بلوغت کان پوء ڏند ڪري فٽن ڇو نٿا؟

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ شر نعيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2022۔

  1. شر نعيم

    شر نعيم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2022
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    بلوغت کان پوء ڏند ڪري ڦٽن ڇو نٿا؟

    جڏھن ٻار ڇھن يا ستن مھينن جو ٿئي ٿو تہ ڏند نڪرڻ شروع ڪن ٿا چئن سالن تائين کيرا ڏند Milk teeth ڄمي وڃن ٿا ۽ 4 يا 6 سالن کان پوء ڏند ڪرڻ شروع ڪن ٿا ۽ ٻيا ڏند (ٽانوي ڏند) Secondary teeth نڪرن ٿا جن کي پڪا ڏند Permanant teeth چئبو آھي.21 کان 32 سالن تائين ڏند مستقل ٿي وڃن ٿا. سراسري ڏند 32 ٿين ٿا ۔ 16 مٿين ڄاڙي ۾ ۽ 16 ھيٺين ڄاڙي ۾ ٿين ٿا. ڄاڙي جي پويان ھيٺ مٿي 4 ڏند ٿين ٿا جن کي ڏاپا ڏند Wisdom teeth چئبو آھي.
    ھڪ ننڍي ٻار جي مھارن جي ھيٺان ڏند ٺاھڻ وارا ڪچ گهرڙا Steam cell موجود ٿين ٿا . ماء جي رحم مان لڳ ڀڳ 6 کان 8 ھفتن درميان ھي ڪچ گهرڙا ورھائجن ٿا ۽ مھارن جي ھيٺان اڀار ٺاھين ٿا. پوء انهن ڪچ گهرڙن مان ٻن قسمن جا گهرڙا ٺھن ٿا ھڪ قسم جي گهرڙي کي دنتوٺا Odontoblasts اچن ٿا ھي گهرڙا دنتوڄا Dentin ٺاھن ٿا جيڪي ڏند جي اندر وارو حصو ٿين ٿا جڏھن تہ ڏند جي مٿان گهرڙا ٿين ٿا جن کي دنتوڇا Ameloblasts چئجي ٿو ھي گهرڙا ڏندن جي مٿان سخت حصو ٺاھن ٿا جنھن کي اسان اڇڪاشي Enamel سڏيون ٿا. اھڙي طرح اڇڪاشي ھڪ ڪيميڪل آبوڪسيراڳو Hydroxyapatite يا Ca10(PO4)6(OH)2 جو ٺھيل ٿئي ٿو. اھڙي طرح دنتوڇا Ameloblasts ٺھندا رھن ٿا ۽ پراڻا دنتوڇا Ameloblasts ٽٽندا رھن ٿا ۽ اڇڪاشي ۾ ئي دفن ٿين ٿا. پوء جڏھن کيرا ڏند Milk teeth ٻاھر اچن ٿا تہ مھارن ھيٺان موجود ڪچ گهرڙا بہ سرگرم ٿين ٿا جنھن جي ڪري اھي ٻيھر ڏند ٺاھڻ شروع ڪن ٿا، ٻيو دفعو جڏھن مھارن جي ھيٺان ڏند ٺھن ٿا تہ ھي ڏند کيرن ڏندن جي پاڙن کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا جنھن جي ڪري کيرا ڏند ڪري پون ٿا ۽ انهن جي جڳھ تي نوان ڏند اچن ٿا.
    ٻيو دفعو ڏند ٺھڻ بعد اھي ڪچ گهرڙا جيڪي ڏند ٺاھي رھيا آھن اھي غير سرگرم ٿي وڃن ٿا ۽ پوء وري ڏند نٿا ٺھن.
    ڪجھ جانور جيئن شارڪ مڇي ۾ ڏندن جون قطارون ھڪ ٻئي جي پويان ٿين ٿيون جڏھن سامهون واري قطار ختم ٿي وڃي ٿي ان جي پويان ٻي قطار اسري اچي ٿي. جڏھن ننھن جي روٽ تي تي ۽ وارن تي موجود ڳڀير Follicle تي موجود گهرڙا ورھاست جو عمل جاري رکن ٿا جنھن جي ڪري ننھن ۽ وار عمر ڀر وڌندا رھن ٿا.

    سائنسي اصطلاح سازي اصغر ساگر:

    Milk teeth کيرا ڏند ۔ کيراٺا ڏند

    ثانوي ڏند ۔ ٻيا ڏند Secondary teerh

    Permanent teeth پڪا ڏند ۔ مستقل ڏند

    ڏاپا ڏند Wisdom teeth

    Steam cell ڪچ گهرڙا ۔ خام گهرڙا

    دنتوڄو ۔ ڏندوڄو ۔ ڏند وارو اوڄو Dentin

    Odontoblasts
    دنتوٺا ۔ ڏندوٺا ۔ دنتوٺا گهرڙا ۔ ڏندوٺا گهرڙا ۔ ڏند کيراٺا گهرڙا

    Ameloblasts
    دنتوڇا ۔ ڏندوڇا ۔ دنتوڇا گهرڙا ۔ ڏندوڇا گهرڙا ۔ ڏند اوڇا گهرڙا

    Hydroxyapatite آبوڪسيراڳو ۔ آبوڪسيڳارو

    ڳڀير Folicle
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو