سفر دوران الٽي ۽ چڪر اچڻ جا سبب!

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ شر نعيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 اپريل 2022۔

  1. شر نعيم

    شر نعيم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 اپريل 2022
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سفر دوران الٽي ۽ چڪر اچڻ جا سبب


    ڪجھ ماڻھن کي هلندي هلندي چڪر ايندا آهن تہ وري ڪن کي گاڏين ۾ سفر ڪرڻ دوران الٽي ايندي آهي. سفر ڪرڻ وقت چڪر اچڻ يا الٽي اچڻ جو سبب هي بہ سمجھيو ويندو آهي تہ سفر جي دوران دماغ کي جسم جي مختلف حصن منجھان متضاد معلومات ملي رهي ھوندي آهي. جڏهن اوهان پنڌ هلندا آهيو تہ اوھان جون اکيون، ٽنگون، پير، ٻانھون ۽ اوهان جي ڪنن اندر موجود توازن جو نظام سڀ دماغ کي پيغام ڏيندو آهي تہ اوھان حرڪت ۾ آهيو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن اوهان بس ۾ سفر ڪري رهيا آهيو تہ اوهان جي ڪنن جي اندر موجود توازن جو نظام دماغ کي اهو ٻڌائيندو آهي تہ اوھان حرڪت ۾ آهيو پر اوهان جون اکيون بس جي اندر هر شيء کي ساڪن ڏسنديون آهن. اوهان جو جسم دماغ کي اهو ٻڌائيندو آهي تہ اوھان هڪ سيٽ تي ويٺل آهيو يعني ساڪن آهيو، اھڙي طرح متضاد اشارن Signals سان دماغ منجهڻ لڳندو آهي ۽ معدي کي ابتيون سبتيون هدايتون موڪليندو آهي. اوهان کي چڪر ۽ الٽي Vomiting صرف ان وقت ايندي آهي جڏهن اوهان تيزي سان تبديل ٿيندڙ منظرن تي غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو. جيڪڏهن اوهان گاڏي جا پردا بند رکيو ۽ ٻاهر جي منظرن تي غور نہ ڏيو تہ نہ چڪر ايندا، نہ ئي الٽي ايندي. ڪجھ ماڻھن کي بس ۾ ڌپ جي ڪري مونجھ ٿيڻ سان بہ الٽي ايندي آهي ۽ جيڪي نوان سفر ڪندڙ ۽ سفر ڪرڻ جا عادي ناهن هوندا، انھن کي بہ الٽي ايندي آهي. اوهان کي چڪر ۽ الٽي صرف ان وقت ايندي آهي جڏهن اوهان تيزي سان تبديل ٿيندڙ منظرن تي غور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو. جيڪڏهن اوهان گاڏي جا پردا بند رکندا ۽ ٻاهر جي منظر تي غور نہ ڪندا تہ اوهان کي چڪر گهٽ ايندا. الٽي جو اصل سبب ھي آهي تہ اوھان جي نرعڪسي Retina ۽ دماغ ايتري تيزي سان تصويرن کي مرحلو ڏيئي ناهي سگھندو ۽ جڏهن اوهان جي ذهن تي زور وجھندو آهي يعني پنھنجي دماغ کي مناسب حد Optimum level کان وڌيڪ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ دماغ پنھنجي صلاحيت سان اڳتي ڪم ڪرڻ کان انڪار جي صورت ۾ اوهان جي مٿي کي چڪر ايندا آهن پوءِ اوهان الٽي اچڻ لڳندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو