8مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ فقير محمد سنڌي. 8 مارچ 1884ع تي شاهه لطيف جي بيتن جو شارح هوتچند مولچند گربخشاڻي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 8 مارچ 1897ع تي افغانستان جو رهنما جمال الدين افغاني جو وڇوڙو ٿيو. 8 مارچ 1908ع تي قومي شاعر، بيباڪ صحافي محمود هالائي ولد حاجي محمد اسحاق ميمڻ نوان هالا ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. 8 مارچ 1921ع تي نامور فلمي نغمه نگار، ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينھن آهي. 8مارچ 1930ع تي گانڌي، هندستان ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي. 8 مارچ 1931ع تي پنجابي فلمن جي مشھور اداڪار يوسف خان جو جنم ڏينھن آهي. 8 مارچ 1942ع تي سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ قومي دانشور خاڪي جويو ڳوٺ ڪاٺيا تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادو ۾ ڄائو. 8مارچ 1942ع تي ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان، برما جي رنگون علائقي تي قبضو ڪري ورتو. 8 مارچ 1945ع تي هند سنڌ جو ناميارو اديب، ڪھاڻيڪار، اخبار نويس ۽ اداڪار ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ضلعي نوشھري فيروز جي شھر ڪنڊياري ۾ ڄائو. 8 مارچ 1957ع تي گانا اقوام متحده جو ميمبر بڻيو. 8 مارچ 1966ع تي شاعر ادل سولنگي ڳوٺ مھرابپور تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتو. 8 مارچ 1977ع تي مشھور افسانه نگار ڪرشن چندر جو وڇوڙو ٿيو. 8 مارچ 1977ع تي ڪراچي ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي نئين عمارت جو سنگِ بنياد رکيو ويو. 8مارچ 1977ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي،قومي اسيمبليءَ جي 200 سيٽن مان 155 سيٽون کٽيون. 8 مارچ 1979ع تي عورتن جو عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏيل قومن هڪ نوٽيس ورتو 20 ڊسمبر 1999ع تي جنرل اسيمبلي عورتن جي متڀيد جي پڌرنامي تي صحيون ڪيون. 8 مارچ 1982ع تي نوجوان شاعر ۽ ليکڪ ستار سندر اصل نالو عبدالستار مري ڳوٺ واحد بخش مري، نوابشاهه ۾ جنم ورتو. 8 مارچ 1983ع تي جڳ مشھور الغوزي نواز خميسو خان لاڏاڻو ڪيو