28 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2022۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    251
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    28مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟
    فقير محمد سنڌي.
    28 مارچ 1738ع تي برطانيه، اسپين جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
    28 مارچ 1845ع تي ميڪسيڪو، آمريڪا سان سفارتي تعلقات منقطع ڪيا.
    28 مارچ 1854ع تي ڪريمين جنگ، فرانس، روس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
    28 مارچ 1898ع تي مولانا محمد قاسم مشوري ولد حاجي محمد عثمان مشوري ڳوٺ مشوري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مولانا مشوري جو تعلق بگٽي بلوچن جي مشھور قبيلي مشوري سان آهي.
    28 مارچ 1919ع تي رولٽ ايڪٽ جي مذمت ڪري قائداعظم وائسراءِ کي خط لکيو.
    28 مارچ 1922ع تي شام ۾ انقلاب آيو.
    28 مارچ 1937ع تي نائيجيريا جي جنرل اولسي گن جو جنم ڏينھن آهي.
    28مارچ 1941ع تي برطانوي ناول نگار، ورجينيا وولف خودڪشي ڪئي.
    28 مارچ 1964ع تي سنڌي ٻولي جو شاعر نصير احمد سومرو ولد الله بخش سومرو هنگورجه شھر ۾ جنم ورتو.
    28 مارچ 1966ع تي ترڪي جي صدر جورت ثنائي پنھنجو عھدو سنڀاليو.
    28 مارچ 1968ع تي شاعر بشير احمد جگر خون جو جنم ڏينھن آهي.
    28 مارچ 1969ع تي آمريڪي صدر آئزن هاور جو وڇوڙو ٿيو.
    28 مارچ 1975ع تي بالي ووڊ، اداڪار اڪشي کنا جو جنم ڏينھن آهي.
    28 مارچ 1985ع تي ملهه پھلوان شير ميربحر انتقال ڪيو. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ پھلوان شير ميربحر تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ آهي.
    28 مارچ 1986ع تي ناليواري ريسلر مصطفيٰ علي، جنم ورتو.
    28 مارچ 1990ع تي پاڪستان جي وڏي ديني شخصيت، عالم، مفتي، دين اسلام جو خادم مولانا محمد قاسم مشوري هن فاني جھان کي الوداع ڪيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو