مڇر چڪ ڇو ٿا ھڻن؟

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ شر نعيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2022۔

  1. شر نعيم

    شر نعيم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2022
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    مڇر چڪ ڇو ٿا ھڻن؟


    مڇر مختلف گاھن ۽ ٻوٽن ۽ گلن جو جو گلرس Nector خوراڪ طور استعمال ڪن ٿا پر پروٽين جسم مان حاصل ڪن ٿا. مڇرن کي پروٽين مطلوب ٿئي ٿو جيڪو انهن کي رت مان ملي ٿو. انسان جي رت ۾ اھا غذائيت آھي جيڪا مادي مڇر کي آنن جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿي، باقي انساني رت مڇر جي خوراڪ بلڪل ناھي. نر مڇر صرف گلرس Nector چوسين ٿا ۽ نر مڇرن ۾ جسمان رت ڪڍڻ جي قابليت نٿي رھي ۽ اھي پروٽين پيدا ڪري نٿا سگهن. مادي مڇر رت تڏھن چوسن ٿا، جڏھن آنا پيدا ڪرڻ وارا ٿين ٿا ڇوجو ھي رت انهن جي آنن کي جوڙڻ لاء پروٽين فراھم ڪري ٿو. ۽ پروٽينرت کي ڄمڻ نٿو ڏئي. جيڪڏھن اھي رت نہ چوسيندا تہ آنا جڙي نہ سگهندا نڪي انهن جي آنن مان ٻچا نڪرندا. فقط مادي مڇر انسان کي چڪ ھڻي ٿو. جڏھن مادي مڇر چمڙي ۾ چڪ ھڻي ٿي تہ چڪ ۾ رت ڀري ٿو. انهن جي چڪ ۾ گگ ھوندي آھي جيڪا چمڙي ۾ خارش ڪري ٿي ۽ نتيجي طور لڦون نڪرن ٿيون.
    مادي مڇر پنھنجي ڪاني جھڙي وات ڪانڙ Proboscis جي نوڪ سان ماڻهو جي چمڙي کي چڪ ھڻي رت ڪڍي ٿو.
    مڇرن کي انسان جي رت جو پتو حسماڻي Antenna ذريعي ٿئي ٿو. اھي حسماڻن Antennae ذريعي رت جو پتو لڳائي جسم تي پھچ حاصل ڪن ٿا. جڏھن ھڪ ڀيرو مادي مڇر ويجهو ٿئي ٿي تہ ھاڻي ھي چمڙي جي رت جي بوء ڏي مائل ٿئي ٿي ۽ چڪ ھڻي رت پيئي ٿي. ياد رکڻ کپي تہ مادي مڇر اوھان کي پنھنجي حس جي ذريعي 160 فٽن جي دوري تائين اوھان جو پتو لڳائي سگهن ٿا تہ اوھان ڪٿي آھيو؟

    مڇر کي ڪشش ڪندڙ شيون:

    ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ Carbon di oxide:
    مادي مڇر کي اسان جي جسم جي ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گئس ڪشش ڪري ٿوي. جڏھن اسان ساھ کڻڻ دوران ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ ٻاھر خارج ڪندا آھيون تہ ھي گئس مادي مڇرن جي ڪشش جو سبب بنجي ٿي ۽ انهن کي ازخود جسم ڏي ڇڪي اچي ٿي.

    جسماني ڌپ Body odor:
    انساني جسم جي ڌپ ۾ مختلف مرڪب جيئن پگهر Sweat ۔ امونيا Ammonia ۽ کيراٺو تيزاب Lactic acid ۽ پس تيزاب Uric acid ٿين ٿا جن جي ڪشش مڇرن کي ڇڪ ڪري ٿي.

    ڪپڙا Cloths:
    رنگ تحقيقداننن مطابق ڪارو ۽ خاڪي ۽ ڳاڙھو ڪپڙو مڇرن کي ڇڪ ڪري ٿو.

    گرمي ۽ جسماني ٻاڦ Heat and body vapor:
    جن ماڻهن جي جسم ۾ گرمي رھي انهن جي جسماني ٻاڦ مڇر کي پاڻ ڏي ڪشش ڪري ٿي۽ اھي ان جم جي چونڊ ڪن ٿا.

    رت جا نمونا Blood types:
    جن جو رت جو نمونو او نمونو O type يا بي نمونو B type ٿئي ٿو اھي مڇرن کي پاڻ ڏي مائل ڪن ٿا..
    گهڻو ڪري مادي مڇر جو نشانو O بلڊ گروپ وارا وڌيڪ بڻبا آهن. ان کان پوءِ بي B ۽ پوءِ اي A وارن ڇھاسي سيڪڙو ماڻھن جي جسم مان اهڙا اشارا نڪرندا آهن جن کي مڇر محسوس ڪري وٺندو آهي ۽ انهن جي رت جي گروپ جو پتو لڳائي وٺندو آهي.

    اوڪٺول Octenol:
    انساني پگهر ۽ رت ۾ اوڪٺول Octenol ٿئي ٿو جيڪو مڇر کي ڪشش ڪري ٿو تہ مڇر اچي جسم کي چڪ ھڻي. اوڪٺول ڪحل يا شراب ٿئي ٿو جيڪو مڇر کي جسم جو پتو ڏئي ٿو.
    #سوال
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو