29 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    29مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

    فقير محمد سنڌي.

    29مارچ 1885ع تي آمريڪي رياست ائٽلانٽا ۾ ڊاڪٽر جان پيمبرٽن ڪوڪا ڪولا نالي هڪ نئون مشروب عوام لاءِ متعارف ڪرايو، جنهن جي دعويٰ ڪئي وئي ته اها دماغي ٽينڪ آهي.

    • 29 مارچ 1931ع تي گيتن ۽ ڪافين جو شاعر بلاول پرديسي هالا تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ خاڻوٺ ۾ جنم ورتو.
    • 29 مارچ 1939ع تي هفت زبان شاعر ۽ صوفي بزرگ هدايت علي نجفي تارڪ وفات ڪئي.
    • 29 مارچ 1911ع تي خير محمد “اوحدي” ولد محمد ابراهيم انصاري شڪارپور ۾ ڄائو ادبي سڃاڻپ مشهور اديب، شاعر، نقاد، صحافي ۽ تحريڪ آزاديءَ جو ڪارڪن ٿي گذريو آهي.

    29مارچ 1943ع تي برطانيا جي اڳوڻي وزير اعظم، جان ميجر، جو جنم ڏينهن آهي.

    29مارچ 1949ع تي ترڪي، اسرائيل کي تسليم ڪيو.

    29مارچ 1974ع تي آمريڪي خلائي جهاز ”ميريز 10“ مريخ جي ڌرتيءَ تي پهتو. اهو پهريون خلائي جهاز هو جيڪو مريخ تي پهتو هو.

    • 29 مارچ 1954ع تي سنڌي ٻاراڻي ادب جي ناليواري ليکڪ ۽ صحافي اسرار شاهه ٽنڊي ڄام ۾ پيدا ٿيو.
    • 29 مارچ 1992ع تي نالي واري شاعر لقمان حڪيم کوکر، ولد عبدالرحمان کوکر هن فاني جهان کي الوداع چيو.

    29مارچ 2004ع تي برطانيه ۽ آئرلينڊ عوامي هنڌن تي سگريٽ پيئڻ تي پابندي لڳائي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو