24 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏27 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    24مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    24 مارچ 1603ع تي انگلستان جي ملڪه الزبيٿ اول جو وڇوڙو ٿيو.
    24 مارچ 1940ع تي قرارداد پاڪستان منظور ٿي.
    24مارچ 1944ع تي مذهبي اڳواڻ، اسڪالر، خطيب ۽ شاعر ضمير اختر نقوي، وڇوڙو ٿيو.
    24 مارچ 1946ع تي ڪيبنيٽ مشن دهليءَ پھتو.
    24 مارچ 1946ع تي ماهر لسانيات، محقق هدايت پريم روهڙي شھر ۾ جنم ورتو. اصل نالو هدايت الله آخوند هئس.
    24 مارچ 1948ع تي قائداعظم پنھنجي تقرير ۾ چيو ته اردو کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪابه ٻئي زبان سرڪاري نٿي ٿي سگهي.
    24 مارچ 1970ع تي ڊاڪٽر سيد عاشق علي جھانيان ڳوٺ قيصر خان شاهاڻي جي سيد هادي بخش شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. ادبي سڃاڻپ شاعر اٿس.
    24 مارچ 1976ع تي ارجنٽائن جي صدر جارج وڊيلا اقتدار سنڀاليو.
    24 مارچ 1978ع تي ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينھن آهي.
    24 مارچ 1979ع تي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي مھاراشٽر جي شھر ممبئي ۾ پيدا ٿيو.
    24 مارچ 1996ع تي شاعر ۽ نثر نويس بلال تبسم، اصل نالو محمد بلاول محمد اسلم ٽوٽاڻي جي گهر جنم ورتو.
    24مارچ 2008ع تي سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو.
    24 مارچ 2014ع تي سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر راشد مورائي جي وڇوڙي جو ڏينھن آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو