☺پائيپ لائن (عبيد ٿھيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏28 مارچ 2022۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,717
    ورتل پسنديدگيون:
    6,941
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    ڊولپر، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    پائِيپ لائن...

    ڪھاڻي : عبيد ٿھيم


    [​IMG]
    ”فائزہ کي ڪاليج جي پرنسيپال رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو آھي“ اِھا خبر پُوري ڪاليج ۾ جهنگ ۾ باھہ وانگر پکڙجي وئي ھُئي. گرلس ڪاليج جي سڀني ٽيچرز جون اکيون کُليل ۽ دل جي ڌڙڪن وڌي وئي ھُئي سڀني تي سڪتو طاري ٿي ويو ھو.جيڪي روز ھڪٻئي سان ٽيچرز ڪامن رُوم ۾ ميڪ اپ ۽ گهر جي مسئلن تي ڊسڪس ڪندي وقت گذارينديون ھيون اُنھن جي وات ۾تنھن ڏينھن ڄڻ مُڱ اچي ويا ھُئا.ھرڪنھن جي نِڙِي ڄڻ سنڌوءَ جي پُڇڙيءَ وانگر خشڪ ٿي وئي ھُئي. مِس ماريه جي فون وڳي ته ڄڻ ڪنھن بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇليو، سڀني پنھنجي خيال بحال ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ ھڪٻئي جي مُنھن ۾ تڪينديون رھيون.ماريه پنھنجي فون تي ايندڙ ڪال کي ڏِسي ’فورس سائلنٽ‘ وارو بٽڻ دٻائي ڇڏيو.فون تي سندس مڱيندي جِي ڪال ھُئي جنھن سان ھُن نه پئي ڳالهائڻ چاھيو.

    ”ڪال کڻين نہٿي! سوير کان وائبريشن پيو ھلي.“ مِس فيروزهکي ارِيٽيشن ٿِيڻ لڳي ۽ ھُن اِھو چئي پنھنجي موبائل پرس مان ڪڍي ۽ موڊ کي مَٽائڻ لاءِ سنيپچيٽ تي تصوير ڪڍي اسٽورِي پوسٽ ڪرڻ لڳي. ماريه، جنھن کي ھيستائين سندس مڱيندو اٺ ڏھ ڀيرا ڪال ڪري چُڪو ھو، هاڻي فون اٽينڊ ڪندي چيو:

    ”يار! سمجهندو ڪر، ميٽنگ ۾ آھيان“ ۽ بنا ڪُجهه ٻڌڻ جي ڪال ڪٽي ڇڏي.

    ”مارِيه! نوگوايريا ھاڻ ڇا ڪندي؟“ مِس مديحه آڱرين ۾ پيل فيروزي مُنڊِي کي ڦيريندي پُڇيو تهماريه موبائل تي ايندڙ ٻي ڪال کي نظرانداز ڪندي چيو: ”انھي کان ڪُجههڪانه ٿيندو، سڀڪُجهه پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو“

    مديحه جي مَن ۾ ھُرکُر ھُئي، ھُن کي بار بار فائزه ۾ پنھنجي ڌيءَ پِنڪِيءَ جو چھرو پئي نظر آيو، مَن ۾ ڀريل اڻکُٽ سوالن مان ھڪ سوال سندس زبان جا در کولي ٻاھر نڪري آيو: ”پر يار! آءِ ايم شاڪڊ، سمجهه ۾ نه ٿو اچيم ته،فائزه اھڙو ڪم ڪيئن ٿي ڪري سگهي!؟“

    فيروزه پنھنجي موبائل رکندي اکيون ڦوٽاريندي چيو: ”ريئلي! شي اِز ابائوٽ سيوَنٽين نائو. سترنھَن سالن جي ڇوڪري اِهو سڀڪجهه ڪيئن ٿي ڪري سگهي!؟ “

    ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪامن رُوم ۾ راڪاس گهُمي ويو، سياري جِي موسم ھُئڻ جي ڪري پنکا ۽ ايئر ڪنڊيشن اڳ ئي بند ھُئا ويتر جو آسپاس گاڏين جو شور گهٽ ٿيو ته ماحول ۾ ماٺار ڇانئجي وئي. لڳو ايئن پئي ته ڄڻ ڪامن رُوم جون ڀتيون به خاموشيءَ سان ڪَنُ ڏئي ٻُڌڻ پيون چاهن ته اِن سوال جو جواب پنجنئي ليڪچرارز مان ڪير ٿي ڏئي.

    ”ڇڏيو يار! پاڻ ۾ ويٺيون آھيون، ڀلا ائين ننڍي عُمر جي ڇوڪري بنا ڪنھن سپورٽ جي اھڙو قدم کڻي سگهي ٿِي؟“ ڪُنڊ ۾ آخرِي ڪُرسيءَ تي ويٺل مِس وَجِيھا جي ان سوال سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ کين ٻئي زوايي سان سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هڪ پل لاءِ وري موت جِھڙي ماٺ ڇائنجي وئي.

    ”ٿي سگهي ٿو، نوگوايريا اِنوالوِ ھُجي!؟“ مديحه کي پرنسيپل نه وڻندي آھي اِنڪري سڀني بندوقن ۽ توپن جو مُنھن اُن ڏانھن ڪرڻ سندس عادت آھي. ڪاليج ۾ جيڪڏھن ڪا ليڪچرار دير سان اچي ۽ اُن کي رعايت ملي تهمديحه اُن کي پرنسيپال جي من پسندن جي لسٽ ۾ شامل ڪندي آھي.پرنسيپل صاحبهٿوري اُصول پرست آھي هجڻ سان گڏ تمام گهڻي مفادپرست به آهي.

    ماريه جا حواس جائتا نه ڏسندي فيروزه کيس سنيپ-چيٽ تي ھڪڙي ’مِيم‘ موڪلي، ڏانھنسسواليه نگاھون ڪيون ۽ چپن تي مُسڪراھٽ آڻيندي شرارتي انداز ۾ چيائين: ”ميڊم! ڏِسو ڏِسو.“ سندس ان ڳالهه تي سڀني شرارت ڪرڻ شروع ڪئي.پر ماريه جي مُنھن تي ساڳي ئي ڪيفيت برقرار ھُئي. ھُن جي اکين آڏو بار بار فائزه جو ميسيج پئي گهُميو ۽ پرنسيپل جا جُملا سندس ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي پئي گونجيا: ”ماريه! اِها ڳالهه اِتي ئي ختم ٿيڻ گهرجي ۽ سموري معاملي کي رفع دفع ٿا ڪريون.“ ھُن جي مَن ۾ ھڪ ئي سوال پئي اُٿيو ته آخرڪار پرنسيپال ايڏي وڏي مسئلي کي ايترو لائيٽ ڪيئن ورتو! ايڏي وڏي ڳالهه کي بس رفع دفع ڪري ڇڏيائين.

    ڪاليج جي مُک دروازي تي لڳل گهنڊ هڪ ٿيڻ جو آواز ڏنو ته ڪامن رُوم جي بُتن ۾ حرڪت اچي وئي. سڀئي اُٿيون ۽ ھڪٻئي سان ڳراٺڙي پائي الله حافظ چئي نڪرڻ لڳيون، ماريهبهپرسڪُلهي ۾ ڪري پوتيءَ جا پلاند سِڌا ڪري پارڪنگ لاٽ ۾ بيٺل گاڏي ڏانھن وڌڻ لڳي. گهر واپسيءَ مھل سندس ذھن تي فائزه جو معصوم چھرو پئي ڦريو، جيڪا باربار اِھو چئي رھي ھُئي: ”مِس! مون دوست سان مذاق ڪئي هئي.“ وري مٿان سندس انڊرگارمينٽس واري پاڪيٽ مان درزن کن موبائل سِمون نڪرڻ سمجهه کان ٻاھر ھو.

    ان ڳالهه کي اڄ ٽيون ڏينھن ھو، اڇي رنگ جِي ڪورولا گاڏيءَ مان ھڪ خوبرُو نوجوان ۽ ساڻس چاليھن سالن جي عورت ۽ فائزه لٿا ۽ سڌو پرنسيپل جي آفيس ۾ ويا، ٿوري دير کان پوءِ ماريه کي پرنسيپل گهرايو.

    ماريه پرنسيپال آفيس ۾ گهڙندي ئي ’جِي مئم!‘ ڪندي، ويٺلن کي سلام ورايو، پرنسيپال ماريه جي سلام جو اڌورو جواب ڏنو ۽ چيو ”ماريه! هي فائزه جي ماءُ ۽ ڀاءُ آهي، تون کين ٻڌاءِ ته اُن ڏينھن تو ڇا ڏٺو؟“ ماريه جي چپن تي خشڪي اچي وئي، سياري ۾ به کيس شديد اُڃ محسوس ٿِي، وس پُڄيس ھا ته وڏي واڪي فائزه جي ڪرتوتن جي باري ۾ ويٺلن کي ٻڌائي ھا. پر صبر جو مظاھرو ڪندي تحمل سان سموري حقيقت بيان ڪرڻ شروع ڪيائين، ڳالهائيندي فائزه جي مُنھن ۾ به ڏسندي رهي، جنھنجي چھري تي ايڏو وڏو ھنگامو ڪرڻ کان پوءِ بهڪو شرمندگيءَ جو احساس نه ھو. ماريه جڏهن سمورو قصو ٻڌائي بس ڪئي ته پرنسيپال فائزه جي ماءُ ۽ ڀاءُ سان مخاطب ٿيندي چيو: ”ڏسو! اسان ٽي سي واپس وٺي نه ٿا سگهون، اوهان مس ماريه جي ڳالهه ٻُڌي ۽ سمجهي هوندي. “

    ”پر مئڊم! اِها ته سراسر ناانصافي آهي نه جو اوهين بنا ڪنهن انويسٽيگيشن جي ايئن ايڏو وڏو فيصلو پيا ٻڌايو.“ خُوبرو نوجوان جيڪو فائزه جو ڀاء ھو، تنھن ٿورو تڪڙو ٿيندي چيو. موٽ ۾ ماريہ پنھنجي ڪاوڙ کي ماٺو ڪندي ڌيرج سان چيو: ”ڀائي صاحب! گهٽ ۾ گهٽ هاڻي فائزه منهنجي ڪلاس ۾ نه ويھندي، ميڊم کيس ڪنھن ٻئي ڪلاس ۾ ويھاري ته ڀل ويھاري!“

    پرنسيپال ماريه کي واپس وڃڻ جو چيو، ھُوءَ آهستي آهستي پرنسيپل جي ڪمري مان نڪري ڪامن رُوم ۾ هلي وئي، جتي اڳ ۾ ئي سندس ٻيون سھيليون سندس انتظار ۾ ھيون

    ”معاملي جي جانچ جيڪڏھن پوليس ڪري ھا ته ڀلو ٿئي ھا!“ ماريه ڪامن روم ۾ داخل ٿيندي ئيچيو.

    ”ھا پر! توھان ڇا ٿا سمجهو معاملو نبرڻ ايترو آسان آھي؟“ فيرززه ماريه ۽ ٻين کي ڏسندي چيو.

    ”ڪُجهه به ٿئي! پر آئون ڪڏھن به پِنڪِي کي ڪڏھن به پاڻ کان ڌار نه ڪنديس“ مديحه روئڻھارڪي انداز ۾ چيو، ڄڻ فائزه پنڪيءَ جي باري ۾ ميسيج ڪيا ھُئا.

    ”تون سچ ٻڌاءِ ماريه! توکي ڇا ٿو لڳي؟“ مديحه جي سوال ماريه جِي ڄڻ زبان جا تاڪ کولي ڇڏيا، ھُن گهڻئي کوڙ ڳالهيون ڪيون جن مان ھڪ اھا به ھُئي: ”ممڪن آھي ته سمورو گهر ۽ خاندان اِن ڳالهه ۾ اِنوالوَ ھُجي! پر اڄ اندازو ٿيو ته نوگوايريا جو ھن معاملي ۾ ڪُجهه نه وڃي“

    ان ڳاهه تي سڀئي ڇرڪجي پيون، ڇو ته سڀني اِھو طئه ڪري ڇڏيو ھو، جيڪو مديحه سوچيو ھو، يعني پرنسيپل ئي اِن ڏوھه ۾ اڳواڻ آھي. معاملي کي جيڪڏھن پوليس تائين کڻي ٿي ويا ته سموري ڪاليج جي بدنامي ٿي ٿِي، ڪاليج ۾ پوءِ ڪير به پنھنجي نياڻين کي نه ڇڏي ھا، گهٽ ۾ گهٽ مِس وجيھا جو مُڙس ته ڪڏھن به نه ڇڏي ھا! ھُو اڳ ئي ڇوڪرين جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس آھي، ويتر جو اھا ڳالهه ٻُڌي ھا ته شايد وجيھا کي ٽرانسفر ڪرائڻ تي زور ڀري ھا.

    ”سورِي ٽُ سئي! پر مون کي لڳي ٿو ھاڻ اسان کي ڪُجهه ڪرڻو پوندو“ فيروزه ڀُڻڪي ته ماريه چيس: ”پوليس جي ڳالههته نه پئي ڪرين!؟“

    ”ھا يار! واءِ ناٽ...! اگر ائين ڇڏيوسين ته سڀاڻ اسان جي نياڻين سان به اھو مسئلو ٿي سگهي ٿو ۽ پوءِ .....“ ھُوءَ ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ وڌيڪ نه ڳالهائي سگهي، لفظ سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا ۽ ھڪ سُڏڪو سندس اکين ۾ آيل پاڻيءَ کي روڪي نه سگهيو.

    ”نه! بس ڌُوڙ وجهوس، گارڊن، ھونئن ئي ڪالهه کان سختي ڪري ڇڏي آھي، ليڊيز گارڊ به تلاشي کان سواءِ ڪنھن کي به اندر نه ڇڏينديون“ مديحه موبائل کڻندي چوڻ لڳي.

    ”ڪري به ڇا ٿا سگهون! پر ھاڻ پاڻ کي به الرٽ رھڻو پوندو يار، ڪاليج کان ٻاھر ڇوڪريون ڇا ٿيون ڪَن! اُن جا ذميوار اسان ناھيون، باقي ڪاليج ۾ اھڙيون حرڪتون اسان برداشت نه ٿيون ڪري سگهون“ ماريه اِھو چئي ڊسپينسر مان پاڻيءَ جو گلاس ڀرڻ لڳي، ڪامن رُوم جو دروازو کُليو ۽ گلاس سندس چپن تان لھي ويو، روم جي دروازي تي سميعه بيٺي ھُئي جيڪا سندن ڪاليج ۾ اسسٽنٽ آھي، اُن ايندي ئي چيو: ”مئڊم! وليد به اِن معاملي ۾ انوالو اٿؤ! اڄ مون ٻُڌو ته ھُو ڪال تي ڪنھن کي چوي پيو ته: ”ڪُڇ دِن صبر ڪرو معاملا گرم ھي، جيسي ھي ٺنڊا ھوتا ھي ھم لي آئينگي“. ان ڳالهه سڀني جا ڪَن کڙا ڪري ڇڏيا. ڪامن رُوم جي ڪُرسين تي پيل رَوا ۽ پوتيون کڻي سڀئي پرنسيپل جي آفيس ويون، جتان فائزه جا گهر وارا اُٿيا پئي، ماريه اچڻ شرط پرنسيپال سان مخاطب ٿيندي چيو: ”ٻُڌو مئم! مون کي پڪ آهي ته وليد به اِن معاملي ۾ فائزه سان ٻڌل آهي، ٿي سگهي ٿو ته فائزه کي اُن ئي هِرکايو ۽ برگلايوھُجي. ماريه جي ڳالهه سان پرنسيپال ۽ ٻين سڀني فائزه کي گهورڻ شروع ڪيو، هُن هڪي وکي ٿيندي نظرون چورائيندي وڏي چالاڪيءَ سان چيو: ”مون کي ڪا خبر نه آهي، اوهين وليد کان ئي پُڇو کيس سڀ خبر آهي.“

    ”تون پُڄ گهر ته چڱي طرح ٿي تنھنجون ٽنگون ڀڃرايان.“ ماڻھس فائزه کي چپاٽ هڻندي چيو. ڀاڻس جو پارو ويتر چڙهي ويو، فائزه کي ٻانھن مان ڇڪيندي تڪڙو پرنسيپال جي آفيس مان نڪري ويو، پرنسيپال آفيس ۾ جهٽ پل لاءِ ڄڻ راڪاس گُهمي ويو.

    ٿوري دير کانپوءِ پرنسيپال ڪمري مان نڪريپنھنجي خانگي ڪاليج جي گيٽ تي آئي، وڏي واڪي گارڊس کي چوڻ لڳي: ”اڄ ڪلهه هي ڪھڙو تماشو ڪاليج ۾ ٿي رهيو آهي؟ ٻيو اِهو وليد ڪٿي آهي؟“ سمورا گارڊ ڪنڌ هيٺ ڪري بيھي رهيا. هڪڙي گارڊ آهستگيءَ وچان پرنسيپال کي چيو: ”ميڊم! وليد ته هاڻي هاڻي اڪيلو گاڏيءَ ۾ پيٽرول ڀرائڻ لاءِ نڪري ويو آهي.“ پرنسيپال کي اڪيلو واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي، سو ڪاوڙ ۾ گارڊس کي چيائين: ”اڄ کان ڪا به گاڏي ڪاليج ٽائيم ۾ گيٽ کان ٻاهر نه نِڪرندي، نڪتي ته ذميوار توهان هوندئو.“ هوءَ تڪڙي تڪڙي پنھنجي آفيس ڏانھن هلڻ لڳي، گڏ هلندڙ آفيس اسٽنٽ سميعه کي چيائين: “اڄ ئي سڀني ڊرائيورن کي فائر ڪريو ۽ پرينٽس کي نوٽيس ڪڍو ته ڪاليج طرفان پِڪ اينڊ ڊرا وارو پيڪيج ختم ڪيو پيو وڃي پنھنجي نياڻين کي پاڻ ئي ڪاليج ڇڏي ۽ وٺي وڃن.“

    ماريه اُتي ئي پارڪ ۾ بيٺي فائزه جي موبائيل وارا اسڪرين شاٽ ڏسي رهي هئي ته هڪڙي سادي ڇوڪري سندس ويجهو آئي ۽ چيائين : ”ميڊم! ڪاليج ۾ اڄ ڇا ٿيو آهي؟ فائزه ٽيون ڏينھن حريم کي پئي چيو ته پاڻ وليد سان گاڏيءَ ۾ گُهمڻ هلنديون سين. اڄ وري سندس ماءُ ۽ ڀاءُ گاڏيءَ ۾ آيا پر حريم کي ته نه وٺي ويا.“ ماريه هڪ نظر ڇوڪريءَ کي ڏٺو وري نظر موبائيل اسڪرين ڏانهن ڪيائين جنھن تي فائزه جو اسڪرين شاٽ کُليل هو: ”في الحال تينلڙڪيان پائيپلائن ۾ ھين، آپ ڪو واٽس ايپ ڪرتي ھون، جو ڀي پسند آئي تو بتا دينا مين لي آئونگي.“ ماريه پنھنجي ڪاوڙ کي مُرڪ ۾ بدليندي ڇوڪريءَ کي چيو : ”ڪجهه به نه ٿيو آهي، بس فائزه جي راز، اور سوري گهر جي پائيپ لائن ڦاٽي پئي آهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو