ڪتاب" چشمين ڏٺو چين کي" جو سرسري جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    238
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڪتاب " چشمين ڏٺو چين کي" جو سرسري جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    جيڪي ڏڏن ڏي، ڳجهائين ڳجهه ۾،
    سو جي سڻن ڪنن سين، ڪرت وارا ڪي،
    ساز سمورا سي، ھوند پٿون ڪن پلڪ ۾. ( شاھ لطيف )
    جدت، ذهني نياپو آهي، روايتن کي پنھنجي محور تي اچي بيھاري ٿي.ان جدت کي دنيا جي اندر مختلف ذهن استعمال ڪن ٿا. ان ۾ ننڍ وڏائي جو ڪو عمل دخل ڪونھي، بس ڳالھ آھي صلاحيت جي، اهڙي صلاحيت ڪتاب "چشمين ڏٺو چين کي" ۾ سگهڙ محمد لقمان کوکر سفرنامي کي نثر جي بجاءِ نظم ۾ پيش ڪري جدت ڀريو ڪم ڪيو آهي. دلفريب منظرن کي نظم ۾ هڪ سگهڙ ۽ شاعر ئي پيش ڪري سگهي ٿو. محمد لقمان کوکر ڪتاب۾ نظم جي شروعات توحيد سان ڪئي آهي.
    اول تعريف ﷲ جي، جو آ صاحب رب سبحان،
    خاوند آهي خاص طرح، جوڙيو هي جهان،
    خالق جي خزاني ۾ ڪا، ڪمي آهي ڪان،
    پرور ڏئي نه پچاري، آ مالڪ مهربان،
    باريءَ بخشيو اسان کي، سک جو هر سامان،
    لاهي سگهندو لطف ڇا!؟ عاجز هي انسان،
    مڪئين محمد مير کي، جو آننگي نگهبان،
    لاٿو پنھنجي لطف سان، قادر ٿس قرآن،
    ڏاتر ڏنو ڏات جو، ڏهوڻو جو ڏان،
    تان ليکڪ ٿي "لقمان"، لکيو دورو چين جو.

    ڪتاب جو مھاڳ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ثقافت، سياحت ۽ نوادرات منظور احمد ڪناسرو لکي ٿو ته :" لقمان کوکر صاحب جو هي سفر نامو جنھن ۾ پل پل شاعراڻي انداز ۾، لفظن ۾ پوئي پيش ڪيو آهي. ان ڪري به شاندار آهي ته اهو سڀاڻي جي تاريخ آهي جيڪا اسان کي چيني مهمان نوازي، اتان جي شهري زندگي، اٿي ويٺي، آبهوا گرز هر اها ڳالهه جيڪا مونکان به لکڻ دوران رهجي وئي هوندي هن سفر نامي ۾ شامل آهي ۽ اها ئي هن سفر نامي جي خصوصيت آهي. سچ اهو آهي ته سينه به سينه ۽ نسل در نسل سفر ڪندڙ هي ادب اُهو آئينو آهي جنھن ۾ قومن کي پنھنجو حقيقي عڪس نظر ايندو آهي ".

    مالڪ سائين ڪنھن جو ڪو به لمحو ذيان نه ٿو ڪري، هر ڪنھن جي ڪرت ۽ عبادت کي اڳهائي ٿو. دنيا به ڳالهه جي شيدائي آهي ۽ ڳالھ به اهڙي جيڪا نظم جي پابندين۾ هجي.
    لمحي اُن لقمان چئي، گڙي ٿياسين گڏ،
    جڏهن ڏٺو جونجهار، آغا صاحب سڏ،
    ٽيهه جون ٽلي ٽهڪي، ڇڏي ماڳ اچو مَڏ،
    پهرين دعوت منھنجي کائو، تاڻيو پوءِ ٻِي تڏ،
    دعوت کائي آغا نور محمد جي، پوءِ لقمان کنئسين لَڏ
    روح وارن پرين جو ساٿ هجي۽ راحت به ملي، ان ميلي جو مزو ئي ڪجهه الڳ هوندو آهي. اهڙو روح روان آغا نور محمد پٺاڻ به آهي جنھن لقمان کوکر جي روح کي موهي وڌو. جيڪا ڳالهه نظمي سٽن ۾ مٿي پيش ٿيل آهي. آغا نور پٺاڻ سفر سان گڏ ڪتاب ۾ به پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن.
    آغا نور محمد پٺاڻ لکي ٿو ته :" هي پاڪستان جي اديبن جو اهڙو وفد هيو جنھن جا سڀ رڪن سرائڪي ۽ سنڌي پاڻ ۾ ڳالھائي رهيا هئا پر انھن سڀني ميمبرن ۾ محمد لقمان يگانو ۽ منفرد هيو جو اتي ٻيا فُل سُوٽ، ٽائي هڻي گهمڻ پيا ۽ انگريزي ۾ ڳالھائڻ پيا پر محمد لقمان نج سنڌي ٻولي، اجرڪ ۽ ٽوپي پائي گهمي پيو ۽ سنڌي کان سواءِ ٻي ٻولي نه ڳالھائي. ديوار چين تي سوين ماڻھو مرد، عورتون، جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هن جي ڀنڀي ڏاڙهي، ٽوپي ۽شهپر ڏسي ڦوٽو ۽ سيلفيون پئي ڪڍرايو، اهو منظر ڏسڻ وٺان هو. "
    هر ملڪ جي زمين جو پنھنجو واھ سوا آهي ۽ رهڻي ڪهڻي جو طور طريقو الڳ ٿلڳ آهي. محمد لقمان کوکر جي اک به گهڻو ڪجهه پرکيو ۽ پيش به ڪيو آهي.
    هُئس رنگ ڀريل انگ انگ ۾، جرڪيس پئي جسم،
    مايُون ته مڙئي مايُون، ڪيس قادر اعلي قسم،
    چيلهه هن جي چهبڪڙي، پير هٿ پشم،
    ٻڌڻ بخمل بوسڪي بالا، وار وڌ ريشم،
    اکيون اف اربيليءَ جون، اعلي عين اُتم،
    کڻي نيڻ خمار مان پئي، دادلي ڪڍي دم،

    لکن جا لقمان چئي، ڪيئين سر قلم.
    ناليوارو شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ محقق ڊاڪٽر احسان دانش لکي ٿو ته :" منھنجي معلومات مطابق سنڌ جي سگهڙن جي سٿ ۾ استاد لقمان کوکر شايد پهريون سگهڙ آهي جنھن هي منظوم سفر نامو لکيو آهي. 2016ع ۾ چين جي دوري بعد هن هي سفر نامو لکيو ۽ سموري ڪٿا کي شعرن جي لڙهين ۾ پويو. هن سفرنامي ۾ استاد محمد لقمان سفر سنبت ۽ پاسپورٽ ٺهرائڻ جي مرحلي کان وٺي واپسيءَ تائين سڄو احوال تفصيل سان بيان ڪيو آهي. "
    ڪتاب جي ارپنا" پنھنجو هي پوريو، محترم آغا نور محمد پٺاڻ صاحب کي ارپيان ٿو، جن مون سان هر حال ۾ ساٿ نڀايو. " هن ڪتاب جو مرتب به آغا نور محمد پٺاڻ آهي. اپريل 2021ع ۾بخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻو هن منظوم سفرنامي کي شايع ڪيو. پبلشر نوٽ ۾ فياض انور بخاري ڪجهه هن ريت لکيو آهي، لکي ٿو ته :" سگهڙن سدائين وقت جي نبض تي هٿ رکي سئو سيڪڙو سيتا رامي سچ لکيو آهي هُو ڪڏهن به ڏاڍ، ڏمر، جابر جي آڏو ڪونه جهڪيا آهن، هميشه سچ جا ساٿاري رهيا آهن."
    سنڌ جو ناليوارو شاعر، محقق ۽ ادب شناس احمد سلطان کوسو لکي ٿو ته :" زيرِ نظر ڪتاب سگهڙ محمد لقمان کوکر جو شايد اٺون ڪتاب آهي جيڪو "چشمين ڏٺو چين کي" جي نالي سان ڇپجي اوھان جي هٿن تائين پهتو آهي. نثر ۾ ڪنھن موضوع تي لکڻ شايد ايترو مشڪل ڪم نه آهي جيترو ڪنھن به موضوع تي نظم ۾ لکڻ ۽ ان موضوع جو اصل روح به موجود هجي اهو تمام مشڪل ۽ وقت طلب ڪم آهي."
    خوشي ۾ پيارن لاء لاڏا چئبا آهن، انھن لاڏن جو مقصد اهو هوندو آهي ته خوشي جي ماحول ۾ حقيقتون مهڪي پونديون آهن، حقيقتن جي اوسر ۾ تاريخ جو جنم ٿيندو آهي، جيئن محمد لقمان کوکر سفرنامي کي نظم ۾ سرجيو آهي.
    کوڙ مون جيان کوکر چئي، هئا پيارا پاسينجر،
    آغا نور محمد پٺاڻ صاحب، دل گهريو دلبر،
    منظور ڪناسرو مور ماڻهو، هو مان ڀريو معتبر،
    محمد پناھ پيار ڏنو، جنھن جي ڀيڻي ناهي ڀر،
    حفيظ صاحب هانءُ ٺاريندڙ، هو دوست دلاور،
    ساٿي سڀئي سريلا هئا، هڪٻئي کان ڪسر،
    لطف مون لقمان تي، خاص هئا کوکر!
    جن جون مون سان جهاز ۾، ڪچهريون هوُن هر هر،
    کل مذاقون کوڙ ساريون، ٿيو ڀوڳ ۾ وقت بسر،
    مڙئي مسافر وڃي ڀيڙا ٿياسي بيجنگ کي.
    سفر جي هر منظر جي دلڪشي هن ڪتاب ۾ موجود آهي، محمد لقمان جي ذهن ۾ هر منظر محبت جيئان سانڊيل آهي.
    پنھنجي ٽهي ۾ نظم جو ڀلوڙ شاعر ثناءُ عتيق چنجڻي لکي ٿو ته :" سنڌي ادب ۾ چين ملڪ بابت ڪيترائي ادبي اهڃاڻ ملن ٿا خاص ڪري ڀٽائيءَ واري عالمي دعا کان ويندي ڪھاڻين آکاڻين ۾ پڻ چين ملڪ جو ذڪر ملندو رهي ٿو. ميرن جي آخري ايامڪاري ۽ انگريز دور جي مشھور عوامي شاعر حاجي خانڻ چنجڻي سرائڪي ٻوليءَ ۾ جوڙيل مشھور قصي" سيف الملوڪ " ۾ پڻ چين ملڪ جو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي."
    دنيا جي اندر انسان ان ڪري به اشرف جو هن وٺ علم، هنر ۽ فن جي ڪماليت آهي. جيڪا جيڪا تصورن جي ڪهاڻين سير ڪري حقيقتن جو روپ اختيار ڪيو آهي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل شمس الدين ڪلھوڙو لکيو آهي، لکي ٿو ته :"استاد محمد لقمان کي علمي پورهئي سبب سماج ۾ گهڻي عزت ۽ پذيرائي ملي آهي. استاد محمد لقمان جي ڪتاب" چشمين ڏٺو چين کي " تي ٻه چار لفظ لکڻ تي مان پنھنجي لاءِ فخر محسوس ٿو ڪيان."
    آخر ۾ سگهڙ محمد لقمان کوکر ۽ ڪتاب جي مرتب، آغا نور محمد پٺاڻ لاءِ لطيف سرڪار جو بيت ته :
    ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪَڻس ڳڙکيون،
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو