايم رئيساڻي جي هن ڪتاب ۾ گهڻو ڌيان عربي ٻوليءَ، لسانيات ۽ علم صرف ڏي آهي. ڌيان طلبي سان لاڳاپيل فن سمجهي سگهجي ٿو.فني، فڪري ۽ لسانياتي مورچا ٻولين کي صدين تائين جيئندان بخشين ٿا ، زندھ دل انسانن مقصد کي آڏو رکي منزل جو تعين ڪندا آهن. تنھن کان پوءِ تبديلي سماجي سوچ کي ويساهه رکندڙ حوصلا آڇيندي آهي. لطيف سرڪار جي سماجي مُوڙي به اهڙي نموني جي آهي.

    سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال،

    سوين وهن سير ۾، ماڻڪ موتي لال،

    جي ماسو ملئي مال، ته پوڄارا پر ٿئين.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو