31 مارچ ڇا ڏنو ڇا ورتو ؟ فقير محمد سنڌي. . 31مارچ 1889ع تي پيرس ۾ ايفل ٽاور جو افتتاح ٿيو. . 31 مارچ 1933ع تي هٽلر ،جرمنيءَ تي قبضو ڪيو. . 31 مارچ 1939ع تي صحافي، محمد يوسف بروهي، قنبر علي خان ۾ جنم ورتو. . 31مارچ 1943ع تي آمريڪي اداڪار ڪرسٽوفر ڪالڪن، جنم ورتو. . 31 مارچ 1968ع تي نامياري صحافي مولانا عبدالڪريم چشتي جو وڇوڙو ٿيو. . 31 مارچ 1972ع تي بالي ووڊ جي مشھور اداڪاره مينا ڪماري جو وڇوڙو ٿيو. • 31 مارچ 1973ع تي قومي آزادي کي سائين جي ايم سيد باقاعدي هڪ نظريي ۽ پروگرام جي صورت ۾ پيش ڪيو. جنهن جا نظرياتي اصول هئا، قومپرستي، سوشلزم، سيڪيولرزم ۽ جهموريت شامل رکيا. . 31 مارچ 1983ع تي ڪولمبيا ۾ زلزلي سبب پنج هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. • 31 مارچ 1968ع تي قادرالڪلام شاعر ۽ ڪهاڻيڪار فيض محمد “فيض” حيدري وفات ڪئي. . 31مارچ 2010 ع تي ناليوارو ليکڪ، سيد قاسم محمود جو وڇوڙو ٿيو.