22 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    22مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    22 مارچ 1844ع تي مولانا تاج محمد امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه ڳوٺ ديواني لڳ ڳاڙهي موري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. مولانا تاج محمد امروٽي پاڻ برک عالم، فاضل، شاعر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ ٿي گذريو آهي.
    22 مارچ 1888ع تي فٽبال ليگ جو قيام عمل ۾ آيو.
    22 مارچ 1913ع تي قائداعظم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
    22 مارچ 1918ع تي شاعر ۽ ليکڪ اِندر ڀوڄواڻي اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند ڀوڄواڻي ڳوٺ ٻيلي تعلقي سجاول ضلعي ڪراچيءَ (هاڻي ٺٽي) ۾ ڄائو.
    22 مارچ 1945ع تي عرب ليگ قائم ٿي.
    22 مارچ 1946ع تي برطانيه، اردن کي آزادي ڏيڻ لاءِ معاهدي تي صحيح ڪئي.
    22 مارچ 1954ع تي سڄاڻ شاعر بلبل کور واهي اصل نالو خان محمد جت کورواهه ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.
    22مارچ 1956ع تي مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر، تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. هن جو ڏوهه اهو هو ته روزا پارڪ نالي هڪ مشهور ڪاري آمريڪن عورت جي نسل پرستي جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ مدد ڪئي.
    22 مارچ 1974ع تي پاڪستان جي مشھور دانشور، اديب پروفيسر حميد احمد خان جو وڇوڙو ٿيو.
    22 مارچ 1982ع تي مشھور شاعر احسان دانش جو وڇورو ٿيو.
    22 مارچ 1984ع تي معروف شاعر عبدالعزيز خالد، قرآن مجيد جو منظوم ترجمو ڪيو.
    22 مارچ 1999ع تي سنڌ موسيقيءَ جو روشن ستارو وحيد علي اسلام آباد ۾ وفات ڪئي. وحيد علي 1950ع ۾ ٽنڊي آدم شھر ۾ جنم ورتو.
    22 مارچ 2004ع تي فلسطيني اڳواڻ احمد ياسين، جو وڇوڙو ٿيو.
    22 مارچ 2005ع تي اداڪار رشيد خمار جو وڇوڙو ٿيو.
    22 مارچ 2008ع تي اسرائيل، تلڪرم جو ڪنٽرول فلسطين حوالي ڪيو.
    22مارچ 2009ع تي چيف جسٽس آف پاڪستان، افتخار محمد چوڌري ٻيهر عهدو سنڀاليو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو