منظور سخيراڻي دل ۾ اڄ رات تنھنجي ياد وري آ شايد

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
دل ۾ اڄ رات تُنھنجي ياد ورِي آ شايد!
اُونداھيءَ رات ۾ ڪا چِڻگ ٻَرِي آ شايد.

رِيءَ بَرسات سَڄِي رات پُسيو آ دامَن،
دِل کي اکين مان ڳُجهو دَر يا دَرِي آ شايد.

تُنھنجي وعدَن جي اڃا اعتبار تي آھي
دِل مُنھنجي ناھِ ڪا! پَٿرن جِي ڀَرِي آ شايد.

ڪير اِيندو ڇو ھِتي! ڪير سڏِيندو مونکي!؟
دل چرِي آھي، خالي گهر کان ڊِڳِي آ شايد.

تُون پنھنجي شوق سان، ھا شوق سان ڪَر ظلم و ستم،
ڪا تبسُم ۾ اڃا ساھَ ذَرِي آ شايد.

ٻول: عبدالغفار تبسم
آواز: منظور سخيراڻي
 
Back
Top