سنڌوءَ جي ڊالفن جي سيٽيلائٽ ٽيگنگ: ياسرقاضي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2022۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    سنڌوءَ جي ڊالفن جي سيٽيلائٽ ٽيگنگ

    ــ ياسرقاضي

    ڏکڻ امريڪا ۽ ايشيا جي ڪجھه علائقن ۾ تازي پاڻيءَ ۾ ترڻ وارو هڪ انوکو ۽ سهڻو جاندار، هميشه کان سڄيءَ دنيا جي توجّه جو مرڪز رهيو آهي، جيڪو مڇي ته ناهي، پر صاف پاڻين جو شان آهي. جنهنکي اسين سڀ ’ڊالفن‘ جي نالي سان سڃاڻُون ٿا. ڊالفن کي، زمين جي قديم ترين مخلوقن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. ڪجھه حياتياتي ماهرن جي خيال ۾ ڊالفن جو ڳاڻيٽو شارڪ ۽ سامونڊي ڪڇُونءَ جي ڪٽنب ۾ ٿئي ٿو. ڊالفن عام طور تي سمنڊن ۾ ملندڙ مئمل (کير ڏيندڙ جانور) آهي، پر سنڌو نديءَ سميت، دنيا جي ڪجھه وڏن دريائن جي پڻ سونهن، بلڪه انهن جي سڃاڻپ آهي. ’ڊالفنز‘ ۽ ’پورپوز‘ دراصل ٻن کنڊن جي ڪئين وڏن دريائن ۾ ملن ٿيون. جن پاڻين۾ اسانجو ’شينهن درياءُ‘ به شامل آهي.
    دريائي ڊالفن جن پاڻين ۾ رهي ٿي، اها ان درياءَ جِي صحت ۽ ان جي پاڻيءَ جي تازگيءَ جي نشاندهي پڻ ڪري ٿي. يعني اها ڳالهه طئي آهي ته دنيا جي ڪابه ڊالفن ڪڏهن به گدلي پاڻيءَ ۾ زنده نه ٿي رهي سگھي. جيڪڏهن ڪنهن مٺي پاڻيءَ ۾ ڊالفن جي آبادي وڌي ويجھي پئي، ته اها ڳالهه ان مٺي پاڻيءَ جي نظام جي مجموعي حالت به وڌڻ ويجھڻ جي پُوري امڪان جي نشاني آهي. پر جي ڊالفن جي اها آبادي گھٽجي رهي آهي، ته ان کي مجموعي طور تي اُن خطّي جي ايڪو سسٽم لاءِ ڳاڙهي جھنڊِي ۽خطري جي گھنٽي سمجھيو ويندو. ۽ اها ان ڳالهه جي نشاندهي هوندي، ته ان درياءَ جو پاڻي رڳوڊالفنزلاءِ ئي نه، بلڪه پوري ماحول لاءِ هاڃيڪار بڻبو پيو وڃي.
    ’ورلڊ وائڊ فنڊ فار نيچر‘ (فطرت جي بچاءَ وارو عالمي فنڊ) يعني’ڊبليو ڊبليو ايف‘ اڄڪلهه ”رِوَر ڊالفن“ (دريائي ڊالفن) وارن ملڪن سان گڏ ڊالفن کي درپيش مختلف قسم ۽ سطح جي خطرن کي ٽارڻ لاءِڪم ڪري رهيو آهي، ته جيئنبائي ڪيچ ۽ انفراسٽرڪچر، ان جي رهائش جي ٿاڪن جي حفاظت سان گڏوگڏ، سائنسي تحقيق جي واڌاري لاءِ پاليسين ۽ طريقن کي تبديل ڪري سگھجي. سڄيءَ دنيا جي مختلف پاڻين ۾ ترندڙ ’دريائي ڊالفن‘ کي جيڪي چيلنجز درپيش آهن،’ڊبليو ڊبليو ايف‘ انهن جا ڊگھي مُدي وارا عملي حل ڳولڻ جي حوالي سان انتهائي اهم، شاندار ۽ تعميري ڪم انجام ڏيڻ۾رُڌل آهي.
    اسانجي سهڻي سنڌوءَ جي ڊالفن (جنهن جو سائنسي نالو ”پليٽينيسٽا گينگيٽيڪا مائنر“ آهي)، جنهنکي مڪاني طور تي ”ٻِلهڻ“ يا ”انڌي ٻِلهڻ“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي، گھڻن ئي حوالن سان باقي دنيا ۾ ملندڙ ڊالفن کان الاهي مختلف آهي.ان کي”انڌي ٻِلهڻ“ان ڪريچيو وڃي ٿو، جو سندس اکيون ايڏيون ننڍيون ٿين ٿيون، جو سائنسدانن ۽ حياتياتي ماهرن جو اهو خيال آهي ته اها عملي طور تي ڏسي نٿيسگھي ۽ پاڻيءَ اندرفقط روشنيءَ جي سطح ۽ ڏِسا کي محسوس ڪري سگھڻ جي صلاحيت ۽ حساسيت رکيٿي، جنهن سبب صحيح ڏسا ۾ چُري پُري سگھي ٿي.مهراڻ جِي اها ڊالفن، پاڪستان ۾ سنڌوءَ جي هيٺين ڀاڱي ۾، خاص ڪري لائڊ بيراج سکر جي دروازن کان ٿورومٿي وارن علائقن ۾ تري ٿي. ان سان ملندڙ جُلندڙ عادتن واري هڪ ٻي ننڍي ڊالفن (جنهنکي ’مهراڻ جي ٻلهڻ‘ جي ڀيڻ چئي سگھجي ٿو)، پنهنجي الڳ ٿلڳ آباديءَ ۾ ڀارت ۾ بياس نديءَ ۾ به ملي ٿي، جنهنکي ”سوسو“ سڏيو وڃي ٿو. ان ”سوسو“ ڊالفن جي منفرد خصلت اها آهي، ته اها معمول جي خلاف گدلي درياءَ واري پاڻيءَ تائين به هلي وڃي ٿي ۽ عام ابلاغ توڙي شڪار لاءِ ’اِيڪو لوڪيشن‘ تي ڀاڙي ٿي.
    1930ع واري ڏهاڪي جي مُنڍ کان، سنڌوءَ تي مختلف ڊيمن توڙي بيراجن جي اڏاوت، اسانجي ’انڊس ڊالفن‘ جي آباديءَ کي ننڍن گروهن ۾ ورهائي، ان جي رهائش گاهن ۽ ڪالونين کي بُريءَ طرح متاثر ڪيو، ۽ اهي اڏاوتون سندس لڏ پلاڻ ۾ رڪاوٽ وجھي، سنڌوءَ جي ٻلهڻ جي ابتدائي زوال جو باعث بڻيُون. هيءَ معصُوم ڊالفن ڪڏهن ڪڏهن اسانجي مڪاني مهاڻن جي ڄارن ۾ ڦاسي پوڻ سان گڏوگڏ آبپاشيءَ جي دڳن ۾ به اٽڪيو پوي ۽ اڪثر ماحولياتي گدلاڻ جي خطرن کي پڻ منهن ڏيندي رهي ٿي. ’ڊبليو ڊبليو ايف‘، هڪ ڳڻڻ جوڳَي مدي کان مهراڻ جي ٻلهڻ جِي هڪ قابلِ عمل آباديءَ جي بچاءَ ۽ ان جي ٺڪاڻن (دريائي ڪالونين ۽ پاڙن) جي حفاظت لاءِ لاڳيتو ڪم ڪندو رهيو آهي. جڏهن ڪا هيڪلي ڊالفن آبڪلاڻيءَ جي ننڍن واهن جي سوڙهن لنگھن ۾ ڦاسي ٿي، ته ’ڊبليو ڊبليو ايف‘ جا مڪاني رضاڪار، ان ڦاٿل ڊالفن جي بچاءَ جي مهم ۾ به حصّو وٺن ٿا. ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ هڪ ’رِوَر ڊالفن هاٽ لائن‘ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن تي تـرَ جا ماڻهو ڪنهن ڊالفن کي مصيبت ۾ ڏسي ڪال ڪن ٿا، ۽ سندس سرُ بچائين ٿا. انهن ڪوششن جي تسلسل ۾ ”عالمي/ ورلڊ وائڊ فنڊ برائي فطرت“ (ڊبليو ڊبليو ايف) ۽ ان جا تحقيقي ڀاڱيدار، هاڻي پهريون ڀيرو، سيٽلائٽ ٽيڪنالوجيءَ جو استعمال ڪندي، ايميزون ۾ دريائي ڊالفنز جي ڳولا ڪري رهيا آهن. جنهن تحت انهن ڊالفنز ۾ هڪ اهڙو ننڍڙو آلو لڳايو پيو وڃي، جيڪو انهن جي چُرپر، روّين توڙي کين درپيش خطرن بابت نئين ڄاڻ ڏيندو. جنهنکي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويهي مانيٽر ڪري سگھجي ٿو ۽ ان جي بدولت ڪنهن به مسئلي جي صُورت ۾ ان جي ممڪن حل لاءِ مڪاني سطح تي عملي ڪارروائيءَ کي ممڪن بڻائي سگھجي ٿو.
    سڄيءَ دنيا جيڊالفنز کي فطري توڙي غير فطري خطرن کان بچائڻ لاءِ سائنسدانن برازيل، ڪولمبيا ۽ بوليويا ۾ ’ايميزون‘ ۽ ’بوليوين رِوَر ڊالفنز‘ سميت 11 قسمن جي ڊالفنز جي جسم ۾ننڍن ٽرانسميٽرز کي ڪاميابيءَ سان هڻي، انهن جي ٽيگنگ ڪئي. انهن ٽيگز سان سيٽيلائيٽ جي مدد سان گڏ ڪيل معلومات رستي انهن ڊالفنز جي بچاءَ ۽ انهنجيگھرن جي حفاظت لاءِ بهتر منصوبه بندي ڪرڻ ۾ الاهي ساري مدد ملندي.
    اسان هن وقت تائين دريائي ڊالفن جي مشهور ۽ منفرد حيثيت باوجود، سندس آباديءَ توڙي رهائش بابت تمام گھٽ ڄاڻ رکون ٿا. هن سيٽيلائيٽ ٽيگنگ جي مدد سان حاصل ٿيندڙ ڊيٽا، اسانکي ان سان سلهاڙيل ٻي اهم معلومات سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو بهتر اڀياس ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏيندي، ته ٻلهڻ ڇا کائي ٿي ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ مٽائڻ جي لحاظ کان هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين منتقليءَ لاءِ ڪيترو پري تائين سفر ڪري سگھي ٿي يا ڪري ٿي.
    برازيل ۾ ان مهم جي سرواڻي ڪندڙ’ڊبليو ڊبليو ايف‘ جي تحفّظ جو ماهر، ’مارسيلو اوليويرا‘ ان حوالي سان چوي ٿو ته، ”ان سيٽيلائٽ ٽيگنگ جي ڪري باخبر رهڻ سان اسانکي ان مشهور اميزونيائي نسلن جي زندگين بابت اڳ کان الاهي وڌيڪ بهتر نموني سمجھڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا انهن جي توڙي پوري ماحولياتي نظام جي حفاظت لاءِ اسانجي نقطهء نظر کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. انهن ڊالفنز جو پتو کُرو لڳائڻ اسانجي ڪم لاءِ هڪ نئين دؤر جي شروعات آهي، ڇاڪاڻ ته اسان ان جي مدد سان آخرڪار هڪ اهڙو نقشو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھنداسين، جنهنجي مدد سان اسانکي پتو پئجي سگھندو، ته جڏهن اهي ڊالفنز اسانجي اکين کان اوجھل ٿين ٿيون، ته ڪيڏانهن وڃن ٿيون.“
    دريائي ڊالفنز کي محفوظ انداز ۾ جھٽ کن لاءِ پڪڙي انهن جي ٽيگنگ جو ڪم، هڪ سخت پروٽوڪول جي پيروي ڪندي انجام ڏنو ويندو آهي، جيڪو مڪمّل طور تي ان جانور جي ڀلائيءَ ۽ بهبود جي ترجيحن کي نظر ۾ رکي ترتيب ڏنو ويندو آهي. ان عمل جي دؤران ان ڳالهه جو خاص ڌيان رکيو ويندو آهي ته ڪابه ڊالفن ڪنهن به ريت ٿوري به زخمي نه ٿئي. تازو سکر بئراج جي ويجهو واري پاڻيءَ ۾ انڊس ڊالفن جي پڻ انهن ئي اصولن ۽ پروٽوڪولز تحت سيٽيلائٽ ٽيگنگ ڪئي وئي ۽ نتيجتاً ان عارضي پڪڙ بعد آزادي ماڻيندڙ ڪنهن به ٻلهڻ بُرو اثر يا تاثر ظاهر ڪونه ڪيو ۽ بنا ارهائيءَ جي اظهار جي واپس پنهنجي گھر ڀيڙيون ٿيون.
    ’ڊبليو ڊبليو ايف‘ جا سِکيا ماڻيل پيشه ور ڪارڪن هيٺ ڏسيل مرحلن رستي هڪ رِوَر ڊالفن کي محفوظ طريقي سان ٽيگ ڪندا آهن ۽ عين ان ئي طريقي سان لڳ ڀڳ مهينو کن اڳ ابتدائي طور ٽن عدد انڊس ڊالفنز جي به پهريون ڀيرو سيٽيلائٽ ٽيگنگ ڪئي وئي. ان مهم تحت سنڌوءَ جي باقي ٻلهڻن کي به جلد مرحلي وار ٽيگ ڪيو ويندو.

    پهريون مرحلو: مڪاني مهاڻا، انهن علائقن ۾ ڄار وڇائيندا آهن، جتي انهن ٻلهڻ جي چُرپر کي ڏٺو هوندو آهي. ان اهم ڪم لاءِ ٺاهيل خاص رڇَ تمام وڏا هوندا آهن ۽ درياءَجيپيٽ جي موڪر جي هڪ وڏي حصّي کي گھيرڻ لاءِ خاص طور ڊزائن ڪيا ويندا آهن.

    ٻيون مرحلو: وڌيڪ مهاڻا ٻين ننڍن ڄارن جي مدد سان پاڻيءَ ۾ گِھڙندا آهن ۽ هورڙيان، هوشياريءَ سان ڊالفن کي هڪ هڪ ڪري ڄار ۾ گِهليندا ويندا آهن.

    ٽيون مرحلو: اهي ڊالفن کي درياءَ جي ڪناري تي آڻيندا آهن، جتي سائنسدان هڪ عارضي ڪيمپ لڳايو ويٺا هوندا آهن.

    چوٿون مرحلو: آبي حيات جا ڊاڪٽر توڙيحياتياتي ماهر، ان ٻلهڻ جي جسم جي مختلف قسم جي چڪاس توڙيماپ ڪندا آهن ۽ ان جا گھربلَ نمونا (سيمپلز) وٺندا آهن.

    پنجون مرحلو: سائنسدان ان ’چِپ‘ جهڙي ٽيگ کي محفوظ نموني ڊالفن جي جسم تي ’ڊورسل فن‘ (سندس مٿئين کنڀَ / پنکَ) سان چنبڙائي/ اٽڪائي ان ڊالفن جو هڪ مخصوص ڪوڊ مقرر ڪندا آهن، جيڪو ان جو شناخت نمبر بڻجي ويندو آهي. اها سيٽيلائٽ ٽيگ لڳائڻ ننهن ڪٽڻ جهڙو ئي معمولي عمل هوندو آهي. جيئن جيئن ڊالفن جا کنڀَ وڌندا ويندا آهن، تيئن تيئن اها ٽيگ ڍلي ٿيندي ويندي آهي ۽ لڳ ڀڳ ڇهن مهينن ۾ ڪِري پوندي آهي. يعني ڪنهن به ٻلهڻ کي ڇهن مهينن پڄاڻان اها ٽيگ تبديل ڪرڻ جي ٻيهرضرورت پوندي آهي.اها ٽيگ،ڪنهنگاڏيءَ ۾ لڳل ٽريڪر جيان هوندي آهي، جيڪا نه رڳو ان ڳالهه جي آگاهي ڏيندي رهندي آهي، ته ان ڊالفن جي چُرپر جو دائرو ڪيستائين ڦهليلآهي، بلڪه اها ان جي جسم ۾ رُونما ٿيندڙ تبديلين، ان جي جسم جي گرمي پدَ، کيس لاحق ممڪنه بيمارين، کيس درپيش خطرن توڙي سندس بدلجندڙ طبعي ڪيفيتن کان به ڪنٽرول روم کي آگاهه رکندي آهي.

    ڇهون مرحلو: دريائي ڊالفن کي ان ٽيگنگ بعد جلد کان جلد واپس سندس گھر (پاڻيءَ) ۾ ڇڏيو ويندو آهي.

    ستون مرحلو: هي سيٽيلائٽ ٽيگ، ڏينهن ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ڪنٽرول رُوم کي ان ڊالفن جي چُرپُر ۽ سندس موجودگيءَ جي جاءِ بابت معلومات موڪليندي آهي.هڪ ٽيگ، ڇهن مهينن تائين معلومات منتقل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.ڪجھهٽيگز ان کان ڪجهه وڌيڪ عرصو به هلي وڃن ٿيون.

    ايميزون ريجن ڪوآرڊينيشن يونٽ جَي’ڊبليو ڊبليو ايف‘ جي ڊائريڪٽر جورڊي سورڪن چواڻيءَ، ”هاڻي عملي ڪم ڪرڻ جي مهل آهي. ٻلهڻ جي هيءَ آبادي اڃا به سگھارِي آهي ۽ ان جو گهر نسبتاً سٺيءَ حالت ۾ آهي. جيڪڏهن اسان هاڻي ئي خطرن سان منهن ڏئي وٺون، ته اسان سڀني لاءِ محفُوظ مستقبل کي يقيني بڻائي سگھون ٿا.“
    سنڌوءَ ۾’انڊس ڊالفن‘(انڌي ٻلهڻ) جي نسل ڪشيءَ جي حوالي سان خاص ڪري گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن کان جيڪا ڳڻتي، فطرت ڪشيءَ جي مترادف هڪ ڳوڙهو مسئلو بڻجي رهي ھئي، اها’ڊبليو ڊبليو ايف‘جي پاران کنيل ان انقلابي قدم کانپوءِ گھٽ ۾ گھٽ ان اطمينان ۽ آٿت ۾ تبديل ٿي رهي آهي، ته هاڻي هتي رهندڙ اسانجي انڊس ڊالفن جي ان ناياب نسل جي برادريءَ جي مالڪي ٿيندي ۽ کيس غير طبعي مؤت مرڻ ۽ ان جي نسل کي ختم ٿيڻ کان پڪ سان بچائي سگھبو ۽ هاڻي هن تـَرَ، توڙي سنڌُو درياءَ بادشاههسان پيار ڪرڻ وارن کي ڪافي حد تائين تسلي به آهي ته اسين ”ورلڊ وائيڊ فنڊ فار نيچر“ جي مدد سان ان ”سنڌُو ــ ٻلهڻ“ کي معدوم ٿيڻ کان بچائي وٺنداسين.

    djyasirqazi@yahoo.com
    (روزاني ”ڪاوش“ حيدرآباد ۾ ڇنڇر، 12 مارچ 2022ع تي ڇپيل)


    http://www.thekawish.com/beta/epaper-details.php?details=2022/March/12-03-2022/Page4/P4-3.jpg


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو