• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعري

شيخ نديم

فعال رڪن
غزل شيخ نديم
ڌوڙ آڪڙ ڌڙو مٽيءَ جو آ
بُت تنھنجو ڇڙو مٽيءَ جو آ

ڪيئن گهمندا اسان ڏي ڏک ايندا
پنهنجي هٿ ۾ کڙو مٽيءَ جو آ

آ اميريءَ کي نانُ ۽ بُصري
مفلسيءَ وٽ وڙو مٽيءَ جو آ

اڳ سمورو مٽي هُيو بچپن
هَٿِ نه هاڻي ڳڙو مٽيءَ جو آ

ڪيئن ميھار کي ڏَسي سهڻي
بي وفا هُو گهڙو مٽيءَ جو آ

خواب ۾ ڪا پري نديم آهي
ديد سامهون دڙو مٽيءَ جو آ
 
Back
Top